سرلو: سرلو مڇي ننڍين مڇين ۾شمار ٿيندي آهي ۽ سرهيي مڇيءَ جهڙي ٿئي ٿي. هن جو رنگ سفيد ٿيندو آهي. سرهيي مڇيءَ جو قسم وڏو ٿيندو آهي، سرلو مڇي ننڍي ٿيندي آهي. هي سال ۾ ٻہ دفعا آني ڪندي آهي. عام مڇين وانگر ڍنڍن جو گاھہ کائيندي آهي. هن کي ’سُريهڙو‘ ۽ ’سَرنهڙو‘ بہ چوندا آهن.