سراھہ/ سوراھہ واھہ: هيءُ واھہ سنڌ جي سمي حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کوٽايو هو. نيرون ڪوٽ پرڳڻيءَ ۾ جبلن جو پاڻي ڍنڍ ڏانهن مڙڻ لاءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي پنھنجي وزير چاڳلا کي دولھہ دريا خان سان گڏ اهو واھہ کوٽائڻ لاءِ موڪليو. اهو واھہ کوٽجڻ کانپوءِ ان ۾ جمع ٿيل پاڻي آباديءَ لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. منڇر جو اتريون پاسو ڳاهن جي قبيلي جا ماڻهو آباد ڪندا هئا ۽ ڏاکڻو پاسو وري بوبڪ قبيلي وارا آباد ڪندا هئا. اهو واھہ سيوهڻ کان اٺٽيھہ ميل ۽ جبل کان 32 ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو.: هيءُ واھہ سنڌ جي سمي حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کوٽايو هو. نيرون ڪوٽ پرڳڻيءَ ۾ جبلن جو پاڻي ڍنڍ ڏانهن مڙڻ لاءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي پنھنجي وزير چاڳلا کي دولھہ دريا خان سان گڏ اهو واھہ کوٽائڻ لاءِ موڪليو. اهو واھہ کوٽجڻ کانپوءِ ان ۾ جمع ٿيل پاڻي آباديءَ لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. منڇر جو اتريون پاسو ڳاهن جي قبيلي جا ماڻهو آباد ڪندا هئا ۽ ڏاکڻو پاسو وري بوبڪ قبيلي وارا آباد ڪندا هئا. اهو واھہ سيوهڻ کان اٺٽيھہ ميل ۽ جبل کان 32 ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو.