سرهه

سرهه

سرهه

سرهه

سرهه

سرهه Sindh Ibex/Capra Aegagrus: سنڌ ۾ ملندڙ سرهه بابت حيوانات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ابتدا ۾ آئبيڪس، هماليه، ڪوهه سليمان ۽ چلتن جبلن جي بلندين تي رهندا هئا. انهيءَ اصل آئبيڪس جو جڏهن جھنگلي ٻڪري سان ميلاپ ٿيو ته هڪ نئون نسل پيدا ٿيو، جنهن کي سرهه يا پهاڙي ٻڪرو Sindh Ibex/Capra Aegagrus سڏيو ويو. ان چوپائي ۾ آئبيڪس (Ibex) ۽ جھنگلي ٻڪري واريون ٻئي خاصيتون موجود هيون. ان نئين جاندار سليمان ۽ چلتن جبلن جي پيچرن کي لتاڙيندي اچي کيرٿر کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ڪن ماهرن جو وري خيال آهي ته: ”ٿي سگھي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ به قبل از تاريخ اصل سرهه موجود هجن. ان اوائلي سرهه ۽ جھنگلي ٻڪريءَ جو سنجوڳ به هن ڌرتيءَ تي ٿيو هجي.“ ممڪن آهي ته اصل آئبيڪس گھڻو اڳ ختم ٿي ويو هجي. باقي هي موجوده نسل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي پهاڙن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندو ٿو وتي. شاهه لطيف ڀٽائي به سُر ديسي ۾ سرهه کي ڳايو آهي:
جبل ۾ جانار، سرهه گڏبئي سسئي،
ڀني پوءِ ڀورائين، ٻانڀڻ جي ٻاڪار،
هوتاڻي هيڪار. مولا مون ميڙئين.
سرهه، خوراڪ ۽ پنهنجي حفاظت يا آبهوا جي خيال کان اوچائيءَ وارن هنڌن تي رهندو آهي. هن جو چراگاهه زميني سطح کان گھٽ ۾ گھٽ 1200 فوٽن تي هوندو آهي.
هي جانور گولاڙن، کپ، کور، ڪونڀٽ ۽ روهيڙي جي گلن کان سواءِ لُنب، کيهه، ڀتر، کيهه، مريڙو ۽ ٻيا موسمي گاهه کائيندو آهي.
سرهه سهل پسند ۽ تمام نفيس جانور هئڻ ڪري ڪچڙن گاهن ۽ گونچن تي گذارو ڪندو آهي. خاص ڪري ٿوهر جا گونچ ۽ ان جي ڪچڙي گُري هن جي مرغوب غذا آهن.
هي ڄاڱري ٻير شوق سان کائيندو آهي ۽ ڄاڱرين ٻيرن ڄنگهن ۽ سڱن سان ڌوڻي کائيندو آهي. گگر، ولين جي گلن ۽ ميون تي گذارو ڪندو آهي. ساڳئي وقت هي اهڙو سخت جان چوپايو آهي، جيڪو ڏڪار وارين حالتن ۾ ڏڪار وارين حالتن ۾ گگر ۽ ڪونڀٽ وغيره جي ڇوڏن تي به گذارو ڪري ويندو آهي. سرهه سخت ڪاڙهي ۾ ٽن چئن ڏينهن تائين پنجن ڇهن لٽرن پاڻيءَ تي جيئرو رهي سگھي ٿو.
سرهه جي نر ۽ ماديءَ کي سڱن وسيلي آسانيءَ سان سڃاڻي سگھجي ٿو. نر جا سڱ تمام وڏا، ڊگھا، ٿلها ۽ پوئتي 270 ڊگرين تائين تلوار جيان وريل هوندا آهن. ماديءَ جون شاخون سنهڙيون ۽ ننڍڙيون ٿين ٿيون. سرهه جي بيضوي سڱن ۾ ڇلا (Rings) ٿيندا آهن، اهي ٽي انچ کن قطر وارا ڇلا سندس عمر کي ظاهر ڪن ٿا. سرهه جي سڱ اندر چرٻيءَ سان ڀريل هڏيءَ مٿان مضبوط کوپو چڙهيل هوندو آهي، جيڪو ڪارائيءَ سان به ڪٽجي نه سگهندو آهي. سرهه جي مرڻ ۽ سڱ جي خراب ٿيڻ بعد اهو کوپو پاڻمرادو لهي ويندو آهي.
فقيرن وٽ وڄائڻ وارا ناد ۽ نفيلون سرهه جي سڱ جون ٺهيلن هونديون آهن.
ڊاڪٽر مجيد چانڊيو ڪيترائي سال جارجيا ۽ ڪوهه ڪاف ڏي رهيو آهي، ان جي چوڻ مطابق اتان جا ماڻهو ڪوهه ڪاف جي سخت برف باريءَ ۾ رهندڙ آئبيڪس جي سڱن ۾ مڌ/ شراب ڀري پيئندا آهن. ٽالسٽاءِ جي ناول ’ائناناڪرينا‘ ۾ به هڪ اهڙي ڪردار جو ذڪر آهي، جيڪو سرهه جي سڱ ۾ شراب پيئندو آهي.
دنيا ۾ ڊيگھه جي لحاظ کان سرهه جو سڱ اڄ به رڪارڊ آهي. ٽي. جي رابرٽ پنهنجي ڪتاب The Mammals of Pakistan ۾ لکي ٿو ته 1870ع ۾ جنرل اي. سي مارسٽن هڪ سرهه ساڍا ٻاونجاهه انچ سڱن وارو ماريو هو. ان کانپوءِ وري هتان ئي 1912ع ۾ هڪ سوا ٻاونجاهه انچ سڱن وارو سرهه شڪار ڪيو ويو. پوليس عملدار غلام سرور جماليءَ جي ذاتي مشاهدي مطابق کيرٿر ۾ پنجاهه انچن وارا سڱ رکندڙ جـانـوربه ڏٺا ويا آهن.
سنڌ ۾ سالن کان خشڪساليءَ جي ڪري سرهه ۽ ٻين جانورن جي نشو نما کي ڪافي ڌڪ لڳو آهي. سرهه جي واڌ ويجھه جو دارومدار ماحول، آبهوا، کاڌ خوراڪ ۽ برسات تي آهي. مينگھه ملهار جي موسم ۾ نر ۽ ماد ويجھا ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندن لڳ به بي اثر ٿيندو آهـي، ڇـاڪـاڻ جـو خـوراڪ جـي ڪميءَ جي ڪري نـر ميلاپ لاءِ تـيـار نه ٿي سگھندو آهي ۽ مادي به گاهه جي گھٽتائيءَ جي ڪري ٽُنبجي پوندي آهي يا ڪمزور ڦر ڏيندي آهي. نر ميلاپ بعد ايترو ته ڪمزور ٿي پوي ٿو، جو ولر ڇڏي نالن ۽ نئين جي ترن ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو. جبل جي ڪڇ ۾ گھم، گاهه ۽ ڇانورو گھڻو هئڻ ڪري، نر ڪجھه عرصو ان جـي واديـن ۾ رهـي، پنهنجـي جـسمانـي حالت بهتر ڪري، وري وڳ ۾ ايندو آهي.
سرهه پنهنجي ولر ۾ پنهنجي وڏي يا بزرگ کي وڏو مان ۽ مرتبو ڏيندا آهن. ميلاپ جو حق به صرف وڏي سرهه کي هوندو آهي. جيڪڏهن ڪوبه ننڍو سرهه پنهنجي مکيءَ جو احترام نه ڪندو آهي ته ٻيا نوجوان ۽ واٺا به گڏجي پوڙهي سرهه جي مدد لاءِ سڱ تيز ڪندا آهن. نيٺ مکي ۽ باغيءَ مان هڪ کي هار مڃي، ڌڻ کان ڌار ٿيڻو پوندو آهي. وڙهڻ مهل سرهه جا سڱ ڪلهن تائين هيٺ اچي وڃن ٿا. اڪثر زخمي ٿيڻ بعد هنن جي ڦٽن ۾ جيت پئجيو وڃن. هي جانور ايترو ته خوددار آهي، جو زخمي، مولهو يا ٺانٺو ٿيڻ بعد جوءِ ڇڏي، مرڻ لاءِ مٿي بلندين ڏي هليو ويندو آهي. هو اونداهين غارن ۾ لڪي، اهڙي جاءِ تي وڃي پنهنجو انت آڻيندو آهي، جو هن جا هڏا به اتي ئي سڙي کپي ويندا آهن. مطلب ته مرڻ بعد هن جو مڙهه هٿ نه ٿو اچي.
سرهه جي مادي ٽن سالن ۾ بلوغت ۾ پير پائي ٿي، هو سال ۾ هڪ دفعو لڳ ڪري، ڇهه مهينا گرڀ هاري رهي ٿي، اڪثر جنوري يا فيبروريءَ ۾ ٻچو ڏيندي آهي. جيڪڏهن برسات ۽ گاهه سٺو آهي ته هر ماديءَ کي پويان ٻه ٻچا نه ته عام طرح هڪ ٻچو ڏٺو ويو آهي. ڦر سال کن ماءُ سان گڏ رهي، پوءِ وڏا ٿي، نئون ولر ٺاهين يا ان ولر ۾ ئي پنهنجي جاءِ پيدا ڪندا آهن.
سرهه قد بت ۾ وچٿرو گابي جيترو ٿيندو آهي. هو شاخن سوڌو ماڻهوءَ جي قد کي ڇهي هلندو. هن جي ڊيگھه نڪ کان پڇ تائين سراسري ساڍا چار فٽ ٿيندي آهي، سرهه جي نر جو وزن پنجيتاليهن کان نوي ڪلوگرام۽ مادي تور ۾ پنجويهن کان پنجونجاهه ڪلوگرام ٿئي ٿي.
نر سرهه جي چار انچ کن ڪاري ڏاڙهي ۽ هٿ جيترو ڪارسرو پڇ پري کان ئي پڌرو آهي. سرهه جي مادي ميرانجھڙي ۽ نر جي خاڪي کل تي انچ کن بج چڙهيل هوندي اٿس. ملهار جي مند ۾، مستيءَ جي ڪيفيت ۾ نر پنهنجي ٽنگن تي پيشاب هڻندو آهي، ان ڪري ڪلهن کان وٺي سٿرن تائين ڪارا پٽا ٺهي پوندا اٿس.
ڪوهستاني ماڻهو پهاڙي ٻڪر کي ’ٺير‘ ۽ ماديءَ کي ٻڪري يا ‘آئي‘ سڏين ٿا. هن ڦڙتيلي ساهدار کي جبلن تي جھلڻ تمام مشڪل آهي. البت پٽ تي کيس ڪتا ۽ ٻيا جانور کنڀي وڃن ٿا. هن جي چيريل کرن ۾ ڄڻ چقمق لڳل آهي. هي اڀي ٽڪريءَ تي به ٽپو ڏئي، ڪرڙيءَ جيان چنبڙي پوندو آهي. هو هيٺاهينءَ طرف وڏو ٽپو ڏئي ٿو. سرهه جڏهن به مٿانهين تي ڇلانگ ڏيندو آهي ته هيٺ سڱن ڀر اچي ڦهڪو ڪندو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته سرهه جي بل ڏيڻ مهل اها منشا هوندي آهي ته هو اُٿي پيرن ڀر وڃي بيهندو، پر ڳورن سڱن ڪري توازن برقرار رکي نه سگھندو آهي، ان ڪري پير کپڻ کان اڳ ئي سڱن ڀر اچي ڪِرندو آهي.
سرهه ڌڻ جي صورت ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي. اڪثر ڌڻ ۾ ڏهن کان ستر جانور رهڻ پسند ڪندا آهن. هن جي ولر جي چرپر تمام منصوبابنديءَ سان هوندي آهي. سرهه فجر جي هلڪي سهائيءَ ۾ چوڳو شروع ڪري ٿو، هو ان مهل هر شيءِ کي ماحول جو حصو سمجھندو آهي، ڀلي ڪو انسان به ساڻس هلندو رهي. هو تيستائين ان مان ڪو خطرو محسوس نه ڪندو آهي، جيستائين کيس انساني بوءِ نه اچي. سرهه پرهه ڦٽيءَ کان ڪچڙي منجھند تائين ٽي ڪلوميٽر کن چرندو آهي، پوءِ منجھند جو دير آرام ڪندو آهي. هو سياري ۾ بلنديءَ تي تڙڪي ۾ ۽ سانوڻ ۾ گوڇار ۾ ڪجھه دير آرام ڪري، وري چرڻ شروع ڪندو آهي. آخر شام تائين ٽي ڪلوميٽر ٻيا چرڻ بعد رات گذارڻ لاءِ ڪا محفوظ جڳهه ڳولي وٺندو آهي. شڪاري اڪثر سرهه جو شڪار ٻن طريقن سان ڪندا آهن. جوهه واري طريقي ۾ خفتي لڪي ڇپي، سرهه جي ڀرسان پهچي، کيس بندوق جو نشانو بڻائيندو آهي. سرهه جو گوشت ايترو سوادي نه آهي. سرهه جو پتو پراڻي زڪام ۽ نظر جي ڪمزوريءَ لاءِ حڪيم استعمال ڪندا آهن. يرقان جي بيماريءَ لاءِ هن جي اوجھه جو ڇاڻيل پاڻي مفيد سمجھيو وڃي ٿو. ديسي علاج مطابق سرهه جو رت، تلي وڌيل ٻار لاءِ ۽ حڪيم هن جو سڪل گوشت سنڌن جي سور لاءِ دوا ۾ ڪتب آڻيندا آهن.


لفظ سرههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو