سرمست10
سرمست-10: ’سرمست‘- 10 جو مرتب: تنوير عباسي ۽ ٻانهن ٻيلي، نامور محقق ۽ عالم عبدالڪريم سنديلي جي رنگين تصوير کانپوءِ گذريل ڪانفرنس جو تصويري خبر نامو ڏنو ويو آهي. ’پنهنجي پاران‘ ۾ تنوير عباسيءَ ڄاڻايو آهي ته ”ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مضمونن کي ڇپائڻ جي روايت غلام محمد ميمڻ 1981ع ۾ وڌي، سيد محب الله شاهه، سيد غوث علي شاهه ۽ حميد آخوند جي ڪوشش سان 1982ع ۽ 1983ع ۾ عظيم الشان سچل نئشنل سيمينار منعقد ٿيا،... ان دوران 1981ع کان 1989ع تائين هر سال درازن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل تحقيقي مقالن کي سرمست 1 کان وٺي 9 تائين محفوظ ڪيو ويو. سال 1989ع کي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سچل جي سال طور ملهايو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جس لهڻن، سال جي پڄاڻيءَ تي ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي سچل سيمينار ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڀارت لڏي ويل سنڌي محققن مقالا پڙهه، ان کان اڳ آديپور (ڪڇ) ۾ 1988ع ۾ سچل تي سيمينار ٿيو، جنهن ۾ پڙهيل ڪجهه مضمون اسان ڇاپيا آهن. وڏي ڳالهه آهي، سچل سرمست جي لغت، جيڪا سدا حيات عالم، عبدالڪريم سنديلي اسان جي لاءِ ترتيب ڏني ۽ سچل سرمست جي ببليو گرافي، جيڪا محمد علي حداد 1982ع ۾ ڇپائي ۽ اڃا تائين هر سال ان ۾ واڌارا سُڌارا ڪندو ٿو رهي. ان کانسواءِ سچل چيئر اڪيڊميءَ جي ڪم جي ذڪر ۽ شاگرد ماهر لسانيات عبدالڪريم سنديلي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن پرچي جي ابتدا ۾ مقالا ڏنا ويا آهن، جن جي ترتيب هن ريت آهي:
(1) ڊاڪـٽـر ايـاز قــادري (مـنصــور حــلاج ۽ سـچــل سـرمـسـت)، (2) حميد سنڌي (پُٺيءَ ڄڃ مَه ڄُل)، (3) غلام محمد لاکو (سچل جي سوانح ۽ ڪلام جو قديم ترين ڇپيل ماخذ)، (4) الطاف اثيم (صوفيءَ جي اصليت ۽ سماجي ڪردار)، (5) قـاسـم ٻگهيو (سچل ۽ سنڌي سماج جو اڀياس)، (6) ڊاڪٽـر شـاهنـواز ســوڍر (سنڌ ۾ صوفي بـزرگـن جـو ڪـردار)، (7) خادم عباسي (درگاهه درازن جي گادي ڌڻين جو تعارف)، (8) اختر درگاهي (سچل جو نظريو)، (10) گوبند مالهي- خاص مقالو (سچل سرمست).
آخر ۾ سچل سرمست تي ببليوگرافي (ڇهون واڌارو): محمد علي حداد شامل ڪئي وئي آهي. هن پرچي ۾ شاعري نه ڏني وئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل هي سلسلو 1990ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 35 روپيا آهي.