
سرد جنگ
سرد جنگ (Cold War): ٻي عالمي جنگ کانپوءِ آمريڪا، ان جي اتحادين ۽ يو. ايس. ايس. آر وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ سبب هيءَ جنگ 1940ع واري ڏهاڪي جي وچ کان 1980ع جي ڏهاڪي جي آخر تائين جاري رهي. عالمي سياسي طاقت جي ٻن وڏن بلاڪن جي جهيڙي جي ڪري شديد متاثر ٿي. ٻنهي جي سياسي آئيڊيالاجيءَ ۾ بہ فرق هو. آمريڪا جمهوريت ۾ سرمائيداري نظام جو حامي هو، جڏهن تہ سوويت بلاڪ ڪميونزم سان لاڳاپيل هو. سرد جنگ دوران آمريڪا جي اهم اتحادين ۾ برطانيه، فرانس، اولھہ جرمني، جاپان ۽ ڪئناڊا وغيرہ شامل هئا، جڏهن تہ سوويت بلاڪ جي اوڀر يورپ جا ڪيترائي ملڪ، جن ۾ بلغاريه، چيڪو سلوواڪيه، هنگري، پولينڊ، اوڀر جرمني ۽ رومانيه وغيرہ اچي وڃن ٿا. ڪجهه عرصو ڪيوبا ۽ چين بہ سوويت يونين جا حامي رهيا. ڪنهن بہ ڌر جي حمايت نہ ڪندڙ ملڪ غيرجانبدار سمجهيا ويا.
سڀ کان پهريان آمريڪي صحافي والٽر پيمان 1947ع ۾ ان عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو ۽ ’سرد جنگ‘ جي اصطلاح کي مقبول بڻايو. هن جو مقصد هو تہ يو. ايس. ايس. آر ۽ ان جي ٻي عالمي جنگ جي اتحادين (آمريڪا، برطانيہ ۽ فرانس) وچ ۾ واسطا حقيقي جنگ کان سواءِ ئي خراب ٿي ويا. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انهن ٻنهي ڌڙن ۾ پيدا ٿيل رقابت دائمي شڪار اختيار ڪري وئي. انهن ٻنهي طرفن جي پرڏيهي پاليسين جي ايجنڊائن تي ڪنٽرول رکيو ۽ ٻہ وسيع فوجي اتحاد جوڙيا، جن ۾ هڪ ’نيٽو‘ ۽ ٻيو ’وارسا‘ وجود ۾ آيو.
سرد جنگ دوران ٻن عالمي طاقتن وچ ۾ ائٽمي هٿيارن جو مقابلو بہ شروع ٿي ويو. 1980ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ جو آخري دور آيو، جنهن جو سبب افغانستان تي سوويت جو حملو هو. صدر ريگن يو. ايس. ايس. آر کي هڪ شيطاني بادشاهت چيو ۽ هو ماسڪو ۾ پنھنجي دشمنن کي طاقت جي ٻولي سمجهائڻ لاءِ پنھنجي فوجي طاقت کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. ٻئي طرف روس بہ آمريڪا تي دهشتگرد هجڻ جا الزام لڳايا ۽ مقابلي لاءِ ميدان تي لھي آيو. سوويتن ريگن کي پنهنجو بدترين دشمن سمجهيو، جنهن سوويت نظام جي عمارت ڊاهڻ ۽ ائٽمي جنگ شروع ڪرڻ چاهي پئي. 1980ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ گورباچوف يو. ايس. ايس. آر جي حڪومت سنڀالي. گوربا چوف سوويت يونين جي ڪرندڙ ساک کي روڪڻ ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي ڪجهه ذميوارين کي گهٽ ڪرڻ چاهيو پئي. 1986ع کان 1989ع جي وچ ۾ هن سوويت پرڏيهي پاليسيءَ ۾ انقلابي تبديليون آنديون ۽ اولھہ سان ڊگهي مدي وارا ٺاھہ ڪيا. گورباچوف جي ڪوششن اوڀر-اولھہ جي واسطن کي بلڪل ئي تبديل ڪري ڇڏيو. گورباچوف ۽ ريگن 1985ع ۾ سمٽ ڳالهيون شروع ڪيون ۽ 1987ع ۾ ٻنهي هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جو ٺاھہ ڪيو. سوويت حڪومت اولھہ يورپ ۾ پنهنجون فوجون گهٽ ڪرڻ شروع ڪيون ۽ 1989ع ۾ افغانستان مان فوجي دستا واپس گهرايا. ان سال اوڀر يورپ جي ملڪن مان ڪميونسٽ حڪومتون ختم ٿيڻ لڳيون ۽ اوڀر ۽ اولھہ جرمنيءَ وچ ۾ 1961ع کان قائم ديوار برلن ڊاٿي وئي. 1990ع ۾ جرمني هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل ملڪ بڻيو. 1991ع ۾ يو. ايس. ايس. آر جو خاتمو ٿيو ۽ روس ۽ ٻيون سوويت جمهوريتون خودمختيار رياستون بڻجي اڀريون. انهن واقعن کان پهريان ئي سرد جنگ واري مقابلي بازي ۽ نظرياتي بنيادن تي جنگ ختم ٿي وئي هئي. يو. ايس. ايس. آر جي خاتمي سان سرد جنگ مڪمل طور تي ختم ٿي وئي.