سردار بھادر محمد بخش ’ڪوجهي‘: سردار بھادر شيخ محمد بخش ولد الاهي بخش شيخ 1891ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا ويٺل هئا، جتان سندس ڏاڏو شيخ قادر بخش لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺو. هو سنڌ جو جج ٿي آيو هو. الاهي بخش شيخ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو، هن کي پنج پٽ هئا. شيخ محمد بخش 1908ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1912ع ۾ بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. 1913ع ۾ سندس والد صاحب فوت ٿي ويو تہ گهر جون ذميواريون مٿس آيون. ان وچ ۾ سچل سرمست جي سجادہ نشين سخي قبول محمد درازيءَ جو طالب ٿيو ۽ سلسلي طريقت کان آگاھہ ٿيو. 1916ع ۾ بمبئيءَ مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين، 1917ع ۾ نوابشاھہ ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽ 1918ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز ٿي هالا ڊويزن ۾ مقرر ٿيو. سندس مخدوم صاحب هالا، پير صاحب ڀٽ شاھہ ۽ مٽياريءَ وارن پيرن ساداتن سان دوستاڻا ناتا هئا.
سردار بھادر محمد بخش سنڌ جي مختلف جاين تي نوڪري ڪـئي، 1932ع ۾ ميرپورخاص ۽ 1933ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جو پرسنل اسسٽنٽ مقرر ٿيو. 1938ع ۾ ترقي ماڻي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو، جتان 1946ع ۾ رٽائر ٿيو. ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ کيس ’سردار بھادر‘ جو خطاب مليو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن سماجي ۽ تـعليـمي ڪمن ۾ دلچسپي ورتي، قوم ۽ وطن جي خدمت ڪيائـيـن. هن ’انجمن حمايت الاسلام‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي ماتحت هينئر ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن. هن 1956ع ۾ شڪارپور ۾ ’سچل سرمست آرٽس ڪاليج‘ جو بنياد ۽ 1959ع ۾ ’ڪامرس ڪاليج‘ جو بنياد وڌو.
سردار بھادر خان کي پنھنجي مرشد سخي قبول محمد درازيءَ سان بي پناھہ محبت هئي، مرشد جي بہ مٿس شفقت جي نظر هئي، جنهن پيار منجهان مٿس ’ڪوجهي فقير‘ نالو رکيو ۽ کيس خليفو بہ ڪيائين. هي مرشد جي محبت ۾ ڳائڻ وڄائڻ سکيو ۽ پڇاڙيءَ تائين درگاھہ تي چونڪي ڏيندو رهيو. سردار بھادر محمد بخش ’ڪوجهي‘ سٺو شاعر بہ هو. هن سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيو آهي. سندس شاعري ’ڪوجهيءَ جو ڪلام‘ نالي سان ڇپيل آهي. سندس گهڻو شعر مدحيه آهي ۽ نعتيه ڪلام بہ چيو اٿائين. سندس ڪلام سادو هجڻ جي باوجود منجهس رس رچاءُ بہ آهي.
هن 24 سيپٽمبر 1959ع تي وفات ڪئي، سندس تربت سچل سرمست ڪاليج شڪارپور ۾ آهي.
1959.09.24 عيسوي
سردار بهادر شيخ محمد بخش ولد الاهي بخش شيخ 1891ع ڌاري پيدا ٿيو.هن 24 سيپٽمبر 1959ع تي وفات ڪئي، سندس تربت سچل سرمست ڪاليج شڪارپور ۾ آهي.