
سرس
سرس: سرس ۾ ٻن قسمن جو پَسارڪو وکر اچي ٿو. جنهن مان هڪڙو آهي رال (Resin) ۽ ٻيو آهي سريش ماهي (Isinglass). هي وکر قدرتي پيدا ٿئي ٿو ۽ مختلف قسمن جي وڻن مان رس/ ڳاڙ طور حاصل ڪيو وڃي ٿو. نهرو، نيم نهرو، شفاف، نيم شفاف، شيشي جيان ٽاڪئون، ڀڙڪيدار ۽ دونهين جي ڀنڀٽ سان ٻري ٿو. الڪوهل، ايٿر ۽ هيڊرو ڪاربان ۾ ڳري وڃي ٿو پر پاڻي ۾ حل ٿي نٿو سگهي. گرم ڪرڻ سان نرم ٿي رجي پوي ٿو. مختلف قسمن جي رالن جي ڪيميائي جوڙجڪ ۾ فرق ٿئي ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي آرگنڪي تيزابن ۽ ايسٽرن (Easters) مارن جي ملاوت ٿين ٿا. عام طور تي انهن جي درجي بندي حاصل ٿيندڙ ذريعن آهر يا نهرائپ ۽ ڳرڻ جي خاصيت آهر ڪئي وڃي ٿي. پنڊ پھڻ جي صورت ۾ بہ ملي ٿو تہ ڪيترو ڇلهر وارن جيتن جي جسم مان رس طور بہ خارج ٿئي ٿو. ڪن قسمن جي قدرتي رال ۾ جن کي (Oleoresins) سڏجي. رال سان گڏ هڪ اهم تيل بہ موجود ٿئي ٿو. عام طور تي رال چيڙهالي، کونئر يا پلاسٽڪ جيان ٿئي ٿي تہ ڪن قسمن جي گهڻي سخت ۽ مزاحمت رکندڙ ٿئي ٿي جن کي گهڻي گرمي پد تي نرم ڪري سگهبو آهي. رال، وارنش، چپڙا لاک (Shellac)، لاک روغن (Lacquer) هڪ ٻجهائيندڙ وکر، کاڌن لاءِ هڪ روغن/چمڪائيندڙ مادي، ڌوپ/واس، عطر/پرفيوم، دوائن ۽ بجليءَ جي انسوليٽر طور ڪم اچي ٿو، تارن وارن سازن جھڙوڪ سارنگي ۽ وايولن جي تارن کي هڻڻ سان پيدا ٿيـندڙ آواز جو معـيار وڌي وڃي ٿو. عـنبـر (Amber) سخت ۽ پـنڊپـهـڻ ٿيـل رال آهي ۽ قـديــم وڻـن مان حــاصل ٿئي ٿو، جڏهن تہ لـوبان
(Frankincense) ۽ مُز (Myrrh) کي قديم مصر ۾ هڪ قيمتي وکر سمجهيو ويندو هو. جنهن جو قديم يونان ۾ Theophrastus ۽ روم ۾ Pliny The Elder بہ ذڪر ڪيو آهي. سريش ماهي چيڙهالي خاصيتن سبب ڪيميائي لحاظ کان هڪ ڪارائتو ۽ اهم وکر سمجهيو وڃي ٿو. لڳ لڳدار ۽ نيم شفاف مادو ٿئي ٿو، جيڪو ڪن قسمن جي مڇين جھڙوڪ: اسٽرجن (Sturgeon) ڪاڊ (Cod) ۽ هيڪ (Hake) وغيرہ جي ڦوٽن (Air- bladders) کي سڪائي حاصل ڪيو وڃي ٿو. وائين ۽ بيئر کي صاف ڪرڻ، جيلي جي هڪ ٻجهائيندڙ مادي، مختلف قسمن جي گلو ۽ سيمنٽ ۾ استعمال ٿئي ٿو.