
سرندو
سرندو (تارن وارو ساز): هي هڪ تارن واري ساز جو قسم آهي، جيڪو سمورو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي. سُر جي مٺاڻ لاءِ هن کي لوهيڙي جي ڪاٺ مان ٺاهيندا آهن، پر ٽالهي ۽ باهڻ سان بہ ٺاهين. وڄائڻ واري گزي لئي جي ڪاٺيءَ مان ٺاهين، جنهن ۾ گهوڙي جي پڇ جا وار ٻڌي سُرندي کي سورين. سرندي جو ذڪر شاھہ جي سُر سورٺ ۾ گهڻو ملي ٿو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي تہ ٻيجل سرندي جو وڏو ماهر هو، جنهن ڏياچ وٽ سرندي وڄائڻ جي دان ۾ سندس سِسِي گهُري جيڪا هن خوشي سان لاهي ڏني. هن ساز سمن جي دور ۾ تمام گهڻي شھرت حاصل ڪئي. ميان نصير محمد ڪلهوڙي لاءِ چون ٿا تہ هن ان جا سُر سنواريا. اڄ بہ ميان نصير محمد ۽ گاجي شاھہ تي سرندو تمام گهڻو وڄايو وڃي ٿو. هي ساز ڪاٺ کي کوٽي ٺاهيو ويندو آهي. هن جو پيٽ گهڻو اونهو ۽ فقير جي ڪشڪول وانگر ٿيندو آهي. ٻين سازن وانگر هن تي کل ڪونه چڙهندي آهي. سامهون وارو وڏو حصو کليل هوندو آهي. رباب وانگر هن جون پاسيريون نڪتل هونديون آهن. وڄائڻ جو سٽاءُ ستار جهڙو اٿس. گز ڪماني وانگر مڙيل هوندو آهي، جنهن کي کهري ڪرڻ لاءِ ميڻ هنيو ويندو آهي. هڪ هٿ سان تارن تي گَزُ گزي هلائبي آهي ۽ ٻئي هٿ سان تارن کي ڇهبو آهي. هن ۾ 11، 12 اڃان بہ 13 تارون ٿينديون آهن. پهرين، ٻين ۽ نائين تار وڌيڪ استعمال هيٺ رهن ٿيون. سرندي جي تارن کي موسيقيءَ جي زبان ۾ هيٺين نموني تشريح هيٺ آڻي سگهجي ٿو.
1. زبان: اهم تار جيڪا تار آسٿان جي ’سا‘ ڏئي، 2. گهور: مڌم آستان جي ’سا‘ ڏئي، 3. ٻاهريون گهور: مڌم اسٿان جو پنچم ڏئي، 4. انگ: تيور ريکب، مڌم اسٿان ڏئي، 5. چڙهيو انگ: مڌم اسٿان گنڌار ڏئي،
6. ٻاروچو انگ: مڌم اسٿان جو شڌ مڌم ڏئي، 7. ٽيپ: جيڪا مڌ اسٿان جو پنچم ڏئي، 8. چاڙهي ٽيپ: مڌ اسٿان جو تيور گنڌار ڏئي، 9. چڙهيو گهور: مڌ اسٿان جو تيور نکاد ڏئي. سرندي وڄائڻ جا ڪيترائي انگ ۽ نمونا آهن.
(الف) لهرا: جاڳر جا لهرا، ميان والي لهرا، گاجي شاھہ جا لهرا وڄائجن ٿا. سَمُوري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو ايجاد ڪيل لهرو آهي. گاجي شاھہ جو لهرو درگاھہ گاجي شاھہ تي فقير اڃان بہ وڄائين ٿا. جاڳر جا لهرا اڪثر ڪري جن ڪڍڻ لاءِ فقير وڄائيندا آهن. قلندر جا لهرا جيڪي قلندر لعل شھباز رحه ڏانهن منسوب ٿيل آهن. .جهول جا لهرا جيڪي لاڙ ۾ مشھور آهن ۽ لاڙ جا فنڪار وڄائين ٿا. ان کانسواءِ لوڙائو لهرا گهڻو ڪري بيتن يا ڏور ڏيندڙن سان، بيت يا ڏوهيري ۾ وڄايا وڃن ٿا.
(ب) دادو، لسٻيلي ۽ ڪراچي جا سرندي نواز خاص گهت سان سرندو وڄائين ٿا، جيڪو گهڻين ڳالهين ۾ مختلف آهي. وڄت ۾ ماڌور، ڇپر ۽ وصل جي وڄائڻ جو پنهنجو پنهنجو نمونو آهي. بلوچي وڄائڻ جو پنهنجو نمونو آهي. هاڻي تہ ماڊرن آرڪيسٽرا ۾ بہ سرندي کي شامل ڪيو ويو آهي.
سرندو سنڌ جو قديم ساز آهي، جيڪو اڄ بہ راڳ رنگ ۾ ٻين سازن سان گڏ وڄايو ويندو آهي، سرندي جي سرن ۾ سراپا سوز ۽ درد آهي. سرندي جي ٻين سازن جي مقابلي ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت آهي، جو اهو ساز صديون اڳ ٻيجل چارڻ گرنار جي راجا راءِ ڏياچ جي سر وٺڻ لاءِ وڄايو هو. سنڌ جي عظيم مفڪر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ ٻيجل جي انهيءَ ايجاد ۽ ايجاد جي مقصد، راجا راءِ ڏياچ جي سر ڪپڻ توڙي راءِ ڏياچ جي منفرد سخاوت سان سر ڏيڻ ۽ سندس ونيءَ سورٺ جي انهيءَ صدمي ۾ تڙپڻ روئڻ جو سمورو درد بيان ٿيل آهي. سرندي جي لاءِ مشھور آهي تہ انهيءَ ساز جي سرن تي سنڌ جي هڪ راجا سر ڏنو. هڪ مڱتي سرن جي صدائن سان ڪا جنگ جيتي. روايت آهي تہ راءِ ڏياچ جي دؤر ۾ هڪ راجا انيراءِ شرط رکيو هو ۽ شھر ۾ سون جا ٿالھہ کڻي پڙهو ڏياريو هو تہ جيڪو بہ راجا راءِ ڏياچ جو سر ڪپي ايندو، ان کي مالا مال ڪيو ويندو.
ٻيجل جي زال اهو ٻڌي ٿالھہ وٺي رکيو ۽ هام هنئي تہ سندس مڙس راجا راءِ ڏياچ جو سر ڪپي ايندو. جڏهن ٻيجل کي ان ڳالھہ جي خبر پئي، تڏهن هو پنھنجي زال جي اهڙي عمل تي بيحد پريشان تہ ٿيو، پر نيٺ هن راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ وڃي سرندي جا اهڙا تہ سر وڄايا جو راجا واعدو ڪري ويٺو تہ جيڪو گهرندين سو ملندءِ. نيٺ ٻيجل جي سرن وڃي منزل ماڻي. سرن جي سوداگريءَ جو هي نرالو قصو ٻڌي سورٺ ڇرڪي وئي. گرنار سوڳوار ٿي ويو، پر نيٺ راءِ ڏياچ پنهنجو سر تيز ڌار واري اوزار سان ڪپي ڏيئي پنهنجو نالو دنيا جي ماضي توڙي حال جي سخاوت ۾ منفرد انداز ۾ رقم ڪري ڇڏيو. پوري دنيا جي تاريخ جا پنا اٿلائي ڏسبا تہ راءِ ڏياچ کانسواءِ ڪٿي بہ ڪو اهڙو مثال نہ ملندو تہ ڪنهن راجا سرن تي سر ڏنو هجي. ٻيجل سنڌ ۾ سرندو وڄائڻ ۾ بي مثل هو.
سنڌ ۾ جوڳي جوهيءَ وارو علي محمد لنگهو ڌريجي وارو (وفات 1955ع)، لونگ پٽ سومر، محبوب فريدآباد وارو ۽ فقير عثمان لس وارو سرندي جا بھترين وڄائڻ وارا رهيا آهن.