سرمو ستارو: هي هڪ ڀرت جو قسم آهي، جنهن ۾ مڪي، ستارن، دٻڪن ۽ هرمچ جو ڪم شمار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ هي ڀرت خاص ڪري نياڻين جي ڏاج ڏيوڻ جي ڪپڙن لٽن تي ڀرايو ويندو آهي ۽ هن ڀرت سان ڀريل ڪپڙا وغيرہ مٽن مائٽن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويندا آهن. هي ڀرت وڏي شوق سان گهر جي سينگار وارن ڪپڙن، جهالرن، وهاڻن جي ڇوهين، چادرن ۽ دسترخوان جي چادرن وغيرہ تي ذري جي ڪم ۾ سرمي ستاري ۽ ڏورن سان ڀرايو ويندو آهي. هن ڀرت کي ڀرڻ وقت ڪپڙي کي ڪاٺ جي قالب (فريم) يا ڪارچوپ جي مدد سان ڇڪي ٽانڪي ٻڌبو آهي، جنهن بعد ڀرت جي سامان کي ونڊي، ورڇي، اڪريل نقاشي موجب سئيءَ سان پکين، گلن، ٻوٽن ۽ عمارتن وغيرہ جي ڀرپ ڪبي آهي. هن ڀرت کي سنڌ توڙي دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. هن ڀرت سان ڀريل ڪپڙا نهايت ئي خوبصورت ٿيندا آهن، جيڪي عورتون وڏي شوق سان پائينديون آهن. ڳوٺن جون عورتون هن هنر جي پنھنجي گهر مان ئي حاصل ڪنديون آهن. اهو عمل ٻالا پڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي عورتن ۾ نسل در نسل هلندو اچي. هن ڀرت کي نهايت ئي شاندار سمجهيو وڃي ٿو، جنهنڪري هن ڀرت وارا ڪپڙا عام ڪپڙن جي ڀيٽ ۾ گهڻا مهانگا ٿين ٿا.