سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي

سرسوتي ندي (Saraswati River): آڳاٽي دؤر جي ’سپت سنڌو‘ يا ستن درياهن/ ندين مان هڪ ندي. هيءَ ندي قديم سنڌو لوڪن جي ابتدائي زماني ۾ موجود هئي، پر پوي اها سُڪي وئي. هيءَ ندي، ننڍي کنڊ جي آريا سماجي مذهب سان واسطيدار لوڪن وٽ هڪ اهم ۽ وڏي مقدس ندي رهي آهي، جنهن جو ذڪر مقدس ويدن، پراڻن، مهاڀارت ۽ منو سمرتيءَ ۾ آيل آهي. هي رگويدي ندي(Rigvedic River)، قديم جمنا (Jamuna) جي اولهه طرف ستلج (Satlej) جي وچ ۾ وهندي هئي. مهاڀارت (Mahabharta) ۾ ڄاڻايل آهي ته سرسوتي ندي برپٽ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، يعني ان دؤر (1000- 1300 ق. م) ۾ هيءَ ندي هڪ برپٽائون ڊيلٽا (inland delta) جوڙيندي هئي. اها ان جي تمام آڳاٽي شڪل چئي سگهجي ٿي، جيڪا 10 هزار ورهيه اڳ، قديم برفاني/ ٿڌي دؤر (The Great Ice age) جي گهڻ روپي دؤر (Pleistocene era) جي ابتدا ۾ يا ان کان به اڳ وجود ۾ آئي هوندي، ان کان پوءِ هي ندي ٻين سپت- سنڌوءَ وارن درياهن- قديم جمنا، ستلج ۽ سنڌوءَ سان گڏ وهندي ’سنڌوءَ جي نار‘ (Gulf of Indus) وسيلي ’عربي سمنڊ‘ (Arabian Ocean) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هي نار، ان زماني ۾ ڪڇ جي ڊيلٽائي پٽن سان لڳو لڳ هوندو هو. ان ريت آڳاٽو ۽ پهريون سنڌو نار (Indus Gulf)، ڪڇ وارو نار ئي چئي سگهجي ٿو.
سرسوتي هڪ ديومالائي ندي (Mythology of Saraswati): هندو ڌرم ۾ سرسوتيءَ کي جيڪا هڪ ديوي سڏيو ويو آهي. دنيا ۾ ’ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي ديويءَ‘ (Goddess of Wisdom and Knowledge) طور مشهور آهي. هيءَ ديوي اڇو ويس اوڍي ۽ اڇي ڪنول جو گل هٿ ۾ جهلي، درياهه جي ڪنڌيءَ ويڻا وڄائيندي ڏيکاريل آهي، جنهن جي آڏو هڪ اڇو هنج (Swan) موجود آهي، سندن پويان کنڀ کنڊيري مور نچي پيو، جيڪو سندس سواري پڻ آهي. مس ڪپڙي (inkpot)، قلم (pen) ۽ ڪتاب سندس اهڃاڻ (symbol) آهن. ان ريت سرسوتي، علم جو امرت ۽ چڱائيءَ جو مکيه اهڃاڻ آهي. هوءَ آڳاٽن سنڌو لوڪن جي ٻاجهاري ديوي: رقص، راڳ ۽ موسيقيءَ جي لاڏي شِوَ (Lord Shiva) ۽ درگا ديـويءَ (Goddess Durga) جي لائـق ڌيءُ سڏي وئي آهي. هـوءَ ٻـڌمـت جي 64 يوگـنيــن (جـوڳـڻيـن) مـان هـڪ اهــم يـوگـڻ سـڏجـي ٿـي. ٻـوڌي چترڪاريءَ (Icongraphy) ۾ هوءَ منجـوسـري
(Manjushri = عقل جي ديوتا) سان ويٺل آهي. رگ ويد ۾ سرسوتيءَ کي بهترين ماءُ (Ambitame)، اعليٰ ندي (Naditame) ۽ اتم ديوي (Devitame) جي سهڻن نالن سان به ڪوٺيو ويو آهي.
رگ ويد ۾ هڪ رشي سنڌوءَ جي ساراهه (اُستتي) ڪندي سرسوتي ۽ ٻين درياهن بابت هيئن چوي ٿو:
”اي سنڌو پهريان تون ترشتما (Trishtama) سان گڏ وهين ٿي،
پوءِ سسرتو (Sasartu)، رسا (Rasa)، سويتي (Saweti)، ڪڀا (Cabha)، گومتي (Gumati)،
ميهتنو (Mehatnu) ۽ ڪرمو (Kurmu) سان گڏجي وهين ٿي.
(هتي سسرتو نديءَ جو مطلب سرسوتي ئي آهي.)
سرسوتي نديءَ جو ذڪر رگ ويد جي چوٿين منڊل کان سواءِ ٻين منڊلن ۾ به ملي ٿو، جن ۾ خاص طور 6.61، 7.95 ۽ 7.96 اهم آهن.
رگ ويد ۾ سرسوتيءَ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. ان کي ’امبي تما‘ (بهترين ماءُ)، ’ندي تما‘ (بهترين ندي) ۽ ’ديوي تما‘ (بهترين ديوي) چيو ويو آهي، پر ڪن ڀڄنن ۾ وري سنڌو نديءَ کي سرسوتيءَ کان اهم سڏيو ويو آهي. جيئن ’ندي استتي‘ ۾. رگ ويد جي منڊل 8.26.18 ۾ ’سونهري ڦيٿن تي وهندڙ سفيد سنڌو‘ کي سڀني کان وڌيڪ پرڪشش ندي سڏيو ويو آهي.
رگ ويد منڊل 7.95.2 ۽ ڪن ٻين ۾ سرسوتيءَ کي کير ۽ گيهه اوتيندڙ ندي به ڪوٺيو ويو آهي ۽ منڊل 7.95 ۾ کيس سمنڊ ڏانهن وهندڙ سڏيو ويو آهي، جيڪا پنهنجي تيز وهڪري سان اچي ٿي ۽ اتان جي واسين لاءِ دفاع ۽ لوهي قلعي وانگر آهي. اها جبلن کان سمنڊ تائين پنهنجو سڌو رستو وٺي وهي ٿي. باقي ٻين هنڌن تي گهڻو ڪري لفظ ’سرسوتي‘ نديءَ لاءِ نه، پر ديويءَ لاءِ ڪم آندو ويو آهي.
رگ ويد جو ’ندي استتي سُڪتا‘ نالي شلوڪ ڌار ڌار اهم ندين جا نالا اوڀر کان اولهه تائين هن ترتيب سان بيان ڪري ٿو. گنگا، جمنا، سرسوتي، ستلج، راوي ۽ سنڌو- يعني اها ندي، جمنا ۽ ستلج جي وچ ۾ ڄاڻايل آهي، جيڪا سڃاڻپ گهگهر نديءَ سان ٺهڪي اچي ٿي.
رگ ويد ۾ پنجن قبيلن جو ذڪر اچي ٿو، جن ۾ ’پروَتاس‘ ۽ ’پُروس‘ سان گڏ اهو به لکيل آهي ته ان جي ڪنارن تي ننڍا ننڍا راجا به رهندا هئا، جن ۾ صرف ’سترا‘ وڏو راجا هو، باقي ’راجڪا‘ (ننڍا راجا) هئا.
سرسوتيءَ جو ذڪر رگويد جي پهرئين ۽ ڏهين منڊل ۾ شامل 13 شلوڪن ۾ ٿيل آهي، جن ۾ ’سنڌو‘، ’سرسوتي‘ ۽ ’سارايو‘ کي وڏيون نديون سڏيو ويو آهي. باقي ٻين هنڌن تي هي ديويءَ طور بيان ٿيل آهي.
هندستان جي حدن ۾ گهگهر ندي ۽ پاڪستان جي حدن ۾ هاڪڙي درياهه جي تسلسل کي اڪثر ماهرن انهيءَ سرسوتي نديءَ سان منسوب ڪيو آهي، جيڪا هاڻي گم ٿي وئي آهي ۽ اها شايد ڪڇ جي رڻ وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. اڪثر ماهر ان راءِ جا آهن ته هي ندي اُن ڪري سُڪي وئي، جو اُن جون ڀرتي ڪندڙ اڪثر ٻيون نديون سنڌوءَ جون ڀرتي ڪندڙ بنجي ويون هيون.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا ڪيترا ماڳ هاڪڙي درياهه جي آڳاٽي وهڪري جي ڪنارن تي لڌا ويا آهن، جن جي قدامت کي ٽين يا چوٿين هزاري ق. م سان لاڳاپيو ويو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان دؤر ۾ هيءَ ندي اتان وهندي هوندي. سنڌ ۾ ’ناري‘ لاءِ ۽ ڪڇ ۾ ان جي سڪل پيٽ لاءِ اڃا به ڪي روايتون، هاڪڙي کي ’سرسوتيءَ‘ سان ڳنڍين ٿيون. تازو، 20 جنوري 2001ع ۾ ڪڇ ۾ آيل زلزلي سبب زير زمين دٻجي ويل ’سرسوتيءَ‘ جو وهڪرو مٿي اُڀري آيو هو.
مهاڀارت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرسوتي، رڻ ۾ سُڪي وئي هئي (جنهن رڻ کي ’وناسن‘ ۽ ’ادرسن‘ به سڏيو ويو آهي) ۽ اُن جي سُڪڻ جو ڪارڻ اهو ٻُڌايو ويو آهي ته جيئن ’اڀير‘ ۽ ’نشادس‘ اُن کي نه ڏسي سگهن. ان ۾ هڪڙو حوالو هن ريت آهي ته ”ڪُروکيتر، سرسوتي نديءَ جي ڏکڻ ۾ ۽ درشدوتي نديءَ جي اتر ۾ آهي.“ مهاڀارت جي ’سڀا پرون‘ باب (جي 2.29.8) ۾ لکيل آهي ته نڪولا، شودرا ۽ اڀيرا تي فتح حاصل ڪئي، جيڪي سرسوتيءَ جي ڪناري تي سنڌو نديءَ ويجهو رهندا هئا.“
هن نديءَ لاءِ رگ ويد ۾ آهي ته:
هن جو وهڪرو ائين آهي، ڄڻ ته ڪو رٿ پيو اچي، جيڪو ٻين سمورن پاڻين کان شان ۽ قوت ۾ وڌيڪ آهي.
جبلن کان سمنڊ تائين پنهنجي نج وهڪري سان سرسوتي سڃاتي وڃي ٿي.
نهوسا راجا ۽ سموريءَ خلق لاءِ شاهوڪاري، کير ۽ سگهه مهيا ڪري ٿي.
هن نديءَ جي انهن خوبين جي ڪري، کيس ديويءَ جو روپ ڏئي پوڄيو ويو ۽ رگويد ۾ ان سرسوتي ديويءَ بابت تمام گهڻو مواد موجود آهي.
سرسوتيءَ جو علائقو (The Region of Saraswati): سرسوتي ندي (Saraswati River) سنڌ جو اڀرندو درياهه (Eastern River) هو ۽ پنهنجي ڦوهه جوانيءَ واري دؤر (1500- 10000 ق. م) ۾ اولهائين درياهه سنڌوءَ کان 20 کان 70 ميلن جي پور وڇوٽ تي وهندو هو. سرسوتي درياهه، ابتدا ۾ هماليا جي ’هرڪيدن‘ گليشيئر (Har-ki-dun Glacier) ۽ بندر پونڇ (Bander Ponch) جبلن وٽان نيتوار کان وهندو هو. ويدن واري دؤر ۾ هيءَ ندي، جمنا ۽ ستلج جو وچ ڏئي وهندي هئي. ان دؤر ۾ لوڻي ندي (Luni River)، درشدتي (Darishdvati)، جمنا (Yamuna) ۽ ستلج (Satlej) سرسوتيءَ ۾ اچي ڇوڙ ڪنديون هيون، ايڏو پاڻي کڻي وهندڙ هيءَ ندي قدرتي زميني تبديليءَ سبب اڄ وڃائجي وئي آهي ۽ پنهنجي سهيوڳي درياهن: مارڪنڊا (Markanda)، چتانگ (Chautang)، ستلج (Satlej)، بياس (Bias) ۽ سنڌوءَ(Indus) وانگر وڌيڪ وقت قائم نه رهي سگهي. هيءَ ندي 1600 ڪلوميٽرن ۾ وهندي، اوڀر- اولهه پنجاب واري ٿر سان گڏ اولهه راجسٿان، ڪڇ ۽ ڏکڻ گجرات جي ڳچ ماڳن کي آباد ڪندي هئي. ان کي ڪن هنڌن تي هاڪڙو به سڏيو ويو آهي. قديم زماني ۾ هن درياهه/ نديءَ جي ڪنارن تي 1200 کان مٿي وسنديون آباد هيون، جن جي زندگي، وڻج واپار ۽ پيٽ قوت مٿس هو.
سرسوتي ندي ’قديم سنڌو سڀيتا‘ (Ancient Indus Civilization) جُڙڻ کان گهڻو اڳ (10000- 8000 ق. م) ’سپت سنڌو‘ واري علائقي جي هڪ مُک ندي رهي آهي. سرسوتيءَ جي وهڪري جا ثبوت تونس درياهه (Tons River) کان اترپرديش جي اولهه گرهوال (West Garhwal) کان ڪڇ جي رڻ تائين مختلف هنڌن تان وارياسن طوفانن (Sand Storms) جي ڪري ميسارجي ويل وٿن کانپوءِ لڀن ٿا. هي ندي، چتانگ درياهه (Chitang River) جي اولهه طرف کان وهندي هئي. برف ۽ ٿڌ جي چوٿين دؤر گهڻ روپي زماني (Pleistocene Period) جي منڍ ۾ پُڄاڻيءَ واري وقت (10000 years ago) درياهن جي وهڪرن جي جڙڻ ۽ ڀرپور نموني روان دوان ٿيڻ دوران هيءَ ندي پاڻيءَ جو هڪ وڏو وهڪرو (سوتر = Sotra) هئي. هيءَ سدا وهندڙ ندي (Perenial River) جي حيثيت ۾ هماليائي برفاني سلسلي ’هرڪيدن برفاني گليشيئر‘ (Har-ki-dun Glacier) تمام گهڻو پاڻي کڻي، جابلو سلسلي ’بندر پونڇ‘ جي نيتوار (Natwar) وٽان وهندي ستلج (Satlej) جي سُوتر (Sotra) ڪيلاش جبل (Mountain Kelash) وٽان پاڻيءَ جو وڏو حصو کڻندي چتانگ درياهه وانگر ئي ’شواليڪ جابلو سلسلي‘ (Shivalik Mountain Range) مان نڪري ناهم ۽ ساڌو راءِ جي وچ وارين ٽڪرين مان لنگهي جابلو نئن جو ججهيرو پاڻي کڻي وهندي هئي.
چتانگ ندي به هاڪڙي/ سرسوتيءَ جي ڀرتي ڪندڙ اوڀر واري شاخ هئي، جيڪا ساڌو راءِ جي اتر کان ’شواليڪ‘ (شوا جي جبلن) مان نڪري ڪرنال (اوڀر پنجاب) کان 9 ميل اولهه طرف ڏئي اولهه ڏکڻ جو رخ وٺندي هئي. اتان جِنڊ، رام راءِ جو اولهه ۽ اولهه ڏکڻ ڏئي پوءِ هانسيءَ جو اوڀر کان ڏکڻ وارو پاسو ڏئي بيڪانير جي راڄڌاني ڀادرا کان مٽيندي، روت سر ڏئي گهڻو اڳتي وڃي گهگهر نديءَ سان ملندي هئي.
گهگهر ندي (Drishadvati River) هاڪڙي سان ملڻ کان اڳ ۾ پاڻ به ڪڏهن هڪ الڳ ندي هئي ۽ ڪهلور جي جابلو علائقي مان پاڻي کڻندي هئي. هيءَ ندي پنهنجي الڳ صورت ۾ اتر اولهه کان وهندي هئي، جتان سرسوتي ۽ چتانگ جا وهڪرا پاڻي کڻندا هئا. اتان نڪري ڀنير کان ٿيندي اولهه، اولهه ڏکڻ منهن ڪري انبالا پهچندي هئي. بعد ۾ فتح پور، ڀنيري، ڪهرام کان اڳتي اچي ساڻس ڪونسيلا ۽ پٽيل نديون اچي ملنديون هيون. اگوند ۽ سمانا کان پوءِ ڪيتريون ئي نئيون هن وهڪري سان ملي وينديون هيون. تهوانا کان هيٺ هن کي ’گاجي واءِ‘ ۽ ’پنج ند‘ به سڏيو ويندو هو. سرسوتيءَ به گهگهر نديءَ سان ملي وڃي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان ڪري سرسوتيءَ جو هنومان ڳڙهه کانپوءِ هيٺيون وهڪرو گهگهر ندي ئي هئي.
اتان کان اها وڌيڪ اولهه ڏکڻ ڏانهن لڙي، ڪئٿل، هونگ- الاچي، ڍنڍل ۽ سيرسا کان ٿيندي، ڀيراج جي ٽبي (ڀيراڄ جي ڀٽ) وٽ رسندي هئي ته ساڻس ’چوا نديءَ‘ جو پاڻي اچي ملندو هو. پوءِ ڀٽنير جو اتر ڏئي ۽ فتح پور ڀرسان وڃي هاڪڙي سان ملندي هئي. ان ريت مختلف جاين تي ڪيتريون ئي نديون ۽ نئيون: مارڪندا، تلوهي، سُويتي، گمهلا، کانڊ، ڀاڳ نهر، چوا ۽ موهڙ جو پاڻي اچي هن وهڪري ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان کانسواءِ جيسلمير کان پوءِ پوهڪرن ندي به اچي ساڻس ملندي هئي.
سرسوتي/ هاڪڙو، ستلج، چتانگ ۽ گهگهر جو پاڻي کڻي هيٺ هلندي اچي بهاولپور جي موجوده علائقي دوش- آب وٽ پهچندو هو، جتي سنڌو درياهه هن سان سنگم ڪندو هو، جنهن ۾ ڪابل، جهلم، چناب ۽ راوي ندين جو پاڻي اچي شامل ٿيندو هو.
سرسوتيءَ جو وهڪرو برپٽ واري وارياسي علائقي مان لنگهندو، هڪ ڀيرو گم ٿيڻ کانپوءِ وري اٽڪل چاليهارو کن ميلن کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو هو. ان ريت سرسوتي نديءَ جو وهڪرو اڀرندي وارياسي برپٽ ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا لِڪ لڪوٽي ڪرڻ کانپوءِ باره کيڙا (Barah Khera) وٽان ظاهر ٿيندو ۽ لاڳيتو وهندو ويندو هو. هڪ زماني ۾ هن نديءَ کي ’سک ستيءَ‘ (Sukh Satti) به سڏيو ويندو هو. سرسوتيءَ تي راورٽيءَ (Raverti) جي اڀياس موجب سرسوتي نديءَ جو وهڪرو مصطفيٰ آباد کان اڌ ڪوهه اتر ڏانهن ٿي پوءِ اولهه واري بيابان وٽان پاسو ڏئي، ٻه ڪوهه اوڀر ڏانهن وڃي ٿانيسر (Thanesor) کان اتر ڏانهن لڙي پيهوئا (Pehua) کان ڏکڻ وارو پاسو ڏئي وهندو هو. گمٿيلا (Gumthaila) جي واٽ کان ڪئٿل (Cathle) ڏانهن ويندو هو. ڪئٿل وٽ هڪ ماڳ تي سرسوتي مٿان ويجهڙائيءَ ۾ اڏيل هڪ سرن واري بُڪران پل کي اُڪري ڏسبو ته سرسوتيءَ جو وهڪرو سڌو ڏکڻ اولهه ڏانهن هو. ان زماني ۾ جڏهن آبڪلاڻيءَ ۾ سرسوتيءَ ۾ چاڙهه ايندو هو، تڏهن ڪئٿل (Cathale) جا مارو ماڻهو، پيهوئا وٽان هن نديءَ مان واهه (گهاڙ واهه) کوٽي ان ۾ آيل ساوڻيءَ جي اُٿل واري پاڻيءَ تي پوکي راهي ڪندا هئا. اهڙي ابتدائي پوکي راهيءَ جو نظام (Rudimentary Cultivation System) سموري سرسوتيءَ جي ڪنارن سان ان دؤر ۾ عام جام هوندو هو. ڪئٿل کان ’سمانا‘ جي واٽ تي ’هر مولا‘ تائين هيءَ ندي ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائجي وهندي هئي ۽ اتي جي تلن ۽ تراين ۾ ڪي ڍنڍون به جوڙيندي هئي.
سرسوتي ندي جي قديم وهڪري جا نشان اڄ به فريسمجرا (Furismajra) کان پيهوئا (Pehua) ۽ اُتان کان تهوانا (Tehwana) جي ويجهڙائيءَ کان وٺي بانهرا (Banhra) تائين گهٽ ۾ گهٽ اٺن ڪوهن تائين چٽا نظر اچن ٿا. بانهرا (Banhra) کان اٺاويهه ميل هيٺ ساڳي ڏس طرف ان جو وهڪرو اڻ چٽو آهي.
مارڪنڊا (Markanda) وٽ سرسوتيءَ جو هڪ وهڪرو شاهه آباد (Shadabad) کان ٿاسڪا (Thaska) کان ٿيندو، اولهه کان ڦيرو ڏئي ڏکڻ واري پاسي وڃي پاڻ گهگهر نديءَ جو روپ وٺندو هو. ڪجهه زماني کان پوءِ ٿاسڪا (Thaska) پهچڻ کان پهرين گهگهر نديءَ جي صورت ۾ سرسوتي وڪڙ کائي پيهوئا وٽ وڃي رسندي هئي.
هيءَ ندي ڀادرا (Bhadra) کان اولهه ڏانهن ڪجهه پنڌ تي چتانگ نديءَ (Chitang River) سان وڃي ملي ٿو. اتان کان هنن ٻنهي ندين: سرسوتي ۽ چتانگ جو گڏيل پاڻي هاڪڙي نديءَ (Hakra River) جي نالي سان هاڪاري آهي. ان ريت هڪ اڀياس موجب سرسوتيءَ جو مٿيون وهڪرو، جيڪو غوثپور (پنجاب) تائين هاڪڙي جي نالي سان آهي ۽ هيٺيون وهڪرو هنومان ڳڙهه کانپوءِ گهگهر ندي بڻجي وهي ٿو،بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن سنڌو پنهنجي 1800 کان 2000 ميلن جي سفر دوران، ’شنتو‘، ’اباسين‘، ’مهراڻ‘ ۽ ’سنڌوءَ‘ نالن سان ڪوٺجي ٿي.
هڪ ٻئي حوالي ۾ اچي ٿو ته، ”سرسوتي پنهنجي پوئين دؤر ۾ ڪمزور هئڻ واري حيثيت ۾ گهگهر ۽ ناري جي نالي سان سڃاپي وئي.“
سرسوتي نديءَ جي وهڪري ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪن درياهي علم جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته سرسوتي نديءَ ڪٿي به ڪنهن ٻي نديءَ سان نٿو ملي، پر سرسوتي پنهنجي ابتدا ۾ تونسي ندي (Tonsi River)، و چ ۾ گهگهر ندي ۽ آخر ۾ لوڻي نديءَ سان سنگم ڪري وڃي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
آڳاٽي وقت کان ئي (10000 ورهيه اڳ) سرسوتيءَ جو مٿيون وهڪرو، هاڪڙو سمورين ندين جو پاڻي کڻي وڃي بهاولپور جي وچولي علائقي دوش- آب وٽ سنڌوءَ سان ملندو هو. وڃڻوٺ وٽ هي ندي ٻه درياهي جوڙي ڪري وهندي هئي. هن جو اوڀر وارو وهڪرو- ناري جي شڪل ۾ وهندو هو ۽ قديم زماني ۾ سندس اولهه وارو وهڪرو اروڙ تائين وڃي نڪرندو هو. اتان اهو خيرپور ۽ ڪوٽڏيجيءَ وارا ماڳ وڃي آباد ڪندو هو.
دوش- آب واري وڏي ڍنڍ مان سنڌوءَ نالي هڪ ننڍو وهڪرو نڪرندو هو، جيڪو ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو ڏئي موهن جي دڙي کان ٿيندو منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان جو ٿورو پاڻي ڪشمور کان مـٿـان سـنڌوءَ مـان ڇـڄـي اروڙ وڃـي هـاڪـڙي جـي اولاهين شاخ سـان ملـندو هو.
دوش آب وٽان ئي هاڪڙي نالي سان هڪ وڏو وهڪرو اڳتي وڃي وڃڻوٺ (ونجهڙوٽ) ٻه درياهي جوڙي وهندو هو، جنهن جو ننڍو ڦاٽ وڃڻوٺ جو اولهه ڏئي اروڙ رسندو هو ۽ اتي سنڌوءَ جي ننڍي وهڪري ساڻ وڃي ملندو هو.
اروڙ وٽان ٻه وهڪرا ڦٽندا هئا، جن مان هڪ ’سنڌوءَ‘ نالي هو، جيڪو ناروءَ جي ڍوري، ڪوٽڏجي، ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻيءَ کان ٿيندو سنڌ جو وچ ڏئي برهمڻ آباد جو رخ ڪندو هو. ٻيو وهڪرو ڏکڻ، ڏکڻ- اوڀر ڏئي وهندو هو، جنهن کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو. وڃڻوٺ جي اوڀارين درياهي شاخ جو پاڻي سائدي ڳوٺ وٽ اچي هن سان گڏبو هو. اهو گڏيل وهڪرو ڪلريءَ وٽان وري ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائجي ويندو هو. انهن مان اولهه واري سنڌوءَ جي برهمڻ آباد واري وهڪري سان وڃي مـلـندو هـو ۽ اوڀـر وارو وهڪـرو وڃـي پراڻ ڍوري سان ملندو هو، جـيـڪو علي بندر کان ٿيندو ڪوري نار ۾ وڃي ڪِرندو هو.
سرسوتي/ هاڪڙي جي هڪ مندائتي ندي يا ننڍي ڇاڙهه جي حيثيت ۾ وهڻ جو ذڪر پندرهين، سترهين ۽ ارڙهين صديءَ تائين ملي ٿو، ’طبقات ناصري‘ جو مصنف لکي ٿو ته، 625 هجريءَ ۾ سلطان التمش ناصرالدين جي اُچ تي حملي کان اڳ ملڪ تاج الدين ملتان جي ونجهڙوٽ (وڃڻوٺ) جو صوبيدار هو ۽ اهو علائقو هاڪڙي تي آباد ٿيندو هو. هاڻي اهو علائقو بهاولپور جي حدن ۾ آهي. دهليءَ جي بادشاهه تغلق '>فيروز شاهه تغلق (1388- 1351ع) هاڪڙي/ سرسوتي نديءَ جي ڪناري اوڀر پنجاب ۾ ’فيروزپور‘ نالي شهر ٻَڌايو هو.
تاريخ بدايونيءَ‘ جو مصنف عبدالقادر بدايوني لکي ٿو ته سلطان فيروز تغلق هڪ ٽڪريءَ جي گهاڙ ۾ پکڙيل پاڻيءَ کي، ٽڪريءَ جي هڪ پاسي کان ٽڪرائي، سرستي (سرسوتي) نالي نهر ۾ آندو، جيڪا سهرند، منصور پور ۽ سمانا جا علائقا آباد ڪندي وڃي ستلج ۾ پوندي هئي. ساڳئي نموني سلطان فيروز تغلق گهگهر مان هڪ واهه کوٽايو، جيڪو کيرا واهه ۾ وڃي ڇنڊبو هو. ان ريت سلطان سن 756هه/ 1355ع ۾ ستلج نديءَ مان هڪ واهه کوٽائي جهاجهر تائين آندو ۽ ٻئي سال جمنا مان ٻيو واهه کوٽايو، جنهن ۾ ستن مختلف نين جي پاڻيءَ اچي ڇوڙ ٿي ڪيو. اهو سارو پاڻي حصار فيروز جي ڀر ۾ هڪ ڍنڍ ۾ اچي پوندو هو ۽ حصار فيروز جي چؤطرف کاهين ۾ پڻ اهو پاڻي ڀريو ويندو هو.
امير تيمور صفر 802هه/ آڪٽوبر 1399ع واري هندستان تي حملي وقت هرياريءَ واري ڍوري کي اُڪري نه سگهيو هو، اها هرياري فيروز پور شهر ڀرسان بياس ۽ ستلج جو پاڻي هڪ ڍنڍ ۾ اچي گڏ ٿيڻ سبب جڙندي هئي، جنهن کي ’گهلوءَ جو گهارو‘ يا هرياري چوندا هئا، ڪن ليکڪن هن کي نورتي ڍنڍ به ڄاڻايو آهي. اڳتي هلي امير تيمور سرسوتي نديءَ تي اڏيل بڪران (Bakran) پل وٽ اچي لٿو، جتان ٻي منزل ڪري ڪئٿل پهتو، جيڪو سمانا کان سترهن ڪوهن جي پنڌ تي هو. ان ريت تاريخ ۾ ڪٿي به گهگهر/ سرسوتي/ هاڪڙي جي سُڪڻ جو ذڪر نٿو ملي. لڳي ائين ٿو ته هنن ندين جا پيٽ اڃا لٽ اوراٽيا نه هئا ۽ سندن ڀرتو ننڍين ندين ۽ نئين هنن کان مڪمل طور منهن نه موڙيو هو، ان ڪري آبڪلاڻيءَ ۾ هنن ندين جو پاڻي هڪ سالياني فصل اپائڻ جيترو هو.
ميان غلام شاهه پنهنجي چوٿين حڪمرانيءَ واري دؤر (آگسٽ 1757ع کان 1 آگسٽ 1772ع)، (وفات) تائين رهيو. هن ان دؤر (1762ع) ۾ سنڌو نديءَ جي اوڀر واري شاخ جيڪا لکپت تائين هاڪڙي جي پيٽ ۾ وهندي هئي، ان کي بند ڏياري ڪڇ جي ٻنيءَ واري علائقي کي ويران ڪيو هو.
اڄ سرسوتي هڪ اهڙي وڃايل ندي آهي، جنهن قديم سنڌو لوڪن جي سارسنڀال ڪئي هئي ۽ جنهن جي ڪنڌيءَ تي سنڌو تهذيب جي اوسر ڪندڙ، اوائلي سماجي گروهن جي هڪ وڏي ڇاڙهه اُسري ۽ نسري هئي، جن پهرئين زرعي سماج جو بنياد 10000 ورهيه اڳ وڌو هو. ان ريت شڪاري، چراگاهي ۽ نئين پٿر واري سماج جي انهن لوڪن سنڌ جي سڄي اوڀر واري پاسي انيڪ شهر ٻڌا، جن ۾ ڪالي بينگن، گونئري والا، راکي ڳڙهي، نوهٽو، ڍول ويرا ۽ لوٿل هاڪارا شهر هئا. ان ريت ڏکڻ گجرات کان وٺي اوڀر پنجاب تائين، پوکي راهي ۽ وڻج واپار جو اعليٰ نظام قائم ڪيو ويو. اهو هڪ گهڻ نسلي سماج هو، جنهن ۾ اصلوڪا سنڌي، يا پروٽو سنڌي فلسطين کان آيل پروٽو آسٽريلائڊ، آفريڪا کان آيل نيگرائٽ ۽ ڪوهه يورال کان آيل دراوڙ لوڪن جو گڏيل ذهني ۽ جسماني پورهيو شامل هو، جن هڪ اوائلي سنڌو سڀيتا جو بنياد وڌو ۽ ان جي اوسر ۾ ڀرپور بهرو ورتو. انهن ئي لوڪن اڳتي هلي ’سنڌو- سرسوتي سڀيتا‘ (Indus- Saraswati Civilization) جو بنياد وڌو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سرسوتيءَ وارا قديم ۽ هاڻوڪا ڀڙڀانگ علائقا ابتدائي ۽ سنڌو تهذيب جي شهري دؤر (Mature Urban Period) واري قديم سماج جي نيپاج ۽ سنڌو سڀيتا جي اوسر وارا علائقا هئا. اڄ واري دؤر ۾ سرسوتيءَ جي هڪ نشاني سنڌ جي جديد بئراجي نظام جو هڪ 200 ميل ڊگهو ’نارا ڪئنال‘ (Nara Canal) وڃي بچيو آهي، جيڪو گهگهر ندي/ سرسوتي نديءَ جو پوئين دؤر جو نئون روپ آهي ۽ بهتر نموني محفوظ ٿيل آهي.
ايم. ايڇ. پنهور جي تحقيق موجب، سرسوتي اوائلي گهڻ روپي دؤر (Pleistocene era) ۾ لوڻي نديءَ ۾ ڇوڙ ڪيو ٿي، وچئين گهڻ روپي دؤر ۾ سرسوتي، گهگهر نديءَ جي روپ ۾ امرڪوٽ ويجهو ڇوڙ شروع ڪيو. پوئين گهڻ روپي دؤر ۾ هن مکي ڍنڍ، فراش ڍنڍ ۽ چوٽيارين وارين ڍنڍن ۾ هاڪڙي وسيلي ڇوڙ ڪيو ٿي. انهيءَ گهڻ روپي دؤر جي آخر ۾ جڏهن برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ تي برفاني تودا
(Glacier) وگهري رهيا هئا، اٽڪل 10 هزار ورهيه اڳ سرسوتيءَ پنهنجو نئون وهڪرو بيڪانير ۽ بهاولپور کان سکر ڏانهن جوڙي ورتو ۽ پوءِ هاڻوڪي ريڻي ۽ اوڀر واري ناري (هاڪڙي) وسيلي ڪڇ جي ’ڪوري نار‘ (Gulf of Kutch) ڏانهن وهڻ شروع ڪيو. هڪ ٻئي قديم درياهي وهڪرن جي کوجنا ڪندڙ پروفيسر يشپال (Prof. Yashpal) پڻ مصنوعي گروهن (Satellite) وسيلي ورتل تصويرن ذريعن مشاهدو ڪيو آهي ۽ سرسوتي/ گهگهر نديءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري سوال تي ٻڌايو آهي ته سرسوتي نديءَ جو ڇوڙ پاڪستان جي ’ماروت ڍنڍ‘ (Marut Lake) ۾ ٿيندو هو، جيڪا بيري والا ۾ آهي، جڏهن ته قديم دؤر بابت ڪيل هڪ اڀياس موجب ’ماروت ڍنڍ‘ هڪ آڳاٽي سامونڊي ڪناري تي ٺهيل ڍنڍ هئي. اِهو آڳاٽو وهڪرو (Palaeo channel) ڪجهه وقت کان پوءِ ٻين انيڪ ندين جي پاڻيءَ سان ڀرپور ٿي ماروت (Marut) واري ڍنڍ کي هڪ پاسي کان کرڙي پنهنجو نئون گس جوڙي سڌو ڏکڻ ڏانهن وڌي رڻ ڪڇ کي لتاڙي وڃي سنڌوءَ جي نار (Gulf of Sindh) وسيلي ’هندي وڏي سمنڊ‘ (Indian Ocean) ۾ پوندو هو. سرسوتيءَ جو اهڙو ڇوڙ وارو عمل گهٽ ۾ گهٽ 10000- 8000 ورهيه اڳ شروع ٿيو هوندو.
سرسوتي/ هاڪڙو پنهنجي هماليائي سلسلي ’هرڪيدن‘ برفاني سلسلي (Har-ki-dun) کان واسطو ٽُٽڻ کانپوءِ خودمختيار ندي نه رهي. جيئن ته اوائلي قديم دؤر ۾ هن جو لاڳاپو هماليائي سلسلي سان رهيو ۽ ’هرڪي دن برفاني‘ سلسلي (Har-ki-dun Glaciers) مان پاڻي حاصل ڪري ڪو زمانو اوج ماڻي وهندو هو، پر گهٽ ۾ گهٽ اڄ کان 3500 ورهيه اڳ ان جو ’هرڪي دن برفاني‘ سلسلو ٽٽي پيو، ان کان پوءِ به هي ندي شواليڪ جابلو سلسلي جي ڪيترين ئي ندين ۽ درياهن: امبالا، تمانير ۽ ٻين ندين کان ڪافي پاڻي وٺي ڪروکيتر، ڪرنال ۽ پٽيالا، اوڀر پنجاب وارن علائقن مان لنگهندي گهٽ وڌائيءَ سان ڪو زمانو زندهه رهي.
ان ريت سرسوتي ندي پنهنجي ڀرتي ڪندڙ ندين (Tributiries) ذريعي ڪو زمانو زندهه رهندي آئي. رڳو مند آهر ساوڻيءَ جو چڱو چوکو پاڻي پاڻ سان کڻي وهندي رهي، هوريان هوريان ان جي ڀرتي ڪندڙ برساتي ۽ ٻين سدا وهندڙ ندين، سانوڻيءَ جي مند ۾ وهندڙ نئين جي پاڻيءَ کي پاڙيسري درياهن قابو ڪري مٿن مڪمل ضابطو آڻي کين پنهنجيون ڀرتي ڪندڙ نديون بڻائي ورتو. ان ريت ڀرپور موجن سان وهندڙ ماضيءَ جي سرسوتي ندي هڪ ڀڙڀانگ ۽ خشڪ ۽ سُڪل پيٽ واري ندي بڻجي وئي. هن جي پراڻين ساٿي ندين جي نشانين طور ’لنڪارن سر‘ (Lunkaran Sar)، دَدواڻا (Didwana) ۽ سانڀر (Sanbhar) نديون وڃي بچيون آهن، جيڪي جيلسمير ۽ پَچپدرا (Pachpadra) تائين وهنديون، اڄ به پنهنجو وجود سانڍي ويٺيون آهن. سرسوتيءَ جي گم ٿيڻ سان ئي ان سان لاڳاپو رکندڙ قديم سنڌو لوڪن، جن سنڌ جي اوائلي سماجي گروهن: شڪاري، چراگاهي، مالوند ۽ زرعي سماج جي ابتدائي اوسر ۽ جوڙجڪ ڪئي هئي ۽ کين گڏي سنڌو تهذيب جي هڪ قديم اعليٰ ثقافتي بنيادن کي مستحڪم بڻايو. اها سرسوتي ندي جنهن وسيلي ’سنڌو- سرسوتي سڀيتا‘ جڙي هئي، سا هڪ آڳاٽي ثقافتي سرچشمي (parent of cultural evolution) جي حيثيت ۾ سُڪي وئي ۽ ان سان گڏ ان تي تڳندڙ منظم راڄائتي راهپ پڻ متاثر ٿي ڪک پن ٿي وئي.
سرسوتيءَ جي اڀياس جا ٽي رُخ (Three Aspects of Saraswati Study): ڊاڪٽر ايس. ڪليا نارمئن (Dr. S. Kalyanarman) جي تحقيق موجب سرسوتيءَ اڀياس جا ٽي رخ جڙيا آهن:
پهرئين اڀياس مطابق سرسوتي ندي بلاشڪ هڪ دائم درياهه جي حيثيت ۾ 3000 ق. م ۾ وهندي هئي، جڏهن تهذيب '>سنڌو تهذيب (Harapan Civilization) اُسري هئي، اها سرسوتي ندي، هماليائي برفاني سلسلي ’هرڪي دن‘ (Har-ki-dun) کان وهندي گرهوال (Garhwal) کان ٿيندي کنڀات نار (Gulf of Khambat) ويجهو لوٿل (Lothal) کان ٿيندي احمد آباد لڳ ننڍي رڻ مان لنگهندي نال ڍوري (Nal Lake) ۾ وڃي پوندي هئي، ٻي هزاري ق. م ۾ گجرات هڪ ٻيٽ هو ۽ ممڪن آهي ته سرسوتي اتان کنڀات نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هجي.
اڀياس جو ٻيو رخ: ڀون طبعي صورتحال ڏسيندڙ ثبوتن، رگ ويد جي شلوڪن ۽ قديم آثارن جي شاهدين جي آڌار تي جڙيو آهي. ان موجب سرسوتي ندي هڪ وڻجارڪي سامونڊي تهذيب واري ندي هئي، اها تهذيب ڌاتو واري اقتصاديات (Metal- based Economy) رکندڙ هئي، انهيءَ دؤر ۾ موهن جي دڙي وٽان سنڌو درياهه دوآٻو جوڙي، ان ريت وهندو هو، جو موهن جو دڙو هڪ ٻيٽ وارو شهر (Island) بڻجي ويو هو. انهيءَ دؤر ۾ موجوده بهاولپور ضلعي جا گونئري والا (Ganweri Wala) ۽ راکي ڳڙهي (Rakhi garhi) وارا قديم سڀيتائي ماڳ موهن جي دڙي واري اڳوڻي وڏي شهر (مولهوا = ماهه+ لوءِ) جهڙا ۽ جيڏا شهر هئا ۽ اها هڪ وڏي واپاري ۽ سامونڊي تهذيب هئي، جنهن جا اهڃاڻ سنڌو- سرسوتي (Indus Saraswati) کان دجله- فرات (Tigris- Euphrates) ۽ گنگا- جمنا (Ganga Yamuna) دوآٻي تائين وارين ماٿرين تائين عام جام لڀن ٿا.
اڀياس جو ٽيون پاسو: 1500 ق. م ۾ ستلج ندي، جيڪا ڪيلاش جابلو سلسلي مان نڪرندو هئي، شترانا لڳ وڃي شترانا ندي (Shatrana River) ۾ پوندي هئي ۽ اتان کان روپڙ (Roper) لڳ آکڙي ڦيرو (U tern) ڏئي اولهه ڏانهن لڙندي هئي. ان ريت ستلج ندي پائونٽا صاحب (Paonta Saheb) وٽ سرسوتيءَ سان سنگم ڪندي هئي. چمبل ندي جيڪا ڪڏهن سرسوتيءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندي (Tributary) هئي، سا ڪنهن اندرئين زميني تبديليءَ جي ڪري اروالي جبلن (Aravali Mountains) جي مٿانهين ٿيڻ سان وڃي گنگا نديءَ سان ملي. ان عرصي ۾ وارياسن طوفانن (Sand Storms) به سرسوتيءَ جي پيٽ کي جيسلمير- پوکران لڳ لٽي ڇڏيو. ان جا اهڃاڻ 1500 ق. م واري سنڌو سڀيتا جي ڦيٽاڙ واري دؤر (سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر= (Post & Late Urban Phase جي سنڌو- سرسوتي وسندين ۽ ان مان لڌل شين (Findings) جي نموني مان ظاهر آهي ته انهن لوڪن اوڀر ڏانهن گنگا جمنا جي ميدانن ۽ ڏکڻ هندستان جي رنگپور ۽ دوارڪا وارن ماڳن ۽ سامونڊي ڪنارن سان لڏپلاڻ ڪندي چنديري ۽ ڪرناٽڪ وارا ماڳ وڃي وسايا. ڪن سرسوتيءَ جي شهري لوڪن اوڀر يورپ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ڪروشيا ۽ ٻين ماڳن کي وڃي آباد ڪيو.
سرسوتيءَ جي شترانا واري ماڳ وٽ قديم سنڌو ماڳ (Indus Sites) ڪالي بينگن (Kalibangan) اڄ به موجود آهي، ان دؤر ۾ هڙاپا (Harappa) بياس نديءَ جي ڪناري تي هو، جيڪا سنڌوءَ جي ڀارتو ندي هئي، جڏهن موهن جو دڙو سنڌوءَ جي ٻن ڇاڙهن (ٻه درياهي) جي وچ ۾ هڪ ٻيٽاريءَ تي جڙيل عاليشان شهر هو. ان دؤر ۾ سرسوتيءَ جي ساڄي ڪپ تي لاکين جو دڙو، چانهونءَ جو دڙو ۽ ڪوٽڏجيءَ واريون وستيون موجود هيون.
سرسوتي ۽ عظيم رڻ جا قديم ڊيلٽائي ماڳ (Saraswati and palaeodelta of Great Rann): انهيءَ دؤر ۾ ’آڳاٽي ڊيلٽائي جوڙجڪ‘ (Paleodelta complex) قديم درياهي وهڪرن جي ڪري جُڙي هئي. ان ڪري اهو وسهڻ ۾ اچي ٿو ته سرسوتيءَ جو اهو قديم وهڪرو هڪ ٻئي نالي ’سوترا‘ (Sotra) سان پڻ لڀي ٿو، جيڪو بيڪانير (Bikaner) کان بهاولپور (Bahawalpur) ۽ سنڌ کان ٿيندو رڻ تائين وڃي ٿو. ان ريت سرسوتيءَ جو وجود ڪن قديم وهڪرن ساڻ هو، جن مان رڳو اها ئي هئي، جيڪا ٿر جي وارياسن پٽن ۾ پيهي گم ٿي ويندي هئي ۽ ڪجهه ڪوهن کانپوءِ وري ڪنهن قديم جهرڻي وانگر واريءَ مان مُنهن ڪڍي ٻيهر وهڻ لڳندي هئي. اها ڳالهه اڄ وارن قديم درياهي وهڪرن جي محققن جي ’جاگرافيائي پاڻياري پڙتال‘ (Geographical Hydrological Survey) وسيلي پڌري ٿي آهي.
هندستان جي عظيم رڻ (Great Rann) جي نقشائي صورت (topography) ٻڌائي ٿي ته ان جو ڪڇ جي رڻ وارو ڀاڱو هڪ قديم ڊيلٽائي ماڳ رهيو آهي، جتي ڪيترن ئي درياهن جا منهن (mouths of rivers) موجود رهيا آهن، اهڙو اڀياس زميني ورن سان گڏ آسماني مصنوعي گرهن (satellite) ذريعي حاصل ڪيل تصويرن وسيلي ممڪن ٿيو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪڇ جي رڻ کي ڪيترن ئي درياهن جي لٽ جوڙيو آهي، اهي درياهه/ نديون تاريخ جي شعور واري اک پٽڻ کان گهڻو آڳاٽي وقت کان وهندا ڪڇ جو اڄ واري نار (جيڪو اصل ۾ ان وقت سنڌ وارو نار (Indus Gulf) هو) ۾ وڃي ڇوڙ ڪندا هئا. انهن ۾ سنڌو (Indus)، ستلج (Shatadru)، لاوناوتي (Lavanavati) (قديم لوڻي ندي) وغيره سڀ الڳ الڳ وهنديون وڃي رڻ جي برپٽ کي ساوڪ ۽ سرهاڻ سان ڀرپور سيمن ۾ بدلائي ڪري آباد ڪنديون هيون ۽ ان ريت سنڌ جي نار (Gulf of Sindh) وسيلي ’عربي سمنڊ‘ (Arabian Sea) ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. هڪ اهڙي قديم درياهن جي ڄاڻوءَ ۽ محقق ’ملڪ‘ جو چوڻ آهي ته اٽڪل 2000 ق. م تائين گهٽ ۾ گهٽ ٽي قديم نديون: قديم ستلج (Proto Shaldru)، سرسوتي (Saraswati) ۽ درشدوتي (قديم جمنا= Drishadvati) وڃي ڪڇ جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون هيون“. انهن سان گڏ هڪ چوٿون درياهه سنڌو (Indus) به ڪڏهن ڪڏهن اوڀر پاسي هئڻ واريءَ صورت ۾ انهي سنڌو نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو، جيڪو هن وقت انهن ماضيءَ وارو سپت سنڌوءَ جي درياهن مان باقي رهيل اڪيلو درياهه وڃي رهيو آهي، جنهن انهيءَ قديم سنڌو- سرسوتي سڀيتا (Sindhu- Saraswati Civilization) ۽ آڳاٽي سنڌو- ڊيلٽائي جوڙجڪ ۾ ڀرپور بهرو ورتو هو. هڪ ٻئي مفروضي (Hypothesis) واري اڀياس موجب سرسوتي ندي برپٽ لتاڙي، کنڀات، احمدآباد جي نال واري ڍوري (Nal Lake) مان ٿيندي، ننڍي رڻ مان لنگهي کنڀات نار (Gulf of Khambat) وسيلي ’عربي سمنڊ‘ (Arabian Sea) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
سرسوتي‘ نالي جو لسانياتي تجزيو (Analytical Linguistic of Nomanclature of Saraswati): سرسـوتـي ۽ هـاڪـڙو هڪ ئي دريـاهه جا ٻه نالا آهن، اها ڳالهه ٻوليءَ جي علم (Philology) ۾ ڪنهن خاص ٻوليءَ جي ’تاريخي ۽ ڀيٽاڀيٽي لسانيات‘ (Historical and Comparative Linguistic) وسيلي ثابت ڪري سگهجي ٿي. سرسوتي (Saraswati) نالي جي ساڳيائپ واري فرهنگ (Homogeny of Nomenclature) جي ڳولا ڦولها ڪبي ته پارسي مذهبي ڪتاب ’زند اويستا‘ ۾ هرڪسوتي (Haraxvaiti) يا هراوتي (Haravaiti) وارا نالا موجود آهن. قديم فارسيءَ ۾ آڳاٽي دؤر ۾ ’سا‘ (Sa) (سين = س ۽ سا) وارو اکر (Letter) نه هو. ان ڪري هنن ’سنڌ‘ واري نالي ۾ ’س‘ مٽائي ’هه‘ کي آندو ۽ ان ريت ’سنڌ‘ ڦري ’هند‘ ٿيو. ساڳيءَ ريت هنن ’ست‘ کي ڦيرائي هفت ڪيو، جنهن مان 7 ڏينهن وارو ’هفتو‘ جڙيو، جڏهن ته هندي/ اردو سميت سمورين هند- يورپي ٻولين (Indo European Languages) ۾ اهو انگ، اکري توڙي انگي شڪل ۾ (ست = سات = سيونٿ) ساڳيءَ ريت موجود رهيو آهي. انهن انگن جو اُچار به معمولي فرق سان ساڳيو آهي. اوستائي دؤر جي حڪومتي اثر هيٺ آيل سنڌ جي علائقن ۾ ’سرسوتيدرياهه جو نالو ڦري ’هراوتي/ هرکيئتي‘ ٿيو، جڏهن ته سنڌو سڀيتا جي اصلوڪن لوڪن (Indigenous peoples) وٽ اهو نالو سراسوتي/ سرسوتي ئي عام واهپي ۾ رهيو. هاڪڙي جي مٿئين حصي کي سوترا (Sutra) به ڪوٺيندا آهن. اهو سرسوتيءَ جو عوامي نالو هو. اهو نالو زند اوستائي لساني اثر هيٺ اچي ڪري، سوترا مان مٽجي ڪري هـاڪـڙا ٿـيـو. راورٽي پنهنجي هاڪاري ڪتاب ’سنڌ جو مهراڻ‘ (Mehran of Indus) ۾ لکيو آهي ته ”سنڌ واسي مهراڻ/ هاڪڙي کي، هاڪڙو، سنڌ ساگر، سانڪره، ساڱرو ۽ نارو به چوندا آهن.“ ان ريت سنڌ ساگر ۽ هند ساگر، عوامي لهجي ۾ ڦري ساڱرو، سانڪره ۽ هاڪڙو ٿي ويا. اهو زند اوستائي لساني (Old Persian) اثر سڄي راجپوتانا ڪڇ کان پوءِ ڏکڻ سنڌ- لاڙ تي به چٽو پٽو نظر ايندو. لاڙ ۾ اهڙا شهر، جـهـڙوڪ: ميرپور ساڪرو ۽ ساڱرو واهه اڄ به موجود آهن، جيڪي انهن قديم واهن جي نالن سان آهن، جن جو هاڻ وجود ئي نه رهيو آهي. ان ريت انهن اصلوڪن لوڪن جي ٻوليءَ جي اولهه ڏانهن لسانياتي واڌويجهه ۾ ’سا‘ (Sa) مٽجي ’ها‘ (Ha) ٿيو ۽ گهڻو پوءِ عوامي ٻوليءَ (پرجاڪرت = پراڪرت) ۾ سوترا مان ڦري سانڱرو/ ساڱرو ۽ پوءِ ’هاڪڙو‘ بڻيو. قديم ايراني حڪمرانن جي سنڌ تي سڌي يا اڻ سڌي طرح صدين تائين حڪمراني رهي آهي. گهڻو امڪان آهي ته اهو اکري مٽ سٽ وارو عمل حڪومتي دؤر (326- 518 ق. م) ۾ ٿيو هوندو. ساڱري/ هاڪڙي جي ڦٽڻ کانپوءِ جن سنڌو لوڪن ڏکڻ افغانستان کي وڃي وسايو هو، اتي هنن هڪ نديءَ تي ’ستومنت‘ (Satumant) نالو رکيو، جيڪو پوءِ اوستائي اثر هيٺ ’هيتومنت‘ (Haetumant) ٿيو، جيڪو هاڻ ’هلمند درياهه‘ (Helmant river) بڻيو آهي. اتي جي آڪسس واديءَ (Oxus Valley) ۾ ڇهه قديم سنڌو ماڳ (Indus sites) لڌا آهن.
سرسوتيءَ جي سُڪڻ جا سائنسي ڪارڻ (The Scientific Reasons for Desiccation of Saraswati): سرسوتيءَ جي سائنسي اڀياس ۾ ويدن، ڪلاسيڪل لکڻين، ڀون وگياني جانچ، برفاني گليشيئرن جي اڀياس، مصنوعي گرهن ذريعي ورتل تصويرن ۽ ننڍي کنڊ جي ٻولين (اُپڀاشائن) جي تجزئي جي آڌار تي جوڙيو ويو آهي. ان ۾ ڪيترائي سائنسدان شامل رهيا آهن. سرسوتي نديءَ جي سُڪي وڃڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ زلزلا (earthquakes)، برپٽ جو اُسرڻ (desertification)، ماحولياتي اٿل پٿل (atmospheric change) ۽ موسمي ڦيرگهير (climatic change) اچي وڃن ٿا. انساني اتهاس تي انهن قدرتي عوامل (natural factors) جي اثر کان دنيا جو ڪو به ڀاڱو ۽ ملڪ آجو نه رهيو آهي.
سرسوتيءَ جو وجود (Existence of Saraswati): جنوري 1997ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن ئي سائنسي کوجنائن وسيلي سرسوتيءَ جي قديم وجود جي ثابتي ملي آهي. اهڙي تحقيق ۾ بارڪ سائنسدانن (BARK Scientists) ۽ ٻين کوجنا ڪندڙن، جهڙوڪ: پروفيسر والديا (Prof. Valdiya)، پوري (Puri)، ورما (Verma) ۽ ٻين ڪيترن ناميارن محققن، سرسوتيءَ واري علائقي جي زير زمين پاڻيءَ جي نمونن، سرسوتيءَ جي منڍ، هُرڪي دن (Har-ki-dun) ۽ ان جي جابلو سلسلي ’بندر پونچ‘ (Bandar Ponch) کان وٺي نيتوار (Natwar) تائين ۽ اتان کان وٺي ان جي برپٽ وارن وهڪرن ۽ آخر ۾ نال ڍوري (Nal Lake) ۾ ڇنڊجي وڃڻ ۽ ڪڇ جي رڻ مان لنگهي پنهنجي سهيوڳي درياهن: سنڌو، ستلج ۽ جمنا سان گڏ ڪوري نار ۾ ڪرڻ يا هڪ ٻئي مفروضي موجب سرسوتيءَ جو ڏکڻ گجرات ۾ احمدآباد لڳ نال ڍوري (Nal Lake) ۾ وڃي پوڻ- هڪ امڪان طور تي اتان پوءِ گهڻي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ اها وڃي کنڀات نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
زلزلا (earthquake): سنڌ جي سماج جي تاريخ ۾ زلزلا وڏي اهميت رکن ٿا. سنڌو نديءَ جو اولهائون وهڪرو يا اولهه واري ڇاڙهه جي وهڻ ۾ زلزلائي عوامل جو مک حصو رهيو آهي. سنڌوءَ جي موجوده بکر چور لڪ (Bukhar Gorge) وٽان لنگهڻ يا روهڙي، حيدرآباد، ڄام شوري ۽ ڀنڀور وارا چور لڪ وٺي تاريخي دورن ۾ سنڌوءَ جي وهڻ ۾ پڻ زلزلائي عمل شامل رهيو آهي. ويندي سومرن جي حڪومت جي زوال ۽ سمن جي صاحبي قائم ٿيڻ تائين اهي عمل (factor) شامل رهيا آهن. 12000 ورهيه کان 7000 ورهيه اڳ (10000 ق. م کان 7000 ق. م) تائين سرسوتي ندي وڌيڪ ڏکڻ ڏانهن لاڙو ڪري وهندي هوندي. اهو چوٿون حياتياتي دؤر، ڀانت ڀانت جي وڻن ٻوٽن جي اُسرڻ وارو زمانو هو، جيڪو ارڙهن لک سالن (1.8 million years) کان 10 هزار ورهيه اڳ (10000 years ago) تائين جاري رهيو. سرسوتيءَ وارو گهڻو تڻو علائقو، زلزلن جي اثرن ڪري زميني ڏارن (faults) سان ڀريو پيو آهي. اهي ڏار (faults) نـديءَ جي منڍ کان وٺي ان جي پڇاڙيءَ تائين ۽ اُتان کان سمنڊ تائين لاڳيتو موجود آهن. انهيءَ هڪ وڏي علائقي ۾ جڙيل تاسرين (Tectonic plates) جي ’نئين تاسر واد‘ (Neotectonism) واري تاسرائي حرڪت (Tectonic Movement) هڪ زماني کان ٿيندي رهي آهي، جنهنڪري تاسرين (plates) جي ٻڏڻ/ اُسرڻ (submerged) ۽ ميدانن جي هيٺ مٿي ٿيڻ (displacement of grounds) وارو عمل ٿيندو رهيو آهي.
مذهبي لکيتن ۾ ڄاڻايل ڳالهين جهڙوڪ: ويدن کان وٺي 3000 ورهين ۾ درياهي وهڪرن جا گس ۽ گهيڙ گهڻو بدلجي ويا آهن. هڪ اڀياس آهي ته سرسوتيءَ جي زوال جي شروعات 5000 ق. م کان 3000 ق. م وچ ڌاري شروع ٿي هوندي، اهو زوال ڪنهن وڏي ’جُڙيل تاسر‘ جي چرپر ڪري ٿيو هوندو، جيڪا ’سِرمُر‘ (Sirmur) واري علائقي ۾ ’ڌرتيءَ جي برفاني دؤر‘ (Pleistocene era) جي مُنڍ واري زماني ۾ اٽڪل روءِ 17 لک ورهيه کان 10 هزار (1.7 million years to 10000 years ago) اڳ شواليڪ جبلن ۾ ٿي هئي، جنهن جو اثر پوٺوهار کان آسام تائين ٿيو هو. انهيءَ جڙيل تاسرين جي چرپر جو ڳانڍاپو هماليائي جابلو سلسلي جي اُتاهين ٿيڻ واري عمل سان هو. ان سبب برفاني تودن (بارفن: Glaciers) ۽ درياهن جو لاڳاپو متاثر ٿيو، ان ريت وڏو امڪان اهو آهي ته سرسوتيءَ جي هڪ سدا وهندڙ نديءَ (Perennial River) واري حيثيت متاثر ٿي ۽ هن هڪ مندائتي نديءَ (Seasonal River) جي شڪل اختيار ڪئي.
هڪ اهڙي ئي جاگرافيائي سائنسي اڀياس موجب 5000 ورهيه اڳ هڪ ’طبعي زميني چرپر‘ (Geographical movement) جي ڪري چنبل ندي (Chambal River) جيڪا گنگا ندي (Ganga River) جي ڀرتي ڪندڙ ندي (tributary) هئي، ان سرسوتي نديءَ کي ’پائونتا صاحب‘ (Paunta Saheb) وٽان کنڀي وڃي الهه آباد جي ماڳ ’پرياگ‘ (Prayag) وٽ گنگا سان سنگم ڪرايو هو. اها چنبل ندي هاڻي جمنا ندي (Yamuna) سڏجي ٿي.
4000 ورهيه اڳ ٻيهر هڪ اهڙي ’طبعي زميني چرپر‘ سبب ستلج ندي جيڪا سرسوتي نديءَ جي ڀرتي ڪندڙ (tributary) هئي، ان اولهه ڏانهن کڻي لاڙو ڪيو ۽ سرسوتيءَ کان ڌار ٿي ڪري سنڌو نديءَ سان وڃي سنگم ڪيو. انهيءَ هڪ هزاريءَ (millennium) ۾ ٿيل انهن ٻن واقعن زميني طبعي ڦيرن سرسوتيءَ کي هڪ ڀڙڀانگ نديءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، ان جي ڪنارن سان آباد 1200 کان وڌيڪ وسندين مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ننڍي کنڊ جي اوڀر وارن ماڳن هـاڻوڪي اتر پرديش (UP) ۽ ڏکڻ هند وارن جي ماڳـن ڏانهـن لـڏپـلاڻ ڪري ويا.
زميني صورت ۽ ساخت واري اڀياس (Geomorphological and structural study) ۽ قديم زلزلائي اڀياس (Palaeoseismological study) مان معلوم ٿيو آهي ته: عام زلزلائي حرڪت اتر- اولهه کان ڏکڻ- اوڀر ڏانهن رهي آهي. زمين اندر ان جو رخ لاهور کان سرگوڌا ۽ باوروانيءَ کان جيسلمير جي جابلو ڪڙين ۾ رهيو آهي. سرسوتي نديءَ جي پوڇڙ ڏانهن اهـڙي تـاسـرائي حرڪت (Tectonic movement) انهن جـابلـو ڪـڙيـن ۾ زماني کان وٺي ٿيندي رهي آهي، جيڪا اراولي جابلو سلسلي (Aravali mountains range) جي صورت ۾ هڪ حدبندي ڪري ٿي. اهڙي تاسرائي حرڪت (Tectonic movement) لاڳيتي اتر- اوڀر ۽
ڏکڻ-اولهه ڏانهن ٿيندي رهي آهي، ڇو ته اتي موجود هڪ وڏو ڏار (great fault)
تمام گهڻو متحرڪ رهيو آهي. دائودپور (Daudpur) ۽ بيبي پور (Bibipur) وٽ اهو ڏار (fault) جيڪو وڌيڪ پاڻي جمنا ڏانهن واري ٿو ۽ مارڪنڊ (Markanda River) کان سرسوتيءَ (Saraswati) کان پاڻي ڏکڻ- اولهه کان اولهه ڏانهن گهٽائي ۽ جمنا ڏانهن ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ڏانهن پاڻيءَ جي وهڪ کي وڌائي ٿو. ان ريت اهڙي قدرتي عمل سبب سرسوتيءَ ڏانهن پاڻيءَ جي وهڪ يا ته گهٽجي وئي يا ماڳهين بند ٿي وئي.
برپٽ جڙڻ ۽ وارياسا طوفان (Desertification and Sand Storm): سرسوتيءَ جي سوڪهڙي ۾، برپٽ قائم ٿيڻ ۽ وارياسن طوفانن جو وڏو هٿ رهيو آهي. هڪ سائنسي اڀياس موجب سانوڻيءَ جي برساتن جي گهٽجڻ، ساوڪ ۽ اوڀڙ جي گهٽجڻ، درياهن ۽ ندين جي سوڪهڙي (aridity) ۾ برپٽن ۽ طوفانن جو وڏو عمل رهيو آهي. ننڍي کنڊ ۾ برپٽن جي اوسر (desertification) وارو عمل 2 لک ورهيه اڳي ٿيو هو ۽ ويجهڙائيءَ واري 8000 ورهين ۾ اهو ٿر/ برپٽ 1500 ڪلوميٽرن تائين اوڀر ڏانهن وڌيو آهي ۽ رڳو 50 ورهين ۾ (1980- 1930)، انهيءَ برپٽ بڻجڻ واري عمل (Desertification process) ۾ هريانا ۽ اتر پرديش جي ٽيهه هزار هيڪٽر زمين (30,000 ha land) برپٽ بڻجي وئي آهي. سراسري طرح سان 0.8 هيڪٽر في سال جي حساب سان برپٽ اُسريو آهي. ان جو هڪ مکيه ڪارڻ مئي ۽ جون وارن مهينن ۾ هر سال اٺ (8) ’برپٽاوان واچوڙا‘ (صحرائي طوفان = desert storm) ايندا آهن. انهن وارياسي طوفانن مان جيڪي هڪ ڪلوميٽر قطر/ پيٽي (diameter) وارا طوفان آهن، سي 6000 کان 10000 ميٽر مٿانهان ٿي اولهائين ڏِس کان اتر پرديش ڏانهن وڌندا ويندا آهن ۽ ان ريت هر طوفان پاڻ سان 870 ٽن سنهي واري ساڻ نيندو آهي. هڪ 500 قطر/ پيٽي وارو طوفان 900 لک ٽن (90 million tones) واري پاڻ سان نيندو آهي. اولهه راجسٿان، جيڪـو دنيـا جـو سڀ کان وڌيڪ مٽـيءَ جي وسڪارن وارو مـاڳ آهـي، اتان جا طوفان هن راجسٿاني برپٽ کان اهڙي سنهي واريءَ واري لـٽ ’سنڌ- گنگا ميداني‘ (indo-ganga plain) علائقن ڏانهن گذريل 3500 ورهين کان آڻيندا رهيا آهن. ايڏي پئماني تي واريءَ جي وسڪارن ۾ ڪو کوجنا ڪار ڪهڙيءَ ريت 3500 ورهيه اڳ کان 1000 ورهيه اڳ تائين واري وڃائجي ويل سرسوتيءَ/ هاڪڙي نديءَ جو سڄو دڳ ۽ پيٽ ڪيئن ڳولي سگهندو، جتي هزارين سنڌو- سرسوتي سڀيتا وارا قديم شهر ۽ واهڻ، اربين کربين ٽنن واريءَ ۾ دفن ٿي ويا هجن.
آبهوائي ۽ موسمي ڦيرگهير (Atmospheric and Climatic Change): سرسوتيءَ جي سڪڻ ۾ آب هوا ۽ موسمي ڦيرگهير به پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي. ان آبهوائي ۽ موسمي ڦير واري قدرتي لقاءَ ۾ ڌرتيءَ جو هڪ پاسي اهلجڻ/ جهڪڻ ۽ ان عمل ۾ جڙيل تاسرين جي ’جوڙ واد‘ (Tectonism) جو مکيه ڀاڱو رهيو آهي. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ سرسوتي ۽ ٻين درياهن کي اهڙي تباهيءَ واري شڪل صورت ڏيڻ ۾ ’جوڙ واد‘ (Tectonism) سان گڏ آبهوائي ردوبدل (Climatic Changes) جو به حصو پتي رهيو آهي، جيڪا ڪل ارضياتي دؤر (Holocene Era) واري قديم ۽ جديد انسانن اُسري اچڻ واري چوٿين دؤر (Quaternary Era، جنهن ۾ انساني ثقافتي ڪرت: معاشي ۽ شروعاتي صنعتي ڪاريگريءَ واري چرپر جا انيڪ اهڃاڻ ملن ٿا) ۾ هڪ وڏو آب هوائي لوڏو آيو هو. اهو لوڏو ڌرتيءَ جي هڪ پاسي اهلجڻ، ڌرتيءَ جي مدار (orbit) ۽ محور (axis) جي ڦيرگهير سبب ممڪن ٿيو هو. اهڙيون شديد آبهوائي تبديليون 7000 ق. م ۾ به آيون ۽ ان کانپوءِ وري اهڙو قدرتي لقاءُ 4700 ق. م کان 3700 ق. م ۽ 2000- 17000 ق. م ۾ پڻ ٿيو هو. انهيءَ ڪري سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ ۽ آفريڪا تي به وڏا هاڃيڪار اثر پيا. اولهه راجسٿان جو برپٽ (desertification) بڻجڻ ۽ آفريڪا جي صحارا برپٽ (Sahara Desert) جي جڙڻ وارا واقعا 5400 ورهيه اڳ کان 3400 ق. م ڌاري ٿيا، جنهن جا هاڃيڪار اثر چوماسي واري منڊل جي جڙڻ ۽ سانوڻيءَ جي وسڪاري سان گڏ درياهي نظام (River system) ۽ پاڻيءَ جي مندائتي سرشتي (weather system) تي پيا. انهيءَ جي ڪري وايومنڊل (atmosphere) جي ٻاڦ ٿيڻ واري عمل (evaporation) ۽ سانوڻيءَ واري ڦيري تي به اثر پيو ۽ سڄي علائقي مان هوريان هوريان اوڀڙ ۽ ساوڪ گم ٿي وئي ۽ اهي علائقا ڪجهه وقت کان پوءِ برپٽن ۾ بدلجي ويا، اڄ به اهو برپٽ وڌي رهيو آهي.
جنوري 1997ع ۾ بارڪ سائنسدانن (BARC Scientists) هڪ تحقيق وسيلي سرسوتيءَ جي آڳاٽي وجود کي هائيڊروجن جي هم روپ اڻن (Hydrogen Isotopes) وسيلي ثابت ڪيو آهي، جيڪي زير زمين 4000 کان 8000 ورهيه قديم موجود هئا.
سرسوتي نديءَ جي وهڪري واري علائقي هندستان ۾ ڪيل زير زمين پاڻيءَ جي جاگرافيائي جاچ واري اڀياس ذريعي پتو پيو. بيڪانير، گنگانگر واري ضلعن ۽ راجسٿان جي برپٽ جر جو پاڻي تمام گهٽ کارو آهي. ان جو ڪارڻ اهي قديم وهڪرا (Palaeo channel) آهن. اهڙي پاڻياري تحقيق (Hydrological Investigation) جيڪا انهن سرسوتيءَ جي قديم ماڳن وار علائقن جي جر جي پاڻيءَ تي ڪئي وئي، جن ۾ انهيءَ پاڻيءَ جي هائيڊروجن، آڪسيجن ۽ ڪاربن جا هم روپ اڻا (Isotopes) ڪتب آندا ويا، جن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته اهو پاڻي هماليائي جابلو سلسلن کان ايندڙ آڳاٽي 4000 کان 8000 ورهيه اڳ واري پاڻيءَ جي هم روپ اڻن (isotopes) جهڙو ئي آهي.
سرسوتي/ هاڪڙو درياهه، قديم سنڌو سلطنت (Ancient Indus Empire) جو هڪ وڏو درياهه هو. اهو ٻن جڳهين: هڪ وڃڻوٺ ۽ ٻيو نوشهري وٽان ڪٿان سنڌوءَ جي ڇاڙهن مان چڱو خاصو پاڻي وٺندو هو. رڳو سنڌ واري ايراضيءَ ۾ هن جي پاڻيءَ مان جڙندڙ 22000 ڍنڍون، ان کان سواءِ ڍورو- پراڻ، ۽ پٽيهل جهڙيون ڇاڙهون ان جي هڪ وڏي شاهي درياهه هئڻ جي اڄ به ساک ڏين ٿا. هاڪڙي ۾ جهازراني به ممڪن هئي. سنڌو تهذيب جا قديم اڀرندا واهڻ ۽ شهر هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي جڙيل هئا.
ويجهڙائيءَ ۾ ڪيل لنڪن سر ڍنڍ (Linkansar Lake) جي پاتال جي تَرڇَٽَ (deposits) مان ماحولياتي لاهه چاڙهه (fluctuation) ۽ ڪرڻا ڪاريه ڪٿ (radiocarbon estimate) وسيلي جاچ مان پتو پيو آهي ته 3500 ورهيه اڳ زماني ۾ ڪو به سوڪهڙو (Aridity) نه آيو هو. جڏهن سرسوتي ۽ سنڌو تهذيب جو زوال ٿيو هو. انهيءَ اڀياس ٻُڌايو ته هڪ ڀيرو سدا وهندڙ ڍنڍ کي ٻنجو اچڻ سبب برابر روڪ پيدا ٿي هئي.
سـرسـوتـي/ هـاڪـڙي جـو وجـود سـنڌ جي ادبي تاريخ جي روشنيءَ ۾: (The existence of Saraswati Hakro in the History of Sindhi Literature): ڏهين صديءَ ۾ آيل ڪنهن زميني ساختياتي ڦيرگهير جي ڪري مندائتي درياهه هاڪڙي کي به وڏو لوڏو آيو ۽ ان سان سنڌ جا اڀرندي وارا ساوڪ ڀريا، سکيا ستابا ۽ آباد وسنءَ وارا علائقا برباد ٿي برپٽ بڻجي ويا. ان سان گڏ ئي سنڌ جي وچولي وارو علائقو، جيڪو اروڙ ۽ ڪوٽڏجيءَ واري وهڪري سان آباد ٿيندو، سو به سوڪهڙي (aridity) هيٺ اچي ويو. گهگهر کي ٻيو لوڏو 13هين صديءَ ۾ آيو، جنهن ۾ سومرا راڄ جي حڪومت جو انت آيو. اهڙي هڪ لوڏي جي ڪري سنڌوندي ماڳهين اولهه ڏانهن لڙي وهڻ لڳي ۽ ان جون ٻه ڀرتي ڪندڙ ڇاڙهون جيڪي هاڪڙي کي پاڻي ڏينديون هيون، سي پڻ بند ٿي ويون، پر ان کانپوءِ گهڻي چوماسي جي منڊل جڙڻ ۽ سانوڻيءَ جي پاڻيءَ جي ڪري لطيف سائينءَ جي دؤر تائين 1689ع کان 1753ع تائين اهو درياهه سوڪهڙي جون وڇوٽيون سهندو ڪنهن ننڍي درياهي ڇاڙهه جي صورت ۾ زندهه رهندو آيو. اهو ممڪن آهي ته هن جي ڪنهن مٿين ڇاڙهه ۾ سمن جي دؤر (1520- 1350) تائين اوڀر پنجاب ۾ پاڻي ايندو رهيو هجي، جو اوڀر پنجاب جو فيروزپور شهر انهيءَ سرسوتي/ هاڪڙي جي ڇاڙهه تي فيروز شاهه تغلق ٻڌرايو هو. ممڪن آهي ته انهيءَ ۾ سرسوتيءَ جي مٿين ڇاڙهه هاڪڙي ۾ سانوڻيءَ جو جهجهو پاڻي ايندو هجي ۽ هڪ ڀرپور مندائتي درياهه جي حيثيت ۾ اهو اڃا به انساني وستيون جوڙڻ جوڳو درياهه هجي.
سرسوتي/ هاڪڙي جو سُڪي وڃڻ سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي جياپو رکندڙ سماج لاءِ هڪ وڏو هاڃو هو، ان کان اسان جو عوامي ادب ۽ ڪلاسيڪي ادب به ڀرپور نموني متاثر ٿيو هو. اهڙي قدرتي هاڃي کي سنڌو لوڪن، پنهنجي سينن ۾ صدين تائين محسوس ڪيو هو، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته 3500 ورهيه اڳ سرسوتي/ هاڪڙي پنهنجو شاهي اوج وڃايو هو، تڏهن به سنڌوءَ نديءَ سوڌو ٻين موسمي درياهن جي پاڻيءَ جي آڌار هو ڪي صديون سوڪهڙا سهندو رهندو آيو. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ان جو چڱو وستار ملي ٿو.
شاهه لطيف جي سُر ڏهر جي پهرئين داستان وارا بيت انهيءَ وڃايل درياهه جي ياد ۾ ’اوسارا‘ ئي آهن. لطيف سائين اهي ڏک هاڻيون رهاڻيون هاڪڙي جي ڇاڙهن، ڍوري، پٽيهل ۽ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ڪنڊي سان به ڪيون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جسوڌڻ آگري جو دؤر چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ وارو ڄاڻايو آهي. لطيف سائينءَ پنهنجي بيتن ۾ جسوڌن راءِ کي ’ڍوري جو ڌڻي‘ (درياهه جو بادشاهه) ڪوٺيو آهي:
ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسودن جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيئڙو؟
-
سچ ڪ سُڪو ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا،
جنگن ڇڏيو زور، سَر سُڪو، سُنگي گيا.
هن بيت ۾ لطيف ’سَر‘ جو صاف لفظ استعمال ڪيو آهي. ’سَر‘ ڍنڍ (Lake) آهي، جنهن مان ’سوتو‘ يا ’سوتي‘ نڪري نديءَ جي صورت ۾ وهي ٿي، سرسوتيءَ جو هڪ عوامي نالو سوترا به رهيو. اها ايڏي وڏي ندي ضرور هئي، جو اتي مسافرن کان يا نديءَ وسيلي واپاري مال کڻي ويندڙن کان سونگ (محصول= Tax) ورتو ويندو هوندو. ڍوري جو تعلق سرسوتيءَ سان هو، جنهن جي مٿين لام هاڪڙو ۽ هيٺين لام گهگهر هئي.
جڏهن ڍاڳي ۽ ڍور، ٻئي وَهن ٻلهيار ۾،
تڏهن تازڙين طور، هئو جسودن سين.
-
سُڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پـاڻـي پـٽيـــهـل ۾، اڳـــيــون نـه آيــو،
ماڻهن ميڙائو، ڪهين ڪهين ڀيڻيين.
ان مان صاف ظاهر آهي ته لطيف سائينءَ جي زماني تائين سرسوتي/ هاڪڙي جي ڇاڙهن ۾ مندائتي پاڻيءَ جو چڱو چڪو ايندو رهيو ۽ ماڻهن جي گهڻائي لڏي ملڪ ڇڏي ڪٿان جو ڪٿان هلي وئي هئي.
ڪنڊا تو وٽان، سچ ڪ سيڻن لڏيو،
مڃَر تو مٿان، ڇڻيو پون ڇُڳا ڪئو!
ان ريت سنڌ جي قديم ادبي تاريخ ۾ هڪ بيت ملي ٿو:
جهوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀريين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيئڙا.
هي بيت شاهه لطيف جي رسالي ۾ به ٿوري لفظي مٽ سٽ سان لڀي ٿو:
جهوني تون پراڻ، جڳ گهڻيرا سنڀريين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيئڙا!
هيءُ بيت پراڻ جي قديم هئڻ جو ساکي آهي، اها پراڻ جيڪا سرسوتي/ هاڪڙي جي هڪ وڏي ڇاڙهه هئي ۽ ڍورو- پراڻ/ پراڻ ڍوري جي نالي سان اڄ به مشهور آهي. انهيءَ پراڻ جو پاڻي علي بندر تائين ويندو هو ۽ ان علائقي کي آباد ڪندو هو. علي بندر رحمڪي بازار کان ڇهه ميل کن اتر اولهه طرف سنڌ جي سرحد اندر هڪ مکيه قديم بندر هو. پراڻ اتان کان ٻارهن ميل هيٺ، اڀرندي ناري ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، اتان کان وڃي ڪوري نار ۾ پوندي هئي. انهيءَ پراڻ جي هڪ شاخ کي لاڙ ۾ اڃا تائين نيري جي نالي سان مختلف ماڳن تي اڳياڙين وارا وڌيڪ نالا جهڙوڪ: پني شهر ويجهو ’پنائي نيرو‘ وغيره نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪا پڻ علي بندر کان وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪو سرسوتي ۽ سنڌوءَ جي قديم ڇوڙ وارو ماڳ هو.
جاڙيجن سمن جي ’نک نامي‘ (شجري) موجب لاکي ڦلاڻي سن 866ع ۾ جنم ورتو ۽ 955ع ۾ وفات ڪيائين. ڪڇ جي جاڙيجن سمن جي حڪومت جوڙڻ ۾ هن اڙٻنگ سردار جو وڏو هٿ هو. شاهه لطيف جي سُر ڏهر ۾ لوڻي نديءَ ۽ ڪڇ جي ڪجهه ماڳن، ’ٻنيءَ‘ ۽ ’هٻي‘ جو ذڪر آهي:
جُهريي ڏيئي جهوڪ، ٻنيان ٻهر مَ نڪرو،
لوڻي مٿان لوڪ، لاکي ڪيئي لڏائيا!
-
لاکو ’لوڻي‘ آئيو، ’هٻي‘ پيئي هاڪ،
پائر ڪانه پچڙي، ڏونگر پيئي ڏاڪ،
اُٺيون ۽ عراق، گڏيا تان گهڻيئي ٿيا!
انهن بيتن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي هڪ جنگي جوڌي جي صورت بيان ڪئي وئي آهي، جنهن سمن جي حڪومت سڀ کان پهرين ڪڇ ۾ قائم ڪئي، جنهن کانپوءِ انهيءَ نک مان جاڙيجا سما اُسريا. سمن جي سنڌ تي حاڪميت گهڻو پوءِ اٽڪل 400 ورهين کانپوءِ 1350ع ۾ قائم ٿي، جيڪا 1520ع تائين هلي.
هڪ ٻيو بيت شاهه جي رسالي ۾ هن ريت آهي:
سُڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌي پيس ڪپر،
جن جي پاڳن ۾ پر، سي پيئڙا وير وِماس ۾.
هن بيت ۾ ’پڳن ۾ پر‘ لفظ ڪتب آيا آهن، جيڪي انهن ماڻهن جي شاهي ويس جا اهڃاڻ آهن، جن مان انهن لوڪن جي خوشحالي ۽ شاهوڪاري ظاهر ٿئي ٿي.
قديم درياهن جي کوجنا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڌرتيءَ جي ٻيهر محوري لاڙي، ڪنهن اندرين ارضي تبديليءَ، ماحولياتي ۽ موسمي ڦيرگهير جي ڪري سرسوتيءَ/ هاڪڙي جو نئون جنم ٻيهر ائين ممڪن آهي، جيئن ڪُڪنس (phoenix) جي ڦلهيار مان نوان ڪُڪِنس جنم وٺندا آهن. تازو 2001ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ آيل زلزلي جي ڪري ڪيترن هنڌن تان سرسوتيءَ جو پاڻي ٻاهر نڪري آيو، جيڪا مٿئين ڳالهه کي حقيقت ثابت ڪرڻ لاءِ ثبوت طور پيش ڪري سگهجي ٿي.
ساڳيءَ طرح آڳاٽي سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سرسوتيءَ/ هاڪڙي جي ٻيهر وهڻ بابت هڪ اڳڪٿي ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ پڻ موجود آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي، لوڙهه، ويندا سمي سُوکڙي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو