سرتيون

سرتيون

سرتيون

سرتيون (رسالو): سرتيون رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان 1989ع کان شايع ٿي رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي چيئرمئن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 1989ع ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو (شھيد) کي بورڊ مان نڪرندڙ رسالن بابت رپورٽ ڏني، وزيراعظم هدايت ڪئي تہ عورتن لاءِ بہ رسالو ڪڍيو وڃي. جنهن کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي منظوريءَ سان 4 فبروري 1989ع تي گلبدن جاويد مرزا کي ان جي ايڊيٽر مقرر ڪري ٽه ماهي سرتيون جي اشاعت شروع ڪئي وئي.
سرتيون جي قيمت پهرين ٻن سالن تائين ويھہ رپيا هئي، رسالو ماهوار ٿيڻ کانپوءِ ان جي قيمت 32 رپيا ۽ پوءِ 2003ع ۾ 25 روپيا ڪئي وئي. سرتيون طرفان شايع ڪيل خاص نمبرن ۾ ڪـهاڻي نمـبـر 1995ع، شـاعري نمبـر، انٽرويو نمبر، شھيد بينظير ڀٽو نمبر ۽ بيگم نصرت ڀُٽو نمبر وغيرہ شامل آهن.


لفظ سرتيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1989.02.04  عيسوي

سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي منظوريءَ سان 4 فبروري 1989ع تي گلبدن جاويد مرزا کي ان جي ايڊيٽر مقرر ڪري ٽه ماهي سرتيون جي اشاعت شروع ڪئي وئي.



رسالا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سندر ساهتيہ
ادب
پرھہ ڦٽي1
رسالو غمٽار عرف لطائف اڪبر يعني بيربل نامو
بحرالعشق
تعليم 2
سنگت ڪهاڻي نمبر
ادا سائين
حڪمت2
پرتاب
رسالا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون