سردار احمد شاهه لڪياري

سردار احمد شاهه لڪياري

سردار احمد شاھہ لڪياري

سردار احمد شاھہ لڪياري: احمد شاھہ لڪياري'>سردار احمد شاھہ لڪياري 1922ع ڌاري سيد بقادار شاھہ جي حويليءَ ۾ جنم ورتو، شاھہ صدر علي مڪي سندس ڏادو هو. هي پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٻہ ڀينرون هئا، پر هي سڀني کان سادو ۽ ماٺيڻو هو. سردار علي شاھہ جي پيدائش کانپوءِ 5 سال سندس زبان بند هئي ۽ ماڻهو کيس گونگو سڏيندا هئا، پر سندس والدہ هن لاءِ دعائون گهرندي هئي ۽ پوءِ انهن دعائن جي اثر سان هي بهتر ٿيڻ لڳو. سندس وڏا ڀائر کانئس الڳ هئا، پر پاڻ والدين سان گڏ رهي انهن جي دل و جان سان خدمت ڪيائين. پاڻ پنج درجا پرائمري پڙهيو، جنهن کانپوءِ مال چارڻ شروع ڪيائين ۽ بعد ۾ ٻني ٻارو سنڀالڻ لڳو. هو اڪثر ڪري هر ڪنهن کي سچ منهن تي چئي ڏيندو هو. پاڻ هڪ هندوءَ سان گڏ رهڻ لڳو، ٺاڪر ڏنو مل نالي اهو هندو تمام سادو ماڻهو هو ۽ تصوف سان سندس لڳاءُ هو. سردار شاھہ ان هندوءَ سان گڏ راتين جون راتيون ڪچهريون ڪندو هو. 1940ع کانپوءِ سندس لاڙو شاعريءَ طرف ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ حڪمت بہ سکڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد ڊاڪٽر خدا ڏني عباسي ۽ ڊاڪٽر منگهارام ميرچنداڻيءَ جي مدد سان انگريزي دوائن جي ڏيتي ليتي ۽ استعمال بہ سمجهي ورتائين، ان کانپوءِ حڪمت ۽ شاعري گڏوگڏ هلنديون رهيون.
سردار احمد شاھہ لڪياري موسيقيءَ جو بہ گهڻو شوقين هوندو هو ۽ هر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ڳوٺ مھر شاھہ ۾ محفل ڪـرائيـندو هـو، جـنهـن ۾ فقـيـر فـقـراءَ ۽ فنڪار عبد علي فقير، فقير واحد بخش خاصخيلي، مرحوم ڦوٽو زرداري، دلاور خاصخيلي، غلام جعفر زرداري، ڄام زرداري، ماسٽر محمد جمن گراڻو، ابراهيم فقير، فقير سائينداد رند، ڪريم داد رند، پيار علي جمالي، غلام علي زرداري ۽ ٻيا اچي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندي صوفياڻو راڳ چوندا هئا. سندس محبتن جو اهو ميلو اڃا تائين سندس فرزند قائم رکيو اچي ٿو.
سردار احمد شاھہ 1949ع ۾ سيد ميرل شاھہ جي گهر حيدرآباد مان شادي ڪئي، جيڪي اصل ۾ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ اميناڻيءَ جا لڪياري سادات هئا، جتي اڄ بہ سندس عزيزن جون حويليون موجود آهن.
سردار علي شاھہ لڪياري نهايت ئي سخي ۽ نيڪ انسان هوندو هو. قومپرست سياستدان جي. ايم سيد ۽ پير پاڳاري سيد شاھہ مردان شاھہ سان سندس سٺا تعلقات هئا.
سردار علي شاھہ لڪياريءَ جي شاعري سندس فرزندن سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ رسالي ’فقر و گنج لڪياري‘ جي نالي سان 2001ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن ۾ ڪلام جي ترتيب شاھہ لطيف جي رسالي وانگر رکي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو طريقت ۾ پاڻ شاھہ لطيف جو پوئلڳ هو.
سردار احمد شاھہ لڪياري 23 شوال / 10 فيبروري 1999ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھہ حيدرآباد جي اتر ۾ نيو سعيدآباد کان 2 ڪلوميٽر اڳتي سندس ڳوٺ ۾ آهي.
سندس وفات کانپوءِ سندس درگاھہ جو گادي نشين سندس فرزند محبوب علي شاھہ لڪياري، هر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ڄامشوري ۾ سندس تڪيي تي بہ محفل ڪرائيندو آهي.


لفظ سردار احمد شاھہ لڪياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1999.02.10  عيسوي

سردار احمد شاهه لڪياري 23 شوال / 10 فيبروري 1999ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي اتر ۾ نيو سعيدآباد کان 2 ڪلوميٽر اڳتي سندس ڳوٺ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ بلاول نوراني
ضياء الدين ضياء
احمد ميمڻ
تاج الدين بن زڪريا شيخ
شازيه پتافي ڊاڪٽر
سر عبدالرشيد جسٽس
سيف ﷲ خان مگسي
چغتائي خان
زوار نقوي
تاج حيدر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون