سرواهي قلعو

سرواهي قلعو: راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾، سنجرپور لڳ صادق آباد ۾ هي قلعو موجود هو. قلعي جي قدامت راجا ڏاهر جي زماني کان بہ اڳ جي آهي. هي بہ راجا ڏاهر جي اٺن يا نون وڏن قلعن مان هڪ هو. محمد بن قاسم جي حملي کانپوءِ هن قلعي کي اسلامي رياست جو اهم مرڪز قرار ڏنو ويو. عربن کانپوءِ سومرن ۽ سمن جي راڄ ۾ ڄام سڪندر انڙ هتي هڪ کوھہ کوٽايو هو، جيڪو پڻ وڏي عرصي تائين قائم هو، پر پوءِ ان کي ڀرائي ختم ڪيو ويو. سڪندر نالي هتي ٻن حڪمرانن راڄ ڪيو. هڪڙي قديم پڪي سر پڻ هتان لڌي آهي، جنهن تي لکيل آهي:
سلان سر بند ٿيا، ڦڳيا نام نصير،
کوھہ کڻايا پٽ گامڻ دي، انڙ نام همير،
وقت سڪندر بادشاھہ، ملڪ ڌڻي پهلوان،
رعيت راضي ايھہ جهي، جو ٻڍا، نت جوان،
هڪ لک سلان لڳ چڪيان، ٿيا کوھہ تمام،
تراءِ سؤ ٻوٽي باغ دي، راڌي انڙ ڄام.
تاريخي حوالن موجب سڪندر بن ڄام توڳاچي هتي 1413ع تي تخت تي ويٺو. سرواهي قلعي جي دڙن جي کوٽائيءَ مان نڪتل مٽيءَ جا پڪا گولا هوبهو اهڙا آهن، جھڙا لاڙڪاڻي جي جهڪر جي دڙي مان هٿ آيا آهن. هي گولا عربن جي دور ۾ منجنيقن ۾ استعمال ٿيندا هئا. جڏهن محمود غزنويءَ سومناٿ مندر جي حملي لاءِ هتان لنگهيو هو، تڏهن سنڌي جتن مٿس زوردار حملو ڪيو هو. پر محمود غزنويءَ جو وڏو لشڪر مٿن حاوي ٿي ويو هو ۽ شھر کي تباھہ ڪندو اڳتي وڌي ويو.
سرواهيءَ جي قلعي بابت هڪ ٻيو بہ تاريخي واقعو آهي تہ ڇهين صدي هجريءَ ۾ راجا سيوراج سان شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي سؤٽ حاجي محمد عراقيءَ ۽ سندس ساٿين شيخ عزيز خطيب ۽ سلطان محمد برڪاتي ويڙھہ ڪئي هئي، جنهن ۾ شيخ عزيز خطيب کانسواءِ ٻيا بہ ڪي بزرگ شھيد ٿي ويا هئا.
سرواهي قلعو سنڌ جي تاريخ جو اهم باب آهي، جنهن سان ڪيتريون ئي تاريخي ڳالهيون جڙيل آهن. ڪلهوڙن جي زماني ۾ هتي ميان بھاول خان ۽ ٻيا ڪلهوڙا حڪمران ايندا رهيا، جڏهن تہ غوث بھاؤالدين زڪريا، لعل شھباز قلندر، بابا فريد گنج شڪر ۽ سيد جلال سرخ بخاري گڏجي هتي آيا هئا ۽ سرواهي قلعي ويجهو هڪ مسجد ۾ قيام ڪيائون. جنهن مسجد جو نالو ’چار يار مسجد‘ مشھور ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو