سرمد سنڌي

سرمد سنڌي

سرمد سنڌي

سرمد سنڌي: سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد حيات علي مغل هو.سندس جنم 7 مئي 1958ع تي ضلعي خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شھر پريالوءِ ۾ ٿيو. سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين تعليم پريالوءِ ۾ حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان 1980ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. 1980ع ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر (سول) ۽ بعد ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اسٽنٽ ڪنٽرولر مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات ڪاليج لائف کان شروع ڪئي ،ائين ئي هو پنھنجي يارن دوستن ۾ ويهي جهونگاريندو رهندو هو. کيس جيئي سنڌ جي نعري سان محبت هوندي هئي. پاڻ جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ان وقت بہ ڪاليج ۾ ٿيندڙ قومي پروگرامن ۾ قومي گيت جهونگاري محفل تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي طرح سندس سريلي آواز جا آلاپ وڏين محفلن ۾ پڻ گونجڻ لڳا ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف محفلن کي قومي گيتن سان گرمائي ڇڏيندو هو. اهو جنرل ضياءَ واري مارشلا جو دور هو ۽ سنڌ ۾ قومي گيتن کي چاھہ سان ٻڌو ويندو هو. سرمد سنڌي قومي ڪاڄن ۾ سڄي رات بيهي قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي، خاص ڪري نوجوانن ۾ نئون ولولو ۽ جوش پيدا ڪندو هو. جڏهن بہ هو ڳائيندو هو، تہ سنڌي نوجوان پنڊال ۾ جهومندا. هڪ دوست نور احمد ميمڻ جي صلاح تي رحمان مغل مان سرمد سنڌي بڻيو. سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو پاڪستان تي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي ۽ پي. ٽي. وي تي سميع بلوچ متعارف ڪرايو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس آواز ۾ پهريون ڀيرو هڪ لولي ’مارو لولي الو ميان‘ نشر ٿي. ٽي. وي تي سندس آواز ۾ ڳايل پهريون ڪلام ’تنھنجي ياد جي وري آ وير‘ هو. ان کانپوءِ سرمد بيشمار عوامي، گيت، غزل، وايون ۽ صوفين جو ڪلام اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ آڊيو-وڊيو ڪئسٽن ذريعي ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين مڃتا ماڻي. سرمد سنڌيءَ جو تعلق ڪنهن پيشہ وار گائڪن جي خاندان سان ڪونه هو، پر سندس خاندان هڪ مذهبي گهراڻو هو، جتي ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نہ سمجهيو ويندو هو. هن راڳ جي باقاعدہ سکيا ڳوٺ مان لالا عزيز،شاهد بزمي،خان '>استاد ظفر علي خان ، ظھور خان زيبي ۽ بيدل مسرور کان ورتي، هن ڳايو هميشہ الڳ انگ ۽ رنگ ۾. هن جي ڳائڻ جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن بہ فلمي طرزن تي نہ ڳايو، هو اڪثر ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو ۽ شاعريءَ جي چونڊ ۾ مهارت رکندو هو. سندس هميشہ اها ڪوشش هوندي هئي تہ سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشہ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنھنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ ڪئي. هن هر موضوع تي ڳايو، سندس محورسماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا. هن وٽ سندس لاشعور ۽ ڏات جي ڏيھہ ۾ هڪ اهڙي خوبي هئي، جا ڪلا جي پابندين جي محتاج ڪانہ هوندي هئي. . سرمد سنڌيءَ جا وڏا اصل سکر جا هئا، ۽ عملي طرح هن پنهنجو پاڻ، پنھنجي گهر ڀاتين ۽ پنهنجن ٻارن کي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان رچائي ڇڏيو هو. کيس سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تھذيب سان بي انتها محبت هئي. هن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي. سرمد سنڌي قومي پروگرامن جي دعوت جي ڪابہ فيس وغيرہ نہ وٺندو هو، کيس ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت نہ بہ ملندي هئي، تہ بہ فرض سمجهي ان پروگرام ۾ پاڻ مرادو هليو ويندو هو. سندس دوستن کي چيل هوندو هو تہ ڪنهن بہ سنڌيءَ جي دعوت ڏيڻ تي سندس اچڻ جي پڪ ڏئي ڇڏين، هن ڪڏهن بہ پئسن جي خاطر نہ ڳايو، پر پنھنجي دلي شوق جي پورائي ۽ ڌرتيءَ جو فرض سمجهندي ڳايو. هن شاھہ لطيف سميت شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، اياز گل، ادل سومرو، زاهد شيخ، تاجل بيوس، زخمي چانڊيو، نظر پياسي، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي، سندن پيغام کي جهر جهنگ تائين پھچايو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ ڪري سڏيو آهي. سرمد سنڌي سائين جي.ايم سيد جي سالگرھہ جي پروگرامن ۾ هر سال پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هوندي هئي. سرمد سنڌي هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سخت زخمي ٿيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڄنگه جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهنڪري کيس ڪراچيءَ جي اسپتال مان لوهي راڊ لڳي ۽ پاڻ ان جي وسيلي هلڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد 27 ڊسمبر1996ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري، ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو تہ ديوان شگر مل ٺٽي ويجهو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڪراچيءَ نيو پئي ويو تہ رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ 35 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سـندس زندگيءَ جو آخري آڊيو البم ’ماروئڙا شھزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ، اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سرمد سنڌيءَ جي وفات تي تعزيتي تاثر ۾ لکيو آهي تہ: ”سرمد جو آواز اڃا تائين ڪَتين جي ڪنن ۾ گونجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي سوچيندا هوندا تہ سنڌ، ڌرتيءَ جو اهڙو اپگرھہ آهي،جتي اهڙي لازوال ڏات پيدا ٿي سگهي ٿي.“ سرمد سنڌيءَ کي پٽ ڄمڻ جي تمام گهڻي خواهش هوندي هئي. سرمد سنڌيءَ جي وفات کان ٽي ڏينهن پوءِ سندس ونيءَ هڪ پٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو ’عزيزالرحمان‘ رکيو ويو. کيس هڪ پٽ ۽ ڌيءَ ماريه جو اولاد آهي. هن وقت سرمد سنڌيءَ جو ننڍو ڀاءُ احمد مغل سندس نقش قدم تي هلندي، پنھنجي ڀاءُ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. سرمد سنڌيءَ جي وفات بعد علي حسن چانڊئي سندس ياد ۾ تاثراتن تي ٻَڌل هڪ ڪتاب ’سنڌ جو ٻيجل: سرمد سنڌي‘سهيڙي 1997ع ۾ سرمد سنڌي يادگار ڪاميٽي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن تہ ڪوثر ٻرڙي سندس ڳايل ڪلامن کي سهيڙي هڪ ڪتاب پڻ شايع ڪرايو آهي.


لفظ سرمد سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.07.07  عيسوي

سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد محمد حيات مغل هو. سندس جنم 7 جولاءِ 1961ع تي ضلعي خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو.


1996.12.27  عيسوي

سرمد سنڌي 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري، ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ 35 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪريم ڪڇي
زرداري غلام حسين
رفيق فقير
روشن آرا بيگم
پکراج ملڪہ
غلام قادر شيخ
حميره چنا
ديبا سحر
زينت شيخ
ڊگامبر وشنو پولاسڪر
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون