سرميداڻي يا آنرو

سرميداڻي يا آنرو

سرميداڻي يا آنرو

سرميداڻي يا آنرو: سرميداڻيءَ کي آنور بہ چوندا آهن، جنهن ۾ پيٺل سرمو وجهي رکبو آهي. اڳئين زماني ۾ اهي پتل، لوھہ، ٽامي، بلور وغيرہ مان ٺهنديون هيون ۽ اڄڪلھہ گهڻو ڪري اسٽيل ۽ شيشي جون ٺهيل سرميداڻيون عام آهن. سرميداڻيءَ جو منهن وارو حصو صراحيءَ وانگر ڊگهو هوندو آهي، جنهن ۾ لسي ڪاٺي يا سرائي ڦيري سان ڦاسائي اٽڪائي بيهاري ويندي آهي. سرمي داڻيءَ کان ڪجهہ ننڍي سرمو رکڻ واري ٽول کي آنرو بہ چيو ويندو آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري گهر گهر ۾ سرمي داڻيون توڙي آنرا استعمال ڪيا ويندا آهن، سرمي پيهڻ واري ٿانؤ کي ’ٻيڙي‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو بناوت ۾ بہ ٻيڙي واري شڪل جهڙو ٿئي ٿو ۽ پٿر مان گهڙيل هوندو آهي پر گهڻو ڪري سرمو پٿر مان گهڙيل کرلن ۾ پڻ پيٺو ويندو آهي. سرمو هار ۽ سينگار جو حصو سمجهيو ويندو آهي. سنڌ جي خاص ڪري ٻهراڙين ۾ جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي تہ ان لاءِ سرمي داڻي يا آنرو ڌار وٺي رکيو ويندو آهي، جنهن مان صرف ان ٻار جي اکين ۾ سرمو وڌو ويندو آهي. شادين مرادين ۾ مائٽ پنھنجي ڌيئرن توڙي پٽن کي ڏاج يا سامان ۾ بہ سرمي داڻي يا آنرو ضرور ڏيندا آهن، جيڪو سنڌ جي پراڻي رواج ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي سرمي داڻيون ٺاهيون وڃن ٿيون، پر ڏهرڪي شھر ۾ ان صنعت کي اوج مليو، اڄڪلھہ سرمو گهٽ استعمال ٿيڻ سبب سرمي داڻيءَ جو استعمال بہ گهٽ ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو