سرهو فقير

سرهو فقير: سنڌ جي مشھور ڪافي گوشاعر ۽ صوفي بزرگ سرهو فقير ذات جو حجام هو. سندس تعلق ڳوٺ غلام نبي شاھہ سان هو. غلام نبي شاھہ ۾ سندس حجامڪو دڪان هو. هو نهايت ئي سچار، پرهيزگار ۽ عبادت گذار هو. غربت جي ڪري تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. سندس ڳوٺ ۾ صوفي’صادق‘ فقير مهمان ٿي آيو، جنهن جي سنوارت ڪرڻ لاءِ هن کي گهرايو ويو. صوفي صادق کيس مخاطب ٿي چيو ’سرها ڇڏ ڀاني تہ مليئي ماني‘. هي ان ننڍڙي جملي مان ايترو تہ متاثر ٿيو، جو ترت ڀاني ڇڏي اچي صادق فقير جو مريد ٿيو، جنهن جي رهنمائيءَ ۾ رهي ذڪر حقيقيءَ ۾ مشغول ٿي، روحاني فيض حاصل ڪيائين. هن جي بزرگي ۽ ڪرامتن متعلق ڪافي روايتون موجود آهن. پاڻ روشن ضمير بزرگ هو. هن پنھنجي سڄي زندگي سير ۽ سفر ۾ گذاري ۽ زندگيءَ جو آخري دؤر جهوڪ شريف ۾ گذاريائين. هن جهوڪ شريف ۾وفات ڪئي. سندس مزار ماتليءَ لڳ مڱرين جي ڳوٺ جي ڀر ۾ آهي. جيڪو مقام ’سرهي فقير جو مقام‘ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. هن صوفي درويش بزرگ ڪيف ۽ وجد جي حالت ۾ ڪيترائي ڪلام چيا آهن، جن مان ڪيترائي زماني جي گردش سبب گم ٿي ويا. گهڻي ڪوشش کانپوءِ سندس ڪجهہ ڪافيون دستياب ٿي سگهيون آهن. جنهن ۾ تصوف جو رنگ نمايان آهي.


لفظ سرهو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو