سرسام

سرسام

سرسام

سرسام (Meningitis /Cerebritis): آڳاٽو، سرسام کي رڳو تيز بُخار جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، پر اڄ جي ميڊيڪل سائنس جي عالمن هن بيماريءَ تي تحقيق ڪري نه رڳو ايترو ٻڌايو آهي ته هيءَ بيماري دماغ جي جهلين/ پردن (Meninges) ۾ سُور ۽ سوڄ (سوزش) جي ڪري ٿئي ٿي، پر هن بيماريءَ جا قسم، ٿيڻ جا سبب ۽ ان جون علامتون به بيان ڪيون آهن، تنهن کان سواءِ انهن سڀني قسم جي سرسامن جو علاج به ٻڌايو آهي. جهليون / پردا: جهليون جيئن ته دماغ (Brain) جون ٽن قسمن جون جهليون ٿين ٿيون، هڪ ٻاهرين جهلي (Dura Matter)، (جيڪا ٻين سڀني جهلين کان وڌيڪ سخت ۽ ٿلهي ٿئي ٿي)، ٻي وچ واري جهلي (Archnoid Matter) ۽ ٽين اندرين جهلي (Pia Matter). هي ٽئي جهليون گڏجي دماغ جو تهه (Layer) ٺاهن ٿيون، جڏهن ڪجهه خاص قسم جا جيوڙا ۽ وائرس دماغ جي تنتي سرشتي (جي مرڪز)Central Nervous System ذريعي جهلين ۾ پهچن ٿا ته جهلين ۽ ان جي اوڄن (Tissues) ۾ سور ۽ سوڄ (سوزش Inflammation) ڪري وجهن ٿا، جنهنڪري سرسام (Meningitis) ٿئي ٿو. سرسام کي گردن ٽوڙ بخار پڻ چئجي ٿو. سرسام ڪهڙي به قسم جو هجي، ڪهڙي به جيوڙي ڪري ٿيو هجي، يا وائرس ڪري ٿيو هجي، هن بيماريءَ ۾ 80 سيڪڙو ٻار وٺبا آهن، جيڪڏهن هن بيماريءَ جو علاج يڪدم سُتَت نه ڪيو ويو ته ٻار جي زندگيءَ کي هر حال ۾ جوکو آهي. ٻار جي زندگيءَ جو دانُ وٺندي دير ڪا نه ڪندي آهي. (الف) بيماري ٿيڻ جا سبب (Aetiology): سرسام گهڻن قسمن جي جيوڙن (Bactrias) جي ڪري ٿي سگهي ٿو، جيئن (1) Haemophilus influenzae, (2) Meningococcal (Neisseria Mening, (Myobacterium Tuberculosis & (4) Pnemoniae Streptoc Coccus (Pneumococcus)(3) تنهن کان سواءِ گهڻن قسمن جي وائرس (Virus) جهڙوڪ: (1) Coxsackle Virus، (2) Mumps Virus ۽ (3) Lymphocytic Virus جي ڪري ٿئي ٿو، هيٺ خاص قسم جا سرسام ڏجن ٿا: (ب) سرسام ۽ انهن جون علامتون Types of Meningitis & Clinical Symptoms: (1) Meningococcal Meningitis: عام ٻوليءَ ۾ هن قسم جي سرسام کي گردن ٽوڙ بخار يعني Cerebrospinal fever (Spotted fever) سڏيندا آهن. هن قسم جو سرسام Meningococcus (Neisseria Meningitidit ) جيوڙي ڪري ٿيندو آهي. هي جيوڙو خاص ڪري صحتمند ٻار ۽ ماڻهن جي ناسن ۽ وات جي ذريعي داخل ٿئي ٿو ۽ رت جي وهڪري (Blood Stream) جي ذريعي پهريائين دماغ جي تنتي سرشتي جي مرڪز (CNS) ۾ پهچي دماغ جي جهلين ۽ اوڄن ۾سور، سوڄ، سوزش ڪري وجهي ٿو، پوءِ بيماريءَ کي هيٺ مغزي ڏوري (Spinal Cord) تائين پکيڙي ڇڏي ٿو. هيءُ جيوڙو صحتمند ٻار ۽ ماڻهوءَ ۾ به ٻن طريقن سان پهچي ٿو، هڪ ته سنئون سڌو هوا ۾ اڏامي صحتمند ٻار / ماڻهو تائين پهچي ٿو، ٻيو بيماريءَ ۾ اڳئي ورتل مريض جي ڳالهائڻ دوران ٿُڪ جي ذرڙن (Droplets) جي ذريعي سامهون واري صحتمند ٻار / ماڻهو ۾ پهچي، ان کي بيمار ڪري وجهي ٿو. ڏٺو ويو آهي ته هن قسم جي سرسام جو جيوڙو اسڪولي ٻارن ۾، شهر ۾ عام ماڻهن جي ڀيڙ (Crowd) ۾ ۽ وڏن ماڻهن، سپاهين ۾ جيڪي بيرڪن (Barraks) ۾ رهن ٿا، عام پکڙبو آهي. فوجين ۾ ته هي جيوڙو ايترو گهڻو پکڙبو آهي، جو هيءَ بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ويندي آهي. هن قسم جو سرسام سڀني قسم جي سرسامن مان وڌيڪ ٿيندو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ننڍا توڙي وڏا ٻار گهڻي ڀاڱي وٺبا آهن ۽ موت به هن سرسام جي ڪري (خاص ڪري ٻارن جو) وڌيڪ ٿيندو آهي. (الف) بيماريءَ جون پهرئين مرحلي جون (شروعاتي) علامتون: (1) مٿي جو سور (Cephalagia) (Head Ache): هن بيماريءَ جي شروعات تيز مٿي جي سور سان ٿيندي آهي. جنهن ۾ مريض سمجهندو آهي ته سندس مٿو ڦاٽي ٻه اڌ ٿي پوندو. (II)بخار(Pyreyia) (Fever) : مٿي جي سور سان گڏ مريض کي بخار ٿي پوندو آهي، جنهن جو گهڻو زور دماغ (مٿي) تي هوندو آهي. (III) دورا (Conulsion): بيماري ظاهر ٿيڻ تي Onset گهڻو ڪري ننڍن ٻارن کي دماغي دورا پوندا آهن. (IV) روشنيءَ جو خوف (Photophobia): مريض کي روشني ناهي وڻندي، تنهن ڪري مريض ڪوشش ڪندو آهي ته پاڻ کي روشنيءَ کان پري رکي، ڪيترن مريضن کي روشنيءَ کان ڊپ ٿيندو آهي. (V) چڙ (Irritation): جوش/ ڪاوڙ، ٿڃ پياڪ ۽ معصوم ٻار ته بيماريءَ ڪري هر وقت وِر چندا آهن ۽ وڏا ٻار (مريض) ته پنهنجي ڀرسان ماڻهو تي ڪاوڙيل ۽ جوش ۾ هوندا آهن. (VI) بي چيني (Restless): مريض کي بيقراري ٿي پوندي آهي. (VII) ڊٻڙ (Rashes): بيماري ظاهر ٿيڻ جي ٽئين ڏينهن مريض کي بدن گهڻو ڪري واڱڻائي يا ڳاڙهي رنگ جا رِپر ظاهر ٿيندا آهن. (VIII) اکيون اٿڻ (Conjuctivitis): اکين ۾ سور ۽ سوڄ ٿيندي آهي، (اکيون اٿي پونديون آهن) (IX) دل ڪچي ٿيڻ (Nausea): مريض جي دل ڪـچـي ٿيـندي آهـي، وات ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي، اٻڙڪا ايندا آهن، جنهنڪري اوڪارا ايندا آهن. هنيون بٽال ٿيندو آهي. (X) الٽي (Vomiting): الٽي ايندي آهي. (XI) بک نه لڳڻ (Anorexia): بک مري ويندي آهي. (XII) سستي (Lethargy): مريض کي سستي (ڪاهلي) ٿي پوندي آهي ۽ آخر ۾ مريض نستو ٿي پوندو آهي. (ب) بيماريءَ جي ٻئي (مهلڪ) مرحلي جون علامتون: (I) مٿي جو سور (Head Ache): مٿي جو سور تڪڙو وڌي زور وٺي ويندو آهي، جيڪو مٿي سان گڏ هيٺ ڳچيءَ، پٺاڙن ۽ لڱن ۾ پکڙجي ويندو آهي. (II) بخار (Fever): بخار جو زور دماغ تي وڌي ويندو آهي، جنهن جو سبب رت جي دوري جو زور دماغ (Hyperemia) تي وڌي ويندو آهي، تنهنڪري مريض جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، چڙ ٿي پوندي اٿس، بخار وڌي وڃڻ ڪري جابوليندو آهي، مريض جون اکيون ڇِت ۾ کپي وينديون آهن. دماغ تي گهڻو بخار چڙهي وڃڻ ڪري (نازڪ حالت ۾) مريض خاص ڪري ٻار ٽنگ ٻانهن هڻندو آهي. (III) ڪنڌ آڪڙجڻ (Neckregidity): مريض (خاص ڪري ٻارُ) ڳچيءَ (ڪنڌ) جي سختيءَ (آڪڙ) جي دانهن ڪندو آهي. جنهن ڪري مريض جي کاڏيءَ (Chin) هيٺ سيني تائين مُڙي ڪا نه سگهندي آهي. مريض جي ڳچي اهڙي ته سخت ٿي آڪڙجي پوندو آهي جو هنڌ تان اٿڻ وقت ڳچي سڌي شيخ ٿي ڍڍِرَ سان مٿي ٿيندي آهي. ڪن حالتن ۾ ڳاٽو پوئتي يا هڪ پاسي مڙي ويندو آهي. (هن بيماريءَ جي هيءَ خاص علامت/ نشاني آهي) (IV) سِيٽجڻ (Kerings Sign): گوڏي (ران) جي وڏي مشڪ (Hamstring Muscle) جيڪڏهن سيٽجي وڃي ته اها مٿي پيٽ ڏي ڇڪبي ويندي آهي، جنهن کي سڌو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. ڪن حالتن ۾ هڪ ٽنگ اندر پيٽ ڏي مڙي ويندي آهي ته ٻي ٽنگ مڙي ڪا نه سگهندي آهي ۽ سڌي شيخ ٿي ويندي آهي. (V) پيشاب جي سرشتي ۾ خرابي (Adrenal Failure): بُڪين (Kidneys) جي ٻاهرين پوش پردي (Adrenal Cortex) ۾ رت ڀرجي وڃڻ ڪري (جيڪا بيماريءَ جي نازڪ حالت ۾ اَوَسَ ٿيندي آهي) بُڪين جا غَدودَ Adrenal Glands پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، جنهن ڪري بڪين ۾ ڪيميائي عمل ٿي ناهي سگهندو. (2) Pneumococcal Meningitis: هن قسم جو سرسام Pneumoniaestreptococcus (Pneumococcus) جيوڙي جي ڪري ٿئي ٿو. هيءُ جيوڙو نڪ کان داخل ٿي نڙيءَ تائين پهچي ٿو، جتان رت جي وهڪري (Blood Stream) جي ذريعي دماغ جي تنتي سرشتي مرڪز (CNS) ۾ پهچي، دماغ جي جهلين ۽ ان جي اوڄن ۾ سور سوڄ (سوزش) ڪري وجهي ٿو. هن قسم جو سرسام ٿڃ پياڪ ٻارن ۽ معصوم ٻارن ۾ گهڻو ڪري پنهنجي گهر ۾ اڳي ئي هن بيماريءَ ۾ورتل گهر ڀاتيءَ مان منتقل ٿيندو آهي. تنهن کان سواءِ هن قسم جي سرسام ٿيڻ جا ٻيا به ڪيترائي واڌو سبب آهن، جيئن ڦڦڙن ۽ ساهه جون بيماريون، ڪن ۽ نڪ جون بيماريون، تريءَ جي وڍَ ٽُڪ (Spleenectomy) کان پوءِ، يا هڏن جي مُک جي مٽاسٽا ڪرڻ (Bone Marrow Transplant) جي ڪري ٿئي ٿو. بيماريءَ جون علامتون: هن بيماريءَ جون لڳ ڀڳ اهي ساڳيون علامتون آهن، جيڪي مٿي گردن ٽوڙ بخار ۾ ڏنيون ويون آهن، سواءِ جسم تي رٻڙ (Rashes) ظاهر ٿيڻ جي. (هن قسم جي سرسام ۾ مريض کي گردن ٽوڙ بخار وانگي جسم تي رپڙ ناهن نڪرندا). (3) Tuberculus Meningitis: هن قسم جو مهلڪ سرسام (Myobacterium Tuberculosis) جيوڙي جي ڪري ٿيندو آهي، جيڪو جيوڙو بنيادي طرح ڦڦڙن ۾ سلهه ڪرڻ کان پوءِ پکڙبو آهي، تنهن کان سواءِ هي جيوڙو لعابي غدودن (Lymphatic Glands)، هڏن ۽ سنڌن ۾ سلهه ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن وقت به رت جي وهڪري ۾ داخل ٿي دماغ جي تنتي سرشتي تائين پهچي دماغ جي پردن ۽ ان جي اوڄن ۾ پهچي سور، سوڄ (سوزش) ڪري وجهندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن قسم جو سرسام ٿيندو آهي. بيماريءَ جون علامتون: جڏهن ننڍن ٻارن کي هن قسم جو سرسام نسرندو آهي ته پهريائين مائٽن کي اهو محسوس ٿيندو آهي ته ٻار نستو (ساڻو) ٿي ويندو آهي، کيڏڻ ڇڏي ڏيندو آهي، وڃي کٽ وٺندو آهي. راند ۽ رانديڪن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏيندو آهي، ليٽڻ پسند ڪندو آهي، ڪنهن جو ڳالهائڻ ڪو نه وڻندو اٿس، (ٿڃ پياڪ ٻارَ ماءُ يا مائٽن جي کڻڻ تي ورچندا ۽ روئندا آهن) چيڙاڪ ٿي پوندا آهن، بک مري ويندي آهي ۽ قبضي (Constipation) ٿي پوندي آهي. ٽن هفتن کان پوءِ مٿي ۾ سور ۽ بخار ظاهر ٿيندو آهي، انهيءَ کان پوءِ ڏسندي ڏسندي مريض (ٻار) ۾ بيماريءَ جون اهي سڀئي علامتون تڪڙيون ظاهر ٿينديون آهن، جيڪي مٿي گردن ٽوڙ بخارَ واري حصي (مهلڪ مرحلي) ۾ ڏنيون ويون آهن. ائين وڏن ماڻهن (مريضن) ۾ هن قسم جي سرسام ۾ بيماريءَ جون علامتون مختلف ۽ وڌيڪ خطرناڪ هونديون آهن. وڏن مريضن (ماڻهن) ۾ بيماريءَ جون سڀئي اهي ساڳيون علامتون هونديون آهن، جيڪي گردن ٽوڙ بخار جي ٻنهي مرحلن ۾ ڏنيون ويون آهن، سواءِ مريض کي الٽي اچڻ جي. جڏهن وڏي مريض ۾ بيماريءَ جون ڀرپور علامتون ظاهر ٿينديون آهن ته اهي بيماريءَ جون خطري واريون علامتون ٿي ظاهر ٿينديون آهن، بخار جيڪو سلهه جي مريض ۾ سدائين معمولي هوندو آهي، اهو 37°C (99°F کان 100°F) کان به مٿي وڌي ويندو آهي، ڪنهن به قسم جون دماغي بيماريون منهن ڪڍنديون آهن، گڏ اڌ رنگ جون علامتون به ظاهر ٿينديون آهن. آخر ۾ خاطر خواه علاج نه هئڻ يا علاج جي اثر کان بيماري وڌي وڃڻ ڪري مريض جي دماغ جي پردن / جهلين ۾ پاڻي ڀرجي ويندو (Hydrocephalus) آهي ۽ مريض غشيءَ (Coma) ۾ هليو ويندو آهي، جنهنڪري مريض جي بچڻ جو امڪان گهٽجي ويندو آهي، ڪو معجزو ئي مريض کي بچائي سگهي ٿو. (4) Viral Meningitis): دماغ جي تنتي سرشتي (CNS) ۾ مختلف قسم جا وائرس، جيئن: (1) Coxsaekle Viruses، (2) Mumps Viruses ۽ (3) Lymphotic Viruses وغيره پهچي دماغ جي جهلين/ پردن (Meninges) ۽ اوڄن (Tissues) ۾ بي قرار ڪرڻ وارو سور، سوڄ (ساڙو- سوزش) ڪري سرسام ڪري وجهندا آهن. هن قسم جا وائرس سنئون سڌو رت جي وهڪري يا تنتي سرشتي جي ڪنهن به رستي ذريعي گهٽ، پر خاص ڪري کاڌي جي ناليءَ (Alimentary Track) ساهه جي ناليءَ (Respiratory Tract) ذريعي روڳي جاءِ کان رت جي وهڪري ذريعي دماغ جي تنتي سرشتي (مرڪز) ۽ اوڄن ۾ پهچي سور سوڄ (سوزش) ڪرڻ کان پوءِ سرسام ڪري وجهندا آهن. بيماريءَ جون علامتون: هن قسم جي سرسام ۾ به بيماريءَ جون اهي ساڳيون علامتون آهن، جيڪي گردن ٽوڙ بخار جي ٻنهي مرحلن ۾ ڏنيون ويون آهن. واڌو هن قسم جي سرسام ۾ مريض کي پيٽ ۾ سور (Colic) ٿيندو آهي.


لفظ سرسامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو