سرمستاڻي بلوچ قبيلو: بلوچستان سان تعلق رکندڙ سرمستاڻي بلوچ قبيلي کي عام ٻولي ۾ ’لورو‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. عام طور تي ان قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو ڪم لوهارڪو آهي. لوهارڪو ڪم کين وڏن کان ورثي ۾ مليو آهي. هن قبيلي جا ماڻهو لوھہ جي ٽڪرن مان مختلف ڪم ڪارين ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار ٺاهيندا آهن، جن ۾ گهوٻو، ڏاٽو، ڇري، ڪاتيون، ڪات، ٽڦڻي، والو هار، ڪهاڙيون، توا ۽ ٻيون ڪيترن ئي شيون ٺاهي روزگار ڪندا آهن. انهيءَ قبيلي ۾ تعليم جو رجحان تمام گهٽ آهي. انهيءَ جو اهم سبب اهو آهي تہ اهي هر ڇهين مهيني کانپوءِ لڏپلاڻ ۽ نقل مڪاني ڪندا رهن ٿا. سياري جي مند ۾ سنڌ ۾ اچي رهن ٿا. جڏهن سنڌ ۾ گرمي جي مند شروع ٿي تہ هن قبيلي جا ماڻهو بلوچستان جي سرد علائقن، جھڙوڪ: ڪوئيٽا، خضدار، پشين، قلات ڏانهن رخ ڪندا آهن. سرمستاڻي بلوچ قبيلي جا ماڻهو لوهارڪي ڪم کان علاوہ خوشين واري موقعن تي دهل بہ وڄائيندا آهن، جنهنڪري انهن کي ’لوري‘ سڏيو ويندو آهي. هن قبيلو جي ماڻهن ۾ ايڪي ۽ ٻڌي جو رواج تمام مضبو ط آهي.
سرمو: هيءُ جبل جي پيدائش، ڪاري رنگ جي چمڪندڙ پٿر مان سنهو پيهين حاصل ڪبو آهي. سرمي کي اکين ۾ پائڻ سان اکين جي نظر وڌندي ۽ اکين کي طاقت ملندي آهي. ڌڪ لڳڻ سبب رت نڪري پئي تہ پيٺل سرمو وجهڻ سان رت وهڻ بند ٿي ويندو آهي.