سروري اسلاميہ ڪاليج هالا

سروري اسلاميہ ڪاليج، هالا: سروري اسلاميہ ڪاليج هالا، سنڌ جي اهم ڪاليجن مان هڪ آهي. هن ڪاليج جو مرحوم مخدوم مولوي غلام حيدر بنياد وڌو هو. اُن زماني ۾، سنڌ ۾ هي ئي واحد خانگي ڊگري ڪاليج هو ۽ هن ڪاليج عملي زندگيءَ جي سرڪاري توڙي خانگي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هزارين گرئجوئيٽ پيدا ڪيا آهن. مخدوم مولوي غلام حيدر جي وفات کان پوءِ هن ڪاليج جي سرپرستي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪندا رهيا. وقت جي تقاضا موجب آرٽس سان گڏ هن ڪاليج ۾ سائنس جا شعبا بہ شامل ڪيا ويا ۽ عملي لئبارٽريون بہ مڪمل ڪيون ويون. سائنس ۽ آرٽس جي شعبن ۾ سروري اسلاميہ ڪاليج هالا پنهنجو مقام پيدا ڪري ورتو آهي. پنھنجي شاندار نتيجن جي لحاظ کان هن علائقي جي شاگردن لاءِ خاص ڪشش جو باعث آهي.


لفظ سروري اسلاميہ ڪاليج هالاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو