سريالي (گاھہ): هيءُ گاھہ سنڌ، پنجاب، گجرات ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽين وارن علائقن ۾ عام جام آهي. هن گاھہ جو تعلق Graminaceae خاندان سان آهي ۽ نباتياتي زبان ۾ Andropogon Contertus جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن جو ڪانو تقريباً هڪ کان ٽي فٽ اُڀو ٿئي ٿو، جنهن ۾ لسا پن ٿين ٿا. مٿيون حصو ٻہ شاخو ۽ بجدار ٿئي ٿو، سطحي ڪنارو پڻ بوجارو، گلن جا ڇڳ سادا، هلڪا مڙيل، گلن جو هيٺاهون حصو اڻ بجيو ۽ پنکڙيون وارن واريون ٿين ٿيون. سنگ جا وار ڊگها ۽ پشم دار ٿين ٿا. جيمس. اي موري، پنھنجي ڪتاب Plants and Drugs of Sindh جي صفحي 13 تي هن گاھہ کي مقامي ٻولي (سنڌي) ۾ سُرري، سُرَرَ جي نالي سان بہ سڏيو آهي. ساڳئي صفحي تي جيمس. اي موري، ڊاڪٽر اسٽيؤرٽ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي تہ:
”ڊاڪٽر اسٽيورٽ موجب هن گاھہ جا ٻہ ٻج ڏڪار جي ڏينهن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ واپرايا وڃن ٿا. ان کانسواءِ هن جا پن جانورن جي چاري (گاھہ) لاءِ بھترين خوراڪ طور استعمال ٿين ٿا.“