سرور (رسم): سرور جي رسم سنڌ ۾ عام آهي. سنڌ جا مير ٽالپر شاديءَ کان هڪ رات اڳ ۾ ’سرور‘ جا ساٺ ڪندا آهن، انهن ساٺن جي موقعي تي جيڪو گيت يا لاڏو ڳايو ويندو آهي، ان کي ’سرور‘ چوندا آهن.
سنڌ ۾ سروري پيرن جا مريد جڏهن وِهانءُ يا طهر جو ڪاڄ ڪندا آهن يا پيرن جي عرسن جي موقعي تي مينديءَ جو ڏڻ ملهائيندا آهن ته سرور جا ڳيچ چوندا آهن ۽ هن ريت سرور جي ڪوٺ ڏيندا آهن:
او منهنجا سرور پير،
منهنجون اميدون پڄائجان!
وهانءَ يا طهر جي ڪاڄن دوران مينديءَ رات، ميندي ڳوهڻ کانپوءِ سرور هڻبا آهن. سرور جا ٻول دهل جي رڌم تي سماع واري انداز ۾ چئبا آهن. گھوٽين مان ست سهاڳڻيون مٿي تي مٺائي، کنڊ، کارڪن يا پتاشن جي ڀريل ٿالهي کڻنديون آهن. اهڙي انداز کي ’سرور لڳڻ‘ ڪوٺينديون آهن ۽ پوءِ ميندي ورهائي ڳيچ ڳائينديون آهن.
سنڌ جي اترين علائقن جا رهاڪو بلوچ قبيلن ۾ پڻ هيءَ رسم رائج آهي، جيڪا شاديءَ جي موقعي تي ادا ڪئي ويندي آهي. جڏهن ڄڃ ساهريجن ڏانهن وڃڻ لاءِ گهر مان نڪرندي آهي، ته ان وقت سرور جي ڍولڪ وڄائي گھور ورتي ويندي آهي. هيءَ رسم بلوچن جي مرشد، اوليا سرور سان نسبت رکي ٿي، جنهن جي درگاهه ديري غازي خان ۾ موجود آهي. ڄڃ نڪرڻ واري رات کي ’سرور رات‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. ڍولڪ جي وڄت تي سرور جي ڪرامتن، تعريف ۽ مرشد کان گھوٽ جي سلامتيءَ ۽ خوشيءَ جي دعا وارو خاص ڳيچ ڳايو ويندو آهي. ان وقت مليل گھور ڳائڻي يا مڱڻهار کي نه ڏني ويندي آهي، پر اها ڪاڄيتن کي ڏني ويندي آهي، جيڪي ان کي مرشد سرور جو نذرانو سمجھي، پاڻ وٽ امانت طور رکندا آهن.