سروري مائل

سروري مائل

سروري مائل

سروري مائل: مائل سروري جو اصل نالو مصري ولد محمد لائق ڪاڪا هو. هيءُ 19 آگسٽ 1937ع تي ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪا، تعلقي هالا ۾ ڄائو. هن 1950ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان اديب سنڌي 1960ع ۽ اديب عالم سنڌي 1963ع سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. هيءُ مخدوم طالب الموليٰ جي خدمت ۾ رهيو، جتي مختلف موضوعن تي خاص مطالعو حاصل ڪيائين. سندس وڏا سروري سلسلي سان لاڳاپيل هئا، ان ڪري هيءُ پاڻ کي سروري سڏائيندو هو. کيس مائل تخلص بہ مخدوم طالب الموليٰ ئي ڏنو. هن 1959ع کان شاعريءَ جو آغاز ڪيو. کيس غزل، ڪافي، بيت وغيرہ جهڙين صنفن تي خاص دسترس حاصل هئي. سندس آواز ۾ قدرتي لئي ۽ ترنم هو. جنهن جي بطور ڳائيندو بہ سريلي انداز ۾ هو. هيءُ ’بزم طالب الموليٰ‘ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري بہ رهيو. خوشخطيءَ ۾ پڻ ماهر هو، جنهن تي بہ کيس قدري مڃتا ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.08.19  عيسوي

مائل سروري جو اصل نالو مصري ولد محمد لائق ڪاڪا هو. هيءُ 19 آگسٽ 1937ع تي ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪا، تعلقي هالا ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفري غلام حسين ڊاڪٽر
خاطي محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي
بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
حامد ﷲ ٻيلوي مولانا
غلام حيدر عالماڻي
حڪيم محمد امين سومرو
جماڻي مدن
رشيد احمد شاھہ ڪامريڊ
پريم موٽواڻي
محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون