سرمست9

سرمست9

سرمست9

سرمست-9: ’سرمست‘ ڪتابي سلسلي جي نائين ڪڙيءَ جو مرتب تنوير عباسي آهي. ابتدا ۾ وزيراعليٰ سنڌ، سيد قائم علي شاھہ ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمئن سچل يادگار ڪميٽي خيرپور فضل الرحمان ۽ گذريل سال جي ادبي ڪانفرنس جون رنگين تصويرون ڏنل آهن. ’پنھنجي پاران‘ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو: ”هن سال اسان هي سرمست- 9-1989ع هڪ نئين ۽ کليل فضا ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت جو سڻائو واءُ وريو آهي ۽ محترمہ بينظير ڀٽو جي رهنمائيءَ ۾ قافلو منزل تي پهتو آهي. سنڌ جي سرواڻي محترم قائم علي شاھہ جي حصي ۾ آئي آهي، جيڪو سچل يادگار ڪميٽيءَ جو پراڻو ۽ مخلص ڪارڪن آهي ۽ جنهن اونداهي دور ۾ جمهوريت جي سج اڀارڻ لاءِ ڪيترو ئي سٺو ۽ قربانيون ڏنيون آهن.“
ان بعد هن اميد ڏيکاري آهي تہ هو سچل اڪيڊمي ۽ سچل چيئر ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ کي اڳي کان اڳرو ڪندو. اهڙيءَ ريت ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ماهتاب اڪبر راشديءَ سان بہ هن اميد ڏيکاري آهي تہ هوءَ صاحبہ سنڌ جي ثقافتي مسئلن توڙي سچل سائينءَ جي باري ۾ هميشہ دلچسپي وٺندي. ان کانسواءِ هن ڄاڻايو آهي تہ سال 88-1989ع ۾ سچل آڊيٽوريم اٽڪل هڪ ڪروڙ جي لاڳت سان جڙي راس ٿيو آهي... سچل اڪيڊميءَ جو صلاحڪار بورڊ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو اڃا اڻپورو پيو لڳي... اسان جو سنڌ سرڪار کي ادب سان عرض آهي تہ ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۾ جايون ڀرڻ وقت ’سياست‘ کي نظر انداز ڪري ’نوڪري ڪرڻ‘، ’پگهار کائڻ‘ ۽ ’گريڊ وٺڻ‘ وارن بدران اهڙن ڪارڪنن کي رکجي، جيڪي اهليت رکڻ سان گڏ مشنري اسپرٽ (Missionary Sprit) پڻ رکندا هجن. اهڙيءَ طرح شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران جولاءِ 1988ع کان ’سچل چيئر‘ قائم ٿيڻ ۽ سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن سال 1989ع کان ’سچل سال‘ ڪري ملهائڻ جي آجيان ڪئي وئي آهي.
سرمست جي شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ تاج جويي، عنايت بلوچ، تاجل بيوس، پرواني ڀٽي، اياز گل، ادل سومري، خاڪي جويي، هدايت بلوچ، الطاف اثيم، اميد خيرپور، نظام زائر، ملڪ نديم، غلام عباس ڀنڀري، غلام قادر مجاهد، مختيار گهمري، مقصود گل، جمال الدين مومن، مير صوبدار سعيد ۽ صوفي جهامنداس ’عاشق‘ جي شاعري شامل آهي. شاعريءَ کانپوءِ هيٺيان نالا شامل آهن:
(1) غلام رباني آگرو، صدارتي تقرير (سچل ڏکويل دلين جو ترجمان)، (2) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (سچل جو مالڪوس)، (3) حبيب صديقي (سچل سرمست جي دور جي تاريخي اهميت)، (4) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (شاھہ ۽ سچل)، (5) محمد علي حداد (سچل سائينءَ جي ديس واسين سان محبت)، (6) نصرت حسين ابڙو (سچل، سچ ۽ امن جو امام)، (7) ملڪ نديم (سچل جـي شـاعـريءَ ۾ پورهيت لاءِ پيغام ۽ (8) مولانا عبداللطيف سڪندري (حضرت سچل سائينءَ جا سچ ۽ پيشن گويون).
خاص مقالا: (9) ڊاڪٽر ستيش روهڙا (سچل جي موجودہ وقت ۾ واسطيداري)، (10) ايڇ. آءِ سدارنگاڻي (سچل- صوفي لاڪوفي) ڊيمي سائيز جي 97 صفحن تي مشتمل هي ڪتابي سلسلو 1989ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو