سرداري نظام

سرداري نظام: سرداري نظام سنڌ جي ڪجهه حصن ۽ بلوچستان ۾ رائج آهي. سرداري نظام سنڌ جو نج نظام ناهي، ٻين ملڪن کان آيل قومن جي ڪجهہ رواجن مان سرداري نظام بہ هڪ آهي. سنڌ ۾ بہ بلوچستان جيان ڪجهه ذاتيون اهڙيون آهن، جيڪي صدين کان باقاعدي پنھنجي قبيلي جو سردار/ اڳواڻ چونڊينديون آهن، جيڪو سلسلو گهڻوڪري ٻين سلسلن وانگر موروثي هلي ٿو. جيئن هڪ سردار جي موت کانپوءِ ان جي پڳ، ان جي پٽ (پٽ نہ هجڻ جي صورت ۾ ڀائٽي، ڀاءُ يا ويجهي رشتيدار) کي پنھنجي ذات جي سمورن چڱن، وڏڙن توڙي آسپاس جي سردارن رئيسن، وڏيرن ۽ پيرن جي موجـودگيءَ ۾ باقائدہ تقريب ڪوٺائي ٻڌرائي وڃي ٿي. جنهن کانپوءِ اهو شخص انهيءَ قبيلي جو باقائدي اڳواڻ يا سردار طور سڃاڻجي ٿو ۽ پنھنجي ذات جي ماڻهن جي سمورن حقن کان وٺي ننڍن وڏن مسئلن جي حل لاءِ انهن جـي سرپرستـي پڻ ان جي ذمي ٿـي وڃي ٿي. سـندس ذات جا ماڻهـو جهيڙي يا ڪنهن ٻي ناانصافيءَ واري مسئلي يا نبيري لاءِ وٽس وڃن ٿا ۽ انهن سان انصاف يا ناانصافين وارا معاملا يا فيصلا سردار تي ڇڏيل هوندا آهن. اهي معاملا سردار ترت نبيري ڇڏيندو آهي. نبيري دوران جيـڪـڏهن ڪـنهن ڌُر تـي ڏوھہ ثـابت ٿئـي ٿو تہ ان تي ڏنڊ ڏوھہ رکي، متاثر ڌر کي معاوضي طور يا منٿ ميڙ ذريعي راضي ڪري وٺندا آهن، جيئن ڪو خون خرابو وغيرہ ٿيڻ جهڙيون حالتون پيدا نہ ٿين.
سرداري سنڀالڻ جو مقصد اهوئي هوندو آهي تہ پنھنجي قبيلي کي متحد رکڻ ۽ انهن کي انتشار کان بچائڻ.
سنڌ جي ڪجهه ذاتين جي اڳواڻن کي ارباب، ملڪ، وڏيرو، سردار ۽ راڻي جي لقب سان سڏيو ويندو آهي.
هن وقت بہ ملڪ جي اڪثر قبائلي علائقن توڙي سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي اثر وارن علائقن ۾ عام چونڊن يا ٻين اهڙن اهم فيصلن ۾ ڪنهن پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ وارو فيصلو سردار تي ڇڏيل هوندو آهي. هو جنهن بہ ڌر جي حمايت ڪندو، سندس ذات جا ماڻهو خاموشيءَ سان ان جو فيصلو قبول ڪندا ۽ انهن ئي اصولن جي پيروي ڪندا، جن جي سندن سردار تائيد ڪندو. جيستائين سردار حال حيات هوندو، تيستائين انهيءَ قبيلي جي سموري نگراني، راڄ ڀاڳ سان روش، توڙي قبيلي جي اندروني معاملن جي مداخلت وغيرہ جو حق وٽس ئي هوندو ۽ کانئس پوءِ ان جي اولاد مان جيڪو بہ سرداري سنڀالڻ جي قابل هوندو آهي اُن کي پڳ ٻڌائبي آهي. خاص طور تي وڏو پٽ انهيءَ جو حقدار هوندو آهي، پر جديد تعليم ۽ سماجي سجاڳيءَ سبب هاڻي اڪثر ماڻهو پنھنجي راءِ جو حق رکن ٿا. (وڌيڪ ڏسو: جاگيرداري نظام، جلد ٽيون).


لفظ سرداري نظامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو