
سرسوتي
سرسوتي: سرسوتيءَ جي معنيٰ آهي ’علم جي ڌارا‘. هي هڪ ديويءَ جو نالو آهي، جيڪا برهما جي زال آهي، جنهن کي هندو ڌرم ۾ شڪتيءَ واري ديوي بہ چوندا آهن. هن کي سڀني علمن ۽ فن جي موجد سمجهيو ويندو آهي، جن ۾ ڄاڻ، موسيقي، آرٽ ۽ سائنس شامل آهن. هن کي سارڌا، ڀڳوتي، مهامائي، پشتڪا ڌارڻي، واڻي ۽ ورڌا نياگي بہ چيو ويندو آهي. هن جي نالي تي هڪ نديءَ جو نالو بہ آهي، جيڪا الھہ آباد کان شروع ٿئي ٿي ۽ ٿر جي واريءَ ۾ غائب ٿي وڃي ٿي.
جڏهن رگ ويد جا سلوڪ لکيا پئي ويا تہ آريائي ثقافت جي ڌيان جو مرڪز جمنا (يمنا)، ستلج (ستودري) موجودہ اميالا ۽ سرسوتي نديءَ/ درياھہ جي اوڀارئين وهڪري تي هو. اها ندي هاڻي ظاهر ناهي ۽ راجسٿان جي رڻ پٽ ۾ گم ٿيل آهي، پر اها پوءِ ويڪري پيٽ ۾ زوردار ٿي وڃي ٿي ۽ ستلج جي وهڪري سان سنڌو درياھہ سان وڃي ملي ٿي. ويدن جي شاعرن هماليہ کي ڄاتو ٿي، پر جمنا جي ڏکڻ واري زمين کان ناواقف هئا، تنهنڪري انهن ونڌيا جو ذڪر نہ ڪيو. اوڀر ۾ آريا جمنا کان اڳتي وڌيا ۽ گنگا جو ذڪر دير سان پوءِ جي لکيل سلوڪن ۾ آيو آهي.
گنگا کي بہ جمنا وانگر ديوي مڃيو وڃي ٿو، سرسوتي زمين جي اندرئين تھہ ۾ هڪ طبعي تبديليءَ جي ڪري، چنبل نديءَ جي صورت ۾ وهندي وڃي پرياگ (الھہ آباد) واري هنڌ تي گنگا سان گڏ ٿيندي هئي، جيڪا هاڻي جمنا سڏجي ٿي.
ويدن ۾ سرسوتيءَ لاءِ ڄاڻايل آهي تہ شروع ۾ اها هڪ ندي هئي، پر سلوڪن ۾ ندي ۽ ديوي ڄاڻايل آهي. سرسوتي ندي ڀرماورت جي هڪ سرحد آهي. هي آرين جو اوائلي گهر هو، جيڪو سندن لاءِ مقدس هو. جيئن گنگا ڊگهي عرصي تائين سندن پونيرن جو ٿاڪ هو. هن نديءَ جي پاڻيءَ کي ديوي سرسوتيءَ جي حيثيت سان پاڪ ڪندڙ ۽ زرخيز بنائيندڙ سمجهيو ويندو آهي. رگ ويد ۾ ڪٿي بہ ديويءَ جي حيثيت سان اهڙو ذڪر نہ آهي، پر برهمڻن ۽ مهاڀارت ۾ ائين مڃيو ويندو آهي. ڊاڪٽر معيد سندس خوبين جي تفصيل کي ڳڻايو آهي، هو چوي ٿو، ”جڏهن ندي هڪ ڀيرو خدائي ڪردار کي حاصل ڪري ورتو تہ پوءِ اهو فطري آهي تہ کيس مقدس سمجهيو ويو، سندس سرپرستي ڪئي وڃي. پوئين وقتن ۾ سرسوتي برهما جي زال، ڳالهائڻ ۽ ڄاڻ جي ديوي، سنسڪرت ٻولي ۽ ديوناگري اکرن جي کوجيندڙ ڪلائن ۽ سائنس جي سرپرست آهي.“
رگ ويد جو مترجم پروفيسر ايڇ. ايڇ. ويلسن چوي ٿو ته، ”بنگال جي ويشڻو مت ۾ اها ڳالھہ عام آهي تہ وشنو جون ٽي زالون هيون: لڪشمي، گنگا ۽ سرسوتي. پر پوءِ وشنو، لڪشميءَ سان گڏ رهڻ پسند ڪيو ۽ سرسوتي، برهما کي ڏني ۽ گنگا، ڪرشن کي ڏني.“ عورتون هن ڳالھہ کي نٿيون مڃين يا ان سان سهمت ناهن. رگ ويد ۾ چيو ويو آهي ته، ”سرسوتي جبلن کان وٺي سمنڊ تائين مقدس آهي.“ سرسوتي ديويءَ کي تمام خوبصورت ۽ ذهين مڃيو ويو آهي. ان ڪري کيس اڇي رنگ ۾ جوڙيو ويندو آهي. کيس چار هٿ ڏيکاريا ويندا آهن. سندس هڪ هٿ ۾ ڪتاب، هڪ هٿ ۾ ستار ۽ هڪ هٿ ۾ هنج پکي آهي ۽ کيس ڪنول جي گل تي ويهاريل ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تہ هوءَ علم جي روشني ڦهلائيندڙ آهي. مهاڀارت ۾ لکيل آهي تہ سرسوتي، اتٿاسيه رشيءَ جي پاراتي سبب سُڪي وئي.