سريمڻ جو ڪوٽ (ماڳ): هي ڪوٽ تعلقي وارھہ، ضلعي قنبر-شھدادڪوٽ جي ڳوٺ حمل کان اوڀر طرف ۽ ڪاڇڙي ڍنڍ کان اولھه طرف واقع آهي. روايت آھي تہ ارغونن جي حملي جي بچاءَ خاطر ڄام نندي ھتي قلعو ٺھرايو ھو. جنھن جا ڪجهه نشان ھتي بيٺل آھن. دڙي تي ٻہ قبرون آھن، جن مان ھڪ سريمڻ جي آهي، جنھن ڄام نندي جي حڪم تي اهو ڪوٽ اڏايو، جو پاڻ چانڊين جو سردار ھو ۽ ٻي قبر سندس ڌي مزوءَ جي چون ٿا. هي ڪوٽ حمل ڍنڍ جي الھہ ڪناري تي آهي، سريمڻ خان، ڄام انڙ جي حڪم تي ارغونن سان وڙهيو هو.