سروري مائل

سروري مائل

سروري مائل

سروري مائل: مائل سروري جو اصل نالو مصري ولد محمد لائق ڪاڪا هو. هيءُ 19 آگسٽ 1937ع تي ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪا، تعلقي هالا ۾ ڄائو. هن 1950ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان اديب سنڌي 1960ع ۽ اديب عالم سنڌي 1963ع سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. هيءُ مخدوم طالب الموليٰ جي خدمت ۾ رهيو، جتي مختلف موضوعن تي خاص مطالعو حاصل ڪيائين. سندس وڏا سروري سلسلي سان لاڳاپيل هئا، ان ڪري هيءُ پاڻ کي سروري سڏائيندو هو. کيس مائل تخلص به مخدوم طالب الموليٰ ئي ڏنو. هن 1959ع کان شاعريءَ جو آغاز ڪيو. کيس غزل، ڪافي، بيت وغيره جھڙين صنفن تي خاص دسترس حاصل هئي. سندس آواز ۾ قدرتي لئي ۽ ترنم هو. جنهن جي بطور ڳائيندو به سريلي انداز ۾ هو. هيءُ ’بزم طالب الموليٰ‘ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. خوشخطيءَ ۾ پڻ ماهر هو، جنهن تي به کيس قدري مڃتا ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.08.19  عيسوي

مائل سروري جو اصل نالو مصري ولد محمد لائق ڪاڪا هو. هيءُ 19 آگسٽ 1937ع تي ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪا، تعلقي هالا ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگيرعباسي
جمن احمداڻي
الاهي بخش شيخ
جعفر شاهه مورائي
پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي
زيب النساء ملاح
جيسر حافظ محمد اسماعيل
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
شاهنواز ڏاهاڻي
شرف النساءِ لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون