سرهيو خدا داد

سرهيو، خدا داد: مشھور سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ سيٺ خدا داد ولد فضل محمد سرهيي جو جنم 1872ع ڌاري لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ميان کوهاري جي ڳوٺ ۾ تعلقي ڏوڪريءَ جي مشھور بزرگ ميان سوائيءَ وٽان حاصل ڪيائين. سيٺ خداداد جو شمار شھر جي دولتمند ماڻهن ۾ ٿيندو هو پر هن پنھنجي سموري زندگي
ٺٺ ٺانگر ۾ گذارڻ بدران غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪندي گذاري. هن شھر ۾ ڪيترائي فلاحي ڪم ڪرايا، شھر ۾ هڪ وڏي جامع مسجد تيار ڪرائي، ان سان گڏ مسافر خانا ٺهرايائين تہ جيئن ٻاهران ايندڙ شاگردن کي ڪا تڪليف پيش نہ اچي. هو سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو، انگريز سرڪار خلاف مسلمانن جي خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. هو لاڙڪاڻي ۾ خلاف تحريڪ جو ضلعي اڳواڻ هو. هن خلافت هلچل پاران 9 جولاءِ 1920ع تي لاڙڪاڻي کان ڪابل هجرت ڪندڙ مهاجرن خاطر ڏهن ڏينهن جي لاءِ ريل ڪرائي تي وٺڻ ۽ 760 مهاجرن جي کاڌي پيتي جي انتظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. خلافت هلچل ۽ هجرت ڪميٽيءَ جي رٿابندي ڪندڙن ٽن شخصن ۾ بہ شامل هو. 1929ع ڌاري لاڙڪاڻي جي هڪ هندو عورت مسلمان ٿيڻ کان گهڻو عرصو پوءِ جڏهن وري هندو ڌرم اختيار ڪيو تہ شھر ۾ هندو مسلم فساد ٿي پيا، ان دوران ڪيترائي مسلمان زخمي ٿي اسپتالن ۾ داخل ٿيا ۽ ٻيا گرفتار ٿي جيلن ۾ ويا. ان دوران هن مسلمانن جي دل کولي مالي مدد ڪئي. هن گرفتار ماڻهن کي وڪيل ڪري ڏيڻ، زخمين جو علاج ۽ انهن جي گهر ٽي وقـت کاڌ خـوراڪ پهچائڻ کان سواءِ سندن مالي مدد پڻ ڪئي. هن 1939ع ۾ مسجد منزل گاھہ واري واقعي ۾ خانبـهـادر ايوب کهڙي جي ڀرپور مدد ڪئي. 18 آگسٽ 1939ع تي جڏهن قائداعظم لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو تہ هي خطبه استقباليه ۾ شامل هو.
سيٺ خداداد سرهيو 1914ع کان 1950ع تائين لاڳيتو چوٽيھہ سال لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو ميمبر رهيو. 1919ع ۾ کيس بمبئيءَ جي گورنر جو درٻاري مقرر ڪري درٻار ۾ ڪرسي ڏني وئي. 1920ع ۾ خلافت تحريڪ لاڙڪاڻي جو نائب صدر چونڊيو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق هڪ وڏو مسافر خانو بڻيل هوندي هئي ۽ هر وقت ضرورتمندن ۽ غريـبن سان ڀري پئي هوندي هئي. سيٺ خداداد تعليمي واڌاري لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو، 1918ع کان وڏي عرصي تائين ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ميمبر رهيو. ان دوران شھر جي اسڪولن جا دورا ڪري گهربل سامان ۽ شاگردن کي وظيفا ڏيندو هو. هن تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ جي بہ گهڻي مدد ڪئي. 1907ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ لاڙڪاڻو مدرسو اسڪول ۽ ديني مدرسہ اسڪول تعمير ڪرايائين. 1921ع ۾ لاڙڪاڻي جي اربن بئنڪ جو ڊائريڪٽر بہ رهيو. هيءُ هر سال عيد تي غريبن ۾ ڪپڙا وغيرہ بہ ورهائيندو هو. سندس اوطاق تي رهي ڪيترن ئي شاگردن پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي، جن ۾ پير الاهي بخش قابل ذڪر آهي.
سيٺ خداداد سرهيي 24 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي. کيس ٽن پٽن محمد ادريس، عبدالواحد ۽ محمد شعيب جو اولاد هو. سندس ذات پويان لاڙڪاڻي ۾ ’سرهيه پڌر‘ جي نالي سان هڪ وڏو محلو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.04.24  عيسوي

مشهور سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ سيٺ خدا داد ولد فضل محمد سرهيي جو جنم 1872ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. 24 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد صالح محمد شاھہ 2
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
ريجهه علي شاھہ ثالث
سيد صادق علي شاھہ سبزواري
رضوي مير يعقوب علي سيد
سيد مدد علي شاھہ ڊاڪٽر
ابو حڪم شيباني
ميان الياس محمد ڪلھوڙو
بھلول لوڌي
شاھہ بابا مرزا ترخان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون