
سرها گل سنڌ جا
سرها گل سنڌ جا (ڪتاب): هي ڪتاب نامور اديب ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ لغاري جي مختلف سياسي سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو انتساب انهن عظيم انسانن جي نالي آهي، جن انسانيت جي فلاح ۽ بھبود لاءِ پاڻ پتوڙيو، دين، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي. هن ڪتاب بابت ‘مختصر تبصرو’ جي عنوان سان عبدالقيوم ‘صائب’ لکيو آهي. جڏهن تہ ‘سرگا گل سنڌ جا بابت’ عنوان سان مقدمو ليکڪ پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ پير صبغت ﷲ شاھہ (اول) سردار نواب احمد خان لغاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مولانا تاج محمود امروٽي، قائداعظم محمد علي جناح، مولوي حاجي احمد ملاح، شفيع محمد نظاماڻي،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير صبغت ﷲ شاھہ شھيد (سورهيه بادشاھہ)، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اي. ڪي بروهي، سيد علي اڪبر شاھہ رضوي، مولانا جان محمد ڀٽو، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو، فيض بخشاپوري، سيد احسن الهاشمي،
سيد سردار علي شاھہ ’ذاڪر‘، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، فقير نواب بھاول خان صوفي القادري، معمور يوسفاڻي، قربان علي بگٽي ۽ امير علي ‘حامد’ چانڊيو تي سوانحي خاڪا شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران جولاءِ 2002ع ۾ ڇپيو. 400 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.