سرو
سرو (وڻ ): هن وڻ جو نباتاتي نالو Cupressus Semperuirems جڏهن ته انگريزي ۾ Italian cypress Graveyard cypress جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هي هڪ مشهور جابلو وڻ آهي، جنهن جو تعلق وڻن جي Cupressaceae خاندان سان آهي. سرو جا وڻ ڏکڻ يورپ ۽ ايشيا ۾ ٿيندا آهن. پاڪستان ۾ هي ميداني ڪاڇي وارن علائقن ۾ زميني سطح کان تقريباَ َ چار هزار فٽن جي بلنديءَ تائين ڦٽندو آهي. هي وڻ اوچو ۽ مٿئين حصي کان سنهو ۽ ڊگھو ٿئي ٿو. هن وڻ جون شاخون وڪوڙيل، وڻ جو ٿڙ بانس نما ۽ ڇوڏو ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن وڻ جون پتيون هڪٻئي جي ويجھو، هڪ ملي ميٽر ڊگھيون ۽ بيضوي ٿين، جن جي پوئين ڀاڱي ۾ وڏو سوراخ هوندو آهي، جيڪو ڏاند پڇي شاخن جي سري يا منڍي تي ڦٽندو آهي. اهو پن چار سينٽي ميٽر ڊگھو ٿيندو آهي، جنهن تي تقريباً ڏهه هڪ جهڙا ذرا رکندڙ پن هڪ ئي ڏانڊيءَ تي هڪٻئي جي سامهون ڦٽندا آهن. ڏاند پڇي پنج کان چار سينٽي ميٽر قطر جو ٿيندو آهي. ڏاند پڇيءَ ۾ ڀوري رنگ جا تقريباَ َ 20 ٻج ڦٽندا آهن. اهي شڪل ۾ چپترا هوندا آهن ۽ پن جڪڙيل هوندا آهن. هي وڻ ۽ ان جو ڪاٺ دوائن جي طور ڪيڙن کي مارڻ ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي. هن وڻ جي ڪاٺي تمام سخت، خفيف ريشي واري ۽ گھڻي دير اثر رکندڙ هوندي آهي. ڪاٺي زرد يا هلڪي ڀوري رنگ جي خوشبودار ٿئي ٿي، اها تعميراتي ڪمن ۽ فرنيچر وغيره ٺاهڻ ۾ به استعمال ٿيندي آهي. هن وڻ جي پتن مان تيل به حاصل ٿيندو آهي ۽ ان مان عنبير جهڙي خوشبو پڻ تيار ٿيندي آهي، جڏهن ته اهو تيل پڻ صابڻ ٺاهڻ جي صنعت ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.