سرماڻي پير آدم جي درگاھہ: پير آدم سرماڻي اڄ کان اٽڪل ست سو سال اڳ جو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس تعلق ڪلمتي بلوچن جي بگهياڙ پاڙي سان هو. پير آدم حياتيءَ ۾ کارڙي ناڪي کان ڏکڻ طرف، سمنڊ ويجهو نئين جي ڪنڊ ۾ رهندو هو، جنهن کي پير آدم وارتي ڪنڊ چون ٿا. روايت آهي تہ پاڻ دهليءَ جي شاھہ نظام الدين اولياءَ جو خليفو هو. ڪلمتين جي بگهياڙ قبيلي مان وڏا عارف ۽ ولي ٿي گذريا آهن، هيءَ درگاھہ تعلقي سونمياڻي، ضلعي لس ٻيلي ۾ آدم کنڊ کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اوڀر طرف واقع آهي. هن رانڪ ۾ پير آدم جي مزار کانسواءِ ارڙهن درويشن ۽ حاجي سڳورن جون پڪيون تربتون آهن. رانڪ جي ٻاهران ٿلهي تي دروازي جي اتر طرف پير صاحب جي گهر واري ملي بنت باجڪ جي پڪي تربت آهي. انب کان ٿورو پري اتر طرف ٿلهي کان ٻاهران هيٺ درويش سيد جي پڪي تربت آهي، رانڪ جي ٻاهران هڪ وڏو قبرستان آهي، جنهن جي اولھہ واري پاسي کان ڪلمتي بلوچن جون چٽساليءَ سان گهاڙيون آهن، جن تي نالا اڪريل آهن. درگاھہ کان اوڀر طرف ڏيڍ فرلانگ تي اولياءَ حضرت شاھہ نظام الدين دهلوي (725ھہ/1325ع) جو چلو آهي. شاھہ نظام الدين جو قبو دهليءَ ۾ آهي، اتي هڪ وڏي ڇپ رکيل هئي، جنهن جو اڌ هتي چلي واري جاءِ تي رکيل آهي. مريد پهريان انهيءَ چلي جي زيارت ڪري پوءِ درگاھہ تي ويندا آهن. چلي تي پير آدم جا خليفا سالياني عرس جي موقعي تي خيرات ڪندا آهن.