سرودو ڏسڻ

سرودو ڏسڻ: سرودو ڏسڻ، هڪ ٿري اصطلاح آهي، جيڪو فال ڪڍڻ جو هڪ قسم آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪا شيءِ گم ٿي ويندي آهي، مال چوري ٿي ويندو آهي يا رُلي ويندو آهي تہ هو سرودو ڏسندڙ ڪنهن شخص وٽ ويندا آهن، جيڪو پنھنجي هٿ جي پُٺ نڪ کي ويجهي آڻي نڪ مان زور سان ساھہ ڪڍندو آهي، جيڪڏهن سندس اهو ساھہ ساڄيءَ ناس مان نڪتو تہ ’سورج‘ (سج) جو سرودو سمجهندو آهي ۽ جيڪڏهن کاٻيءَ ناس مان نڪتو تہ ’چندرما‘ (چنڊ) جو سرودو سمجهندو آهي. ان کانپوءِ هُو گم ٿيل سامان يا مال واري شخص جي طرف ۽ وقت ۽ هوا جي نموني جو اندازو لڳائي، سموريون ڳالهيون ذهن ۾ رکي پڇندڙ کي جواب ڏيندو آهي تہ سندس وڃايل مال يا شيءِ واپس ملندي يا نه، ۽ جيڪڏهن ملندي تہ ڪيترن ڏينهن ۾. هي هڪ اهڙو عقيدو آهي، جنهن تي ويساھہ وسوڙيل ماڻهو يقين ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح واريءَ تي ليڪا ڪڍي پڻ فال ڪڍي ويندي آهي. هي سڀ طريقا انڌ وشواس سان واسطو رکن ٿا ۽ ڌُڪي بازيءَ ۾ شمار ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو