سراج المومنين (قلمي): هي قلمي نسخو سڄو مختلف ديني ۽ اخلاقي ڳالهين تي مشتمل آهي ۽ اصل نسخي ۾ ان کي ’رساله نصائح‘ بہ ڄاڻايو ويو. هن ۾ اڪثر حديثن بابت ڪافي معلومات ملي ٿي. علم فقہ بابت بہ ڪافي ڄاڻ آهي. هن ڪتاب جو مصنف عبدالرسول بن يار محمد نورنگزادو آهي. ڪتاب جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي.
”ساراهيان احب کي جو حاڪم حڪيما“
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”....... في التاريخ الثاني من شھر ذي القعدة
في وقت زوال في يوم السبت 1301ھہ مع
الخير والعافية بفضل ايزدمتعالي تمام شد
الهى برآنڪس که اين خط نوشت
عفو کن گناهش عطا کن بھشت“
هي قلمي نسخو فقير حاجي احمد جو خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. 396 صفحن تي مشتمل هي ديني قلمي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.