سري

سري

سري

سري (پکي): هي پاڻيءَ جو پکي آهي. ڪانئري، کنڀي ۽ ڪڪڙي پکيءَ سان مشابهت رکي ٿو. بدن ۾ ڪڪڙي کان ڳرو ۽ کنڀي کان هلڪو ٿئي ٿو، رنگ ۾ بہ ڪڪڙي، ڪانئري ۽ کنڀي جهڙو ٿيندو آهي. ڳچي ڏيڍ فوٽ کن ڊگهي ۽ سنهي ٿيندي اٿس. هي پاڻي ۾ ٽٻي هڻي ڳچ منزل ڪري سگهي ٿو. هي عام طور پاڻيءَ جي مٿان ترندو رهندو آهي، پر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ پاڻيءَ جي اندر ٽٻي هڻي تيزيءَ سان نڪري ويندو آهي. هي ٻين ٽوٻن پکين جي ڀيٽ ۾ ٽٻي ذريعي گهڻو تيز هلندو آهي. هي پکي پاڻيءَ ۾ مڇيون جهلي مٿي اڇلائي تيزيءَ سان جهٽي وري هڪ ٻہ جهٽڪا ڏيئي ماري پوءِ کائيندو آهي. هي پکي مڇيءَ کي اڇلائي وري جهپي کائڻ ۾ خاص ماهر آهي.


لفظ سريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو