
سرو
سرو (وڻ ): هن وڻ جو نباتاتي نالو Cupressus Semperuirems جڏهن تہ انگريزي ۾ Italian cypress Graveyard cypress جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هي هڪ مشھور جابلو وڻ آهي، جنهن جو تعلق وڻن جي Cupressaceae خاندان سان آهي. سرو جا وڻ ڏکڻ يورپ ۽ ايشيا ۾ ٿيندا آهن. پاڪستان ۾ هي ميداني ڪاڇي وارن علائقن ۾ زميني سطح کان تقريباَ َ چار هزار فٽن جي بلنديءَ تائين ڦٽندو آهي. هي وڻ اوچو ۽ مٿئين حصي کان سنهو ۽ ڊگهو ٿئي ٿو. هن وڻ جون شاخون وڪوڙيل، وڻ جو ٿڙ بانس نما ۽ ڇوڏو ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن وڻ جون پتيون هڪٻئي جي ويجهو، هڪ ملي ميٽر ڊگهيون ۽ بيضوي ٿين، جن جي پوئين ڀاڱي ۾ وڏو سوراخ هوندو آهي، جيڪو ڏاند پڇي شاخن جي سري يا منڍي تي ڦٽندو آهي. اهو پن چار سينٽي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي، جنهن تي تقريباً ڏھہ هڪ جھڙا ذرا رکندڙ پن هڪ ئي ڏانڊيءَ تي هڪٻئي جي سامهون ڦٽندا آهن. ڏاند پڇي پنج کان چار سينٽي ميٽر قطر جو ٿيندو آهي. ڏاند پڇيءَ ۾ ڀوري رنگ جا تقريباَ َ 20 ٻج ڦٽندا آهن. اهي شڪل ۾ چپترا هوندا آهن ۽ پن جڪڙيل هوندا آهن. هي وڻ ۽ ان جو ڪاٺ دوائن جي طور ڪيڙن کي مارڻ ۾ بہ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن وڻ جي ڪاٺي تمام سخت، خفيف ريشي واري ۽ گهڻي دير اثر رکندڙ هوندي آهي. ڪاٺي زرد يا هلڪي ڀوري رنگ جي خوشبودار ٿئي ٿي، اها تعميراتي ڪمن ۽ فرنيچر وغيرہ ٺاهڻ ۾ بہ استعمال ٿيندي آهي. هن وڻ جي پتن مان تيل بہ حاصل ٿيندو آهي ۽ ان مان عنبير جهڙي خوشبو پڻ تيار ٿيندي آهي، جڏهن تہ اهو تيل پڻ صابڻ ٺاهڻ جي صنعت ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.