سرورق

سرورق (Title): سرورق ڪتاب جي پهرين ورق کي چئبو آهي. جنهن تي اڪثر ڪري ڪتاب جي عنوان/ نالي پٽاندر منظرڪشي ٿيل هوندي آهي. ان سان گڏوگڏ سرورق تي ڪتاب جو نالو ۽ ليکڪ جو نالو پڻ لکيل هوندو آهي. سرورق اڪثر مصور جو تيار ڪيل هوندو آهي، جنهن منظرڪشيءَ ۾ مصور پنھنجي لڪيرن ۽ رنگن جي حرڪت ذريعي اهو ڄاڻائيندو آهي تہ ليکڪ پنهنجو هي ڪتاب ڇا جي باري ۾ لکيو آهي. ڪتاب جي سروورق کي کوڙ سارا منظر ٿيندا آهن، جھڙوڪ: سج جو سمنڊ ۾ لھڻ جو منظر، پهاڙن مٿان اڏامندڙ سفيد ۽ سليٽي ڪڪرن جو منظر، وڻن، ٽڻن جا منظر وغيرہ. ٻاراڻن ڪتابن تي وري ٻارن جي ڏانءَ جا سرورق (Titles) ڊزائين ڪري ڇاپيا ويندا آهن، جھڙوڪ: اسڪولي ٿيلهن سميت ڪجهه ٻار، راند جي ميدان ۾ راند رهندڙ ڪجهه ٻار يا ڪنهن تفريحي ماڳ تي تفريح ڪندي ڪجهه ٻارن جو منظر وغيرہ. ان کانسواءِ ڪجهه عجيب منظر بہ ڪتاب جي سرورق تي ڇپيل هوندا آهن، جن ۾ نٽهڻ اس، ڌرتتي، ٽاڪ منجهند جي گرميءَ جو منظر يا ڪنهن خالي ڳوٺ جي ڪجهه هٽن تي مشتمل بازار منظرڪشي وغيرہ. سنڌ ۾ اهڙا کوڙ سارا مصور مشھور آهن، جن جا ٺاهيل سرورق سنڌي ڪتابن جي سونهن بڻبا رهن ٿا، اهڙن مصورن ۾ ع. ق. شيخ، گل محمد کتري، ظفر ڪاظمي، علي اڪبر سومري، محمد علي ڀٽي، فتاح هاليپوٽي، رضوان عمراڻي، خدا بخش ابڙي، قاضي اختر حيات، قاضي منظر حيات، طارق عالم، اياز عالم، منور ابڙي، هارون چنا وغيرہ جا نالا قابل ذڪر آهن. موجودہ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ مصور جي ٺاهيل سرورقن جو رواج گهٽجي ويو آهي ۽ ڪتابن جا سرورق گهڻو ڪري گرافڪس ذريعي ڊزائين ڪيا ويندا آهن، ان ڪم ۾ ڪپتان ابڙو، موهن مدهوش، نعيم ديسوالي، اسدالله ڀُٽو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.


لفظ سرورقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو