
سرمد شهيد جي خيالي تصوير

سرمد شهيد جي مزار جو اندريون ڏيک
سرمد شھيد: تصوف جي دنيا ۾ بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج، مخدوم بلاول شاھہ عنايت شھيد ۽ سرمد اُهي صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن، جن وحدت الوجود/ همھ اوست جي راھہ تي هلندي وقت جي حڪمرانن جي عذاب ۽ عتاب کي سڀ کان وڌيڪ برداشت ڪيو. بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج سوريءَ تي لٽڪايو ويو ۽ سندس عضوا ڳڀا ڳڀا ڪري ساڙي انهن جي رک دجله ۾ وهائي وئي، مخدوم بلاول کي وطن پرستيءَ جي ڏوھہ ۾ گهاڻي ۾ پيڙايو ويو، شاھہ عنايت شھيد ۽ سرمد اورنگزيبي جاھہ و جلال جا مخالف رهيا. شاھہ عنايت ’جو کيڙي سو کائي‘ جو نعرو هڻي ’گڏيل پوک‘ جو رواج وڌو، جنهن کي اورنگزيبي دلالن برداشت نہ ڪيو ۽ قرآن وچ ۾ آڻي کيس دغا سان شھيد ڪيو. سرمد، عشق ۽ همھ اوست جي دنيا جو مست الست فقير هو، جنهن جي ظاهري ننگائپ ۽ اورنگزيب جي ڀاءُ دارا شڪوہ سان دوستي عتاب جو ڪارڻ بڻي ۽ سرِ بازار تلوار سان سندس سِر اُڏايو ويو.
سرمد ڪير هو، ڪٿان جو هو، سندس تعليم ڇا هئي، ان بابت تمام ٿوري معلومات ملي ٿي. مولانا ابوالڪلام آزاد لکيو آهي ته، ”عھد عالمگيري ۽ ان کانپوءِ وارن فارسي تذڪرن ۾ عام طور سرمد شھيد بابت ’ڪي سٽون‘ مس درج آهن،“ هو لکي ٿو ته، ”مرزا محمد ڪاظم، عالمگير جي حڪم تي ڪجهہ سوانح حيات ۽ حالتون سن وار لکڻ شروع ڪيون، پر ڏھہ سال ئي نہ گذريا تہ سرڪاري حڪم موجب کيس اهو سلسلو بند ڪرڻو پيو. ان کانپوءِ ’نواب عالم‘ کي ان سلسلي کي مڪمل ڪرڻ جو خيال جاڳيو. سندس اشاري تي ’مستعد خان‘ باقي چاليهن سالن جون حالتون قلمبند ڪيون ۽ ابتدائي ڏهن سالن واري احوال جو انتخاب بہ ان ۾ شامل ڪري اُن جو نالو ’ماثر عالمگيري‘ رکيو. 1070ھہ/1661ع جي حالتن جي ورق گرداني ڪئي وئي، جيتوڻيڪ اهو سال سرمد جي شهادت جو سال هو، پر معلوم ٿيو تہ وڏيءَ ڪوشش سان تاريخ جي انهن صفحن کي ’سرمد‘ جي شهادت جي ذڪر کان بچايو ويو آهي تہ متان هن ’شھيد عشق‘ جي رت ٻڏل پهراڻ جي ڦڙن سان ڪٿي تاريخ جي حاشين تي داغ نہ ٿي پون.“
خافي خان جي تاريخ ’منتخب اللباب‘ مغليه دور جي مشھور تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اورنگزيبي عھد جو ذڪر آهي، پر اُن ۾ بہ
سرمد جي سوانح بابت هڪ لفظ بہ موجود نہ آهي. صرف ٻہ تاريخون اهڙيون آهـن، جـن ۾ سرمـد جو احوال ملي ٿو. هڪ شير خان لوڌيءَ جي تاريخ ’مراة الخيال‘ ۽ ٻيو علي قلي خان داغستانيءَ جو ڪتاب ’رياض الشعراء‘، جنهن جو قلمي نسخو ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال جي ڪتب خاني ۾ موجود هو.
سرمد، ايران جي ارمني خاندان مان هو، جنهن جو مذهب يهودي يا عيسائي چيو وڃي ٿو ۽ سندس جنم ڀومي ڪاشان، ايران هئي. هن صفوي دور حڪومت ۾ جنم ورتو، جيڪا شيعه مسلڪ جي هئي. سرمد ننڍيءَ عمر ۾ ئي اسلامي تعليمات کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو. سندس خانداني نالي جي خبر نہ ٿي پوي ۽ نہ ئي ڄاڻ پوي ٿي تہ اسلام قبولڻ کان پوءِ هن ڪهڙو نالو اختيار ڪيو. عام طور تذڪرن ۾ سندس ’سرمد‘ لقب ئي ملي ٿو. ڪن تذڪرن ۾ ’سعيدائ سرمد‘ جي نالي سان سندس احوال درج آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ سندس اسلامي نالي جو هڪ جز لفظ ’سعيد‘ هو، جيڪو ’سرمد‘ تخلص سان لاڳاپيل هو.
سرمد جي تعليم بابت بہ ڪا وثوق ڀري ڄاڻ نہ ٿي ملي، پر تذڪرا هن ڳالھہ تي متفق آهن تہ سرمد عالم ۽ فاضل شخص هو ۽ عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪمال دسترس رکندو هو.
سرمد جو ابتدائي پيشو واپار هو. چون ٿا تہ سندس والد بہ واپاري هو. سرمد ايران مان تجارتي مال کڻي هندستان ڏانهن روانو ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ان زماني ۾ علم ۽ فن وانگر جنس ۽ مال جو بہ هندستان وڏو مرڪز هو ۽ هتي ايراني مصنوعات پسند ڪيون وينديون هيون. سرمد ايراني مصنوعات سودائي هندستان جون قيمتي جنسون ۽ اتان جي کاڻين جا لعل ۽ جوهر خريدڻ نڪتو هو، پر کيس پتو نہ هو تہ قضا ۽ قدر جو فيصلو سندس حق ۾ ڪهڙو ٿيڻو آهي؟ هو ڏيساور ڏوري سنڌ ولايت جي حسناڪ شھر ٺٽي ۾ اچي نڪتو، جيڪو علم ۽ عرفان سان گڏ ’جهانِ عشق‘ ۾ بہ نشانبر هو.
اُن زماني ۾ ايراني تاجر ۽ سياح عام طور سنڌ کان ٿيندا هـندسـتان ايــنـدا هئا. سرمد بہ ايراني مصنوعات کڻي ٺٽي پهتو ۽ هن ’تجلي گاھہ ايمن‘ ۾ سندس نرم ۽ نازڪ دل کي هڪڙي هندو حسين ڇوڪري اڀيچند جي ڪافر نيڻن گهايل ڪري وڌو، جنهن کي سرمد هڪ محفل ۾ ڳائيندي ٻُڌو هو. سرمد سادو ايراني واپاري، دل جو متاع هٿن ۾ کڻي خريدار کي ڳولي رهيو هو ۽ جڏهن کيس خريدار اڀيچند جي صورت ۾ مليو تہ نگاھہ کڻي بہ نہ ڏٺائين تہ ڪير آهي ۽ ڇا کڻي آيو آهي. ان کي غنيمت ڄاتائين تہ دل جهڙي سستي متاع جي طالب هڪ جادوئي نظر آهي ۽ بنا ڌڙڪ اهو سودو منظور ٿي ويو.
دلالِ عشق بود خريدار جانستان،
خود را فروختيم چه سودا بما رسيد.
سرمد جي سچي عشق جو نوجوان اڀيچند تي بہ ڪرشماتي اثر ٿيو. پهرين مائٽن اڀيچند کي سرمد سان ملڻ کان روڪيو، پر جڏهن هنن ڏٺو تہ سرمد ۽ اڀيچند جو لاڳاپو هڪ مريد ۽ مرشد وارو آهي تہ کيس سرمد سان ملڻ جي اجازت ڏني وئي. چون ٿا تہ سرمد سان ملاقات کان اڳ بہ اڀيچند جي زندگي ڪافي بااصول هئي. سندس دل ۾ روحانيت جي علم حاصل ڪرڻ جي شديد تمنا هئي. کيس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق هو ۽ سرمد جي ٺٽي پهچڻ کان اڳ ئي محفلن جو مور بڻجي چڪو هو. سرمد سان ملاقات سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو ۽ هن جي دل ۾ موجود روحانيت جي چڻنگ عرفان جي لاٽ ۾ بدلجي وئي ۽ اُن سندس زندگيءَ ۽ ڪلام کي چمڪائي ڇڏيو. اڀيچند، سرمد ذريعي روحاني ڪتابن جو مطالعو ڪيو. ’دبستانِ مذاهب‘ ۾ اڀيچند جو هڪ شعر ڏنو ويو آهي:
هر مطيع فرقا نم، هم ڪيشِ رهبانم،
ربيء يهودانم، ڪافرم، مسلمانم.
(مان قرآن جو بہ فرمانبردار آهيان، عيسائين جو بہ هم مذهب آهيان،
يهودين جو بہ واعظ آهيان، ڪافر بہ آهيان، مسلمان بہ آهيان.)
سرمد ٻہ سال ٺٽي ۾ گذارڻ کانپوءِ لاهور هليو ويو. ’دبستان مذاهب‘ جو ليکڪ معتمد خان، سرمد سان 1634ع ڌاري لاهور ۾ مليو هو، پر هُو اهو نہ ٿو ڄاڻائي تہ سرمد لاهور ۾ ڪيترو عرصو رهيو، پر ايترو لکي ٿو ته، ”لاهور جي رهواسين ۾ سرمد بيحد مقبول هو ۽ مختلف خيالن جا ماڻهو سندس چوگرد موجود رهندا هئا، سندس جسم تي گهنڊيدار ڊگها وار هئا ۽ مٿس روانيءَ سان شعرن جو نزول ٿيندو هو ۽ صاف فارسي ڳالهائيندو هو.“
لاهور ۾ رهڻ دوران بادشاھہ شاھجھان سان سندس ملاقات جو احوال نہ ٿو ملي. سرمد 33-1634ع دوران لاهور ۾ ترسيل هو، پوءِ 1646ع تائين سندس خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿي هو. 1646ع ڌاري سرمد حيدرآباد دکن آيو. سندس دکن آمد وقت عبدالله قطب شاھہ گولڪنڊه جو بادشاھہ هو. بادشاھہ ۽ سندس وزير شيخ محمد خان، سرمد جا معتقد بنجي ويا (حوالو: دبستان مذاهب). حيدرآباد ۾ سرمد وٽ روزانو عقيدتمند جو ميڙو متل هوندو هو. هو پنهنجون رباعيون سندن آڏو پڙهندو هو، جن ۾ دنياوي سُڌن کي ترڪ ڪرڻ ۽ عزت ۽ شھرت جي فاني هجڻ جي آگاهي هئي. سرمد جي هاڪ هنڌين ماڳين پکڙي وئي.
ان کانپوءِ سرمد شاھجھان جي زماني ۾ 1954ع ڌاري دهليءَ آيو ۽ نظرياتي هم آهنگيءَ جي ڪري دارا شڪوہ جي حلقي سان منسلڪ ٿي ويو. تاريخدان رضويءَ جي ڪتاب ‘A History of Sufism in India’ مطابق 1654ع تائين سرمد دهليءَ ۽ پوري هندستان ۾ هڪ عظيم صوفي، درويش ۽ آزاد خيال مفڪر طور مشھور ٿي چڪو هو.
اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ سرمد کي ان ڳالھہ جو احساس هو تہ حيدرآباد کان دهليءَ پهچي، هو اصل آرام گاھہ يا قتل گاھہ ڏانهن وڃي رهيو آهي، جتي سندس محبوب يعنيٰ خدا سان وصال ٿيندو. سندس هڪ رباعيءَ مان اهڙو اشارو ملي ٿو:
ما سِر خود را چون ڪوھہ وزره پا دانستہ ايم،
شھرِ دهلي را بہ شانِ ڪربلا دانستہ ايم،
رفتہ منصور از قصہ و رفت سرمد نيزهم،
دار هارا از عطائي ڪبريا دانستہ ايم.
(سر کي پنھنجي خاڪ ۾ ذرو ڄاتو سون،
دهليءَ جي شھر کي ڪربلا وانگر ڄاتو سون،
ويو سرمد قضا سان تہ سرمد بہ ويندي ڄاڻو،
دارو رسن کي ڪبريا جي عطا ڄاتو سون.)
دهليءَ ۾ سرمد جي شھرت وڌي وئي، هر وقت وٽس ماڻهن جا هجوم رهندا هئا. فرينچ ڊاڪٽر برنيز جي ڪتاب ’برنيز ٽريولرز‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ سرمد کي دهليءَ جي گهٽين ۾ ڪيترا ڀيرا اگهاڙو ڏٺو ويو. شاھہ جھان ۽ دارا شڪوہ بہ سندس معتقد بنجي ويا. دارا، ميان مير سنڌي ۽ ٻين صوفين کان متاثر هو ۽ هن ’سڪينة الاولياء‘ نالي ڪتاب لکيو هو.
سيپٽمبر 1657ع ۾ شاھجھان داراشڪوه کي سلطنت جو ولي عھد نامزد ڪيو، جنهن تان سندس ڀاءُ اورنگزيب کي سخت تڪليف پهتي ۽ ٻنهيءَ جي وچ ۾ هڪ نظرياتي جنگ جي شروعات ٿي وئي. دارا شڪوہ مذهبي رواداريءَ جي باوجود پنھنجي متعصب ڀاءُ اورنگزيب جي عتاب کان بچي نہ سگهيو.
دارا ۽ سرمد جي دوستيءَ کي اورنگزيب پنھنجي اقتدار لاءِ خطرو سمجهندي، ٻنهي کي ختم ڪرائڻ لاءِ سوچيو، ڇو تہ کيس خبر هئي تہ دارا سرمد کي ’پير و مرشد‘ چئي مخاطب ٿيندو هو ۽ هو کيس ’روحاني بادشاهت‘ جي بشارت ڏيندو هو، جنهن کي اورنگزيب پنھنجي دنيوي اقتدار لاءِ خطرناڪ ڄاتو.
شاھجھان جي آگري وڃڻ کانپوءِ اورنگزيب ۽ دارا ۾ تخت جي حاصلات لاءِ گهرو ويڙھہ شروع ٿي وئي. اورنگزيب دارا جي پٺيان هٿ ڌوئي پيو، مختلف معرڪن ۾ دارا شڪوہ جو فرزند سليمان شڪوه، جرنيل جئہ سنگهہ ۽ دارا شڪوہ کي شڪستون کائڻيون پيون. نتيجي طور دارا کي صحرا صحرا، بستي بستيءَ ڀٽڪڻو پيو. هو دهليءَ کان لاهور، سنڌ ۽ گجرات کان ٿيندو راجپوتانا هليو ويو، جتي مارچ 1659ع ۾ راجپوتن جي مدد سان ديورا وٽ هن جو اورنگزيبي لشڪر سان مقابلو ٿيو، پر کيس ناڪامي نصيب ٿي ۽ آخرڪار ’ملڪ جيوڻ‘ غداريءَ سان کيس گرفتار ڪرائي اورنگزيب جي حوالي ڪيو. اورنگزيب هٿ ٺوڪي شرعي عدالت کان دارا جي خلاف ڪفر جي فتويٰ حاصل ڪري کيس مارائي ڇڏيو. ان کانپوءِ هن سرمد کي بہ مارائڻ جو سوچيو، پر سرمد جي عوامي مقبوليت کان خائف هو، ڇو تہ کيس خبر هئي تہ سرمد جي هڪ اشاري سان دهلي شھر اٿي کڙو ٿي سگهي ٿو. سرمد جي وڌندڙ عظمت ۽ شھرت اورنگزيب ۽ سندس درٻاري دلالن ۽ خوشامدي شرعي عالمن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀڻ لڳي. هو سرمد کي هڪ باغي ۽ شهنشاهيت لاءِ خطرناڪ ماڻهو سمجهڻ لڳا. درٻاري ملا عبدالقويءَ سرمد تي پنھنجي همنوا ملن طرفان الزام لڳائڻ شروع ڪيا. ملا قوي اورنگزيب جو پيارو درٻاري هو، اورنگزيب کيس سرمد ڏانهن موڪليو تہ هو کيس اگهاڙي رهڻ کان منع ڪري. جڏهن ملا قوي اورنگزيب کي ان ڳالھہ کان منع ڪئي تہ هن کيـس مخاطـب ٿي چيـو تہ: ’هر چند ڪه من ضعيف و شيطان قوي است‘ مطلب تہ ”آءٌ جيتوڻيڪ ڪمزور آهيان، پر شيـطان ’قـوي‘ آهـي.“ اهو جملو ذومعـنـيٰ هو: (1) شيطان سـگـهارو/ قـوي آهـي، (2) قوي (ملا قوي) شيطان آهي. ملا قويءَ جو اندر سڙي ويو تہ سرمد هيٺين رباعي پڙهي:
آن ڪس ڪه ترا تاج جھان باني داد،
مارا همه اسباب، پريشاني داد،
پوشاکه لباس، هر ڪرا عيبي ديد،
بي عيبان با لباسِ عرياني داد.
(جنهن تو کي هي جھان جو تاج ڏنو آهي،
تنهن اسان کي پريشانيءَ جو سامان ڏنو آهي،
جيڪي عيبدار آهن، تن کي مالڪ لباس سان ڍڪي ٿو،
مون جهڙن بي عيبن کي اگهاڙپ سان نوازي ٿو.)
مولانا ابوالڪلام لکيو آهي ته، ”سرمد جي اگهاڙپ سندس دنياوي لاڳاپن کي ترڪ ڪرڻ جو ظاهري اشارو هو ۽ سندس انتهائي مسڪيني جذبي ۽ عاجزيءَ جو نشان هو.“
چون ٿا تہ خود اورنگزيب، سرمد سان مخاطب ٿي کيس چيو هو تہ: ”تو اڳڪٿي ڪئي هئي تہ شاھجھان کان پوءِ دارا دهليءَ جي شاهي تخت تي ويهندو، پر هاڻي تنهنجو پيارو دارا ڪٿي آهي؟
سرمد وڏي دليريءَ سان کيس وراڻيو: ”ﷲ تعاليٰ کيس (دارا کي) لافاني تخت ۽ ابدي سلطنت عطا ڪئي آهي، منهنجي اڳڪٿي غلط ثابت نہ ٿي آهي. تون دارا کي ڏسي نہ ٿو سگهين، ڇو تہ تو سلطنت تي قبضو ڄمائڻ لاءِ پنھنجي ڀاءُ جي موت جو سهارو ورتو آهي. ان کان سواءِ تو ٻيا بہ ڪيترا ظلم ۽ ستم ڪيا آهن؟“
جڏهن سرڪار ۽ درٻار سرمد جي اگهاڙپ کي ڏوھہ ۽ قتل لائق سزا ثابت نہ ڪري سگهي تہ کيس گرفتار ڪري ملا قويءَ جي عدالت ۾ آندو ويو ۽ مٿس چار الزام مڙهيا ويا:
(1) هو ننگو رهي ٿو، جيڪا ڳالھہ شريعت جي خلاف آهي
(2) هو دارا جو همدرد ۽ حمايتي رهيو آهي،
(3) هو اڌ ڪلمو ’لا الــٰھ‘ پڙهي ٿو ۽ مڪمل ڪلمو نہ ٿو پڙهي.
(4) هو ’معراج النبيصه‘ جو مُنڪر آهي.
سرمد اگهاڙپ جو جواب اهو ئي ساڳيو ڏنو، جيڪو اڳ بہ ملا قويءَ کي ڏئي چڪو هو. دارا جي ’روحاني سلطنت‘ جو تہ هو اڳ بہ قائل هو، ۽ الزام وقت بہ سندس ساڳيو جواب هو. اڌ ڪلمي بابت سرمد چيو تہ: ”آءٌ بيشڪ اڌ ڪلمو ’لااِلــٰھ‘ پڙهندو آهيان، ڇو تہ مون اڃا تائين ﷲ جو ديدار نہ ڪيو آهي، آءٌ نفيءَ ۾ آهيان ۽ اثبات جي منزل کي نہ پهتو آهيان. جڏهن محبوبِ خدا صلعم جو روبرو ديدار ڪندس تڏهن مڪمل ڪلمو طيب پڙهندس، ۽ معراج بابت سرمد هيٺين رباعي پڙهي:
هرڪس ڪه سر حقيقتش باور شد،
اوپهن تراز سپهر پنها ور شد،
ملا گويد بر فلک شد احمد،
سرمد گويد فلڪ بہ احمد شد.
(جنهن بہ هن حقيقت کي حاصل ڪري ورتو،
اهو وسيع آسمان کان وسيع تر ٿي ويو،
ملا چوي ٿو تہ احمد آسمان تي ويو،
سرمد چوي ٿو تہ آسمان احمد اندر آهي.)
نيٺ سرمد تي موت جي سزا صادر ڪئي وئي. سندس قتل جي فتويٰ خميس جي ڏينهن ڏني وئي ۽ سندس قتل جي نماءَ لاءِ جمعي جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. اهو 62-1661ع جو خوني سال هو. (حوالو: هينسن: The Peacock Thrown، ص: 410)
سرمد جي قتل جي مڪمل تياري ڪئي وئي، سڄو شھر فوج جي حوالي ڪيو ويو ۽ ماڻهن ۾ دهشت پکيڙي وئي تہ قانون ڪنهن جو بہ لحاظ نہ ڪندو. هندستان جي گاديءَ واري شھر ماتمي لباس پاتو (حوالو: A History of Sufism in India، جلد ٻيو، ص: 485، رضوي).
جمعي جي ڏينهن جامع مسجد دهليءَ جي ڏاڪڻ وٽ هڪ مٿانهون دڪو ٺاهيو ويو. شھر ۾ سرمد جي قتل لاءِ پڙهو گهمايو ويو. جامع مسجد وٽ ماڻهن جو وڏو ميڙ جمع ٿي ويو. هر اک آلي هئي، هر دل روئي رهي هئي. سرمد کي فوجين جي پهري هيٺ لال قلعي مان آندو ويو، ماڻهن جو وڏو هجوم سندس اڳيان ۽ پٺيان هو. سرمد بي فڪريءَ سان اوچي ڳاٽ هڪ سچي عاشق وانگر ڄڻ تہ محبوب حقيقيءَ ڏانهن مستن وانگر جهومندو، رباعيون ڳائيندو آيو. سندس چهري تي عجيب جلال هو. سرمد کي قتل جي دِڪي تي آڻي بيهاريو ويو. سندس اکيون ۽ ٻانھون آسمان ڏانهن کڄيل هيون. جلاد اگهاڙي تلوار هٿ ۾ کڻي سرمد ڏانهن وڌيو. هن دستور موجب سرمد جي چهري کي ڪپڙي سان ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن انڪار ڪيو ۽ جلاد کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”فدائ تو شدم بيابيا، ڪه تو بھر صورتي مي آئي، من ترا خوب مي شناسم.“ (مان تو تان صدقي! اچ اچ! تون ڪهڙي بہ صورت ۾ اچين ٿو، مان تو کي سڃاڻان ٿو.)
اورنگزيب جو مير منشي عاقل خان غازي لکي ٿو تہ سرمد قتل کان اڳ هي شعر پڙهيو:
عرياني تن بود غبارِ رهِ دوست!
آن نيز بہ تيغ از سرها وا کردند.
(منهنجي جسم جي اگهاڙپ دوست جي راھہ ۾ گردو غبار هئي،
جلاد تلوار سان منهنجو ڪنڌ ڪپي ان گرد کي جدا ڪري ڇڏيو.)
ايترو چئي سرمد ڪنڌ کي نوائي، هيٺيون شعر پڙهيو ۽ ڪنڌ تلوار هيٺان ڏئي ڇڏيو. جلاد تلوار جي هڪ ڌڪ سندس سر کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو:
شوري شدم از خوابِ عدم چشم ڪشوديم،
ديدم که باقيست شبِ فتنه هاغنوديم.
(شور ٿيو ۽ مون عدم جي خواب مان اک کولي،
ڏٺم تہ فتني جي رات اڃا باقي آهي، ۽ ٻيهر سمهي رهيس.)
مولانا ابوالڪلام آزاد لکيو آهي تہ:
”اسلام جي تيرهن سؤ سالن جي تاريخ ۾ مذهبي مهندارن ۽ قاضين جو قلم، ۽ جلاد جي تلوار هزارين حق پرستن جي رت وهائڻ جا ذميوار رهيا آهن، جڏهن بہ بادشاھہ جي سر تي حق پرست جي رت وهائڻ جو ڀوت سوار ٿيندو آهي تہ فقيهن جو قلم ۽ سپھہ سالار جي تلوار گڏوگڏ هلندا آهن.“ سرمد ڀيري پڻ ائين ئي ٿيو.
’رياض الشعراء‘ جو ليکڪ ولي داغستاني سرمد جي شهادت کان ڪجهہ سال پوءِ سندس مزار تي حاضري ڏيڻ ويو تہ هن تربت کي گلن سان ڍڪيل ڏٺو، روزانو بيشمار عقيدتمند سندس مزار تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ ايندا هئا. داغستاني لکي ٿو تہ: ”منصور ثاني سرمد جي تربت کي سائو گاھہ سڄو سال ڍڪي ڇڏيندو آهي، جيڪو ڪڏهن بہ نہ سُڪندو آهي، سرمد جو روح بہ سندس حياتيءَ وانگر بلڪل تازو توانو رهيو ۽ شهادت کان پوءِ بہ ڪڏهن نہ ڪوماڻو.“
سرمد جو قتل، لافاني روح جي فاني جسم تي فتح جي
بي مثال شهادت هئي. سرمد جھڙا صوفي تاريخ جي ورقن تي ڳاڙهن اڱرن وانگر ٻرندا رهندا.
سرمد فارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. هن مثنوي ۽ غزل جي صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. سرمد جي شهادت جو ذڪر سنڌ جي صوفي شاعريءَ کان وٺي جديد شاعريءَ تائين موضوع سخن رهيو آهي. شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ سرمد کي هن ريت خراج عقيدت پيش ڪيو آهي:
مُلان پنھنجي عماميءَ ۾
سوچي، ڏاڙهي نوچي
سرمد ڇا ٿو سوچي؟
دِليءَ جون ديوارون سوچن
چنڊ قطب مينار مٿان آ،
ڌرتيءَ تي دستارون سوچن؛
مجري مجري جي پايل ۾
ڇَم ڇَم جون ڇنڪارون سوچن
قلعي قلعي اک نہ جهپڪي،
رات لڙيءَ للڪارون سوچن
هٿ هٿ خوني خنجر سوچي
تارونءَ ۾ تلوارون سوچن
دارا جي تقدير نہ سوچي
هونءَ تہ سڀ درٻارون سوچن
سرمد ڇا ٿو سوچي؟
هن عريانيءَ جي جامي ۾،
لونءَ پئي ڇا لوچي؟
مُلان پنھنجي عماميءَ ۾
سوچي، ڏاڙهي نوچي
سرمد ڇا ٿو سوچي؟