سريراڳ (راڳ): سري راڳ جو تعلق پوربي ٺاٺ سان آهي، اها مت ٻن صدين جي وچ ۾ رائج ٿيل آهي. پراڻن شاستري سنگيتن ڪلاسيڪل راڳ جي قانون مطابق سري راڳ جو تعلق سنڌ جي قديمي ڪافي ٺاٺ سان آهي. هن راڳ ۾ گنڌار (گا) ۽ ڌيوت (ڌا) جا سر خارج (ورج) آهن ۽ هن راڳ جي امروهي سمپورن آهي. هن راڳ جو وادي سر رکب (ري) آهي ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. ڪي نائڪ پنچم جي سر کي وادي ۽ کرج (سا) جي سر کي سموادي ڪري ڳائيندا آهن. قديمي گرنٿن جي مت سان هن راڳ کي ڪافي ٺاٺ ۾ به ڳايو ويندو آهي ۽ هي راڳ بلمپت لئي ۾ يعني ماترائن کي هيٺينءَ زمين 16 ماترائن کي 64 ماترائن ۾ ورهائي ڳائبو هو. اصول مطابق هي بلمپت لئي جو راڳ آهي. هـن راڳ کي آلاپـڻ جو وقت شام جو پـهـر آهي، چتر پنڊت، جيڪو ’لڪش سنگيت‘ جو مصنف هو، ان جي ڏنل سريراڳ جي قانون مطابق پنچم (پا) جو سر ئي سموادي سر آهي ۽ وادي سر رکب (ري) آهي.
سريراڳ جي آروهي: سا-را-مي-پا-ني-را-سا ۽ امروهي: سا-ني-ڌا-پا-مي-گي-را-سا آهي.
سريراڳ جو ڪلاسيڪل چالو:
را-را-سا-ني-سا-را-را-سا-ني-را-گي-را-سا-ني-سا-مي-گي-را-گي-را-سا-ني-را-سا
سا-ني-ني-را-ني-ڌا-پا-مي-پا-ڌا-پا-ني-ڌا-پا-ني-ني-را-سا-گي-را-گي-را-سا-ني-را-سا
ني-سا-را-را-سا-گي-را-سا-ني-سا-گي-را-سا-گي-را-مي-گي-را-سا-ني-را-سا
گي-را-مي-گي-را-ڌا-مي-گي-را-گي-را-سا
ني-را-سا-پا-پا-مي-ڌا-مي-گي-را-ني-ڌا-پا-مي-گي-را-را-پا-مي-گي-را
را-پا-مي-گي-را-گي-را-سا-ني-را-سا
پا-پا-ڌا-پا-سا-سا-را-سا-ني-را-گي-را-سا-را-ني-ڌا-پا
مي-ڌا-پا-ني-را-ني-ڌا-پا-مي-ڌامي-گي-را-گي-را-سا