سريندر ناٿ

سريندر ناٿ

سريندر ناٿ

سريندر ناٿ (اداڪار ۽ گلوڪار): هن مشھور اداڪار ۽ فنڪار جو اصل نالو سريندر ناٿ ۽ فلمي نالو سريندر هو. هن 11 نومبر 1911ع تي پٽياله جي هڪ معزز گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو آر. آر شرما هو. هن ابتدائي تعليم پٽياله مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان بي. اي، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين.
سريچند کي فلمن ڏسڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. ان شوق جي ڪري سندس لاڙو اداڪاريءَ طرف ٿيو. هن فلمي دنيا ۾ اچڻ جي شروعات ’رينو ڌيڪ پڪچرز لاهور‘ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي، جتي هن ننڍي کنڊ جي مقبول اداڪارہ ببوءَ جي ذاتي فلم ۾ ساڻس مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، جيڪا ڪامياب نہ ٿي سگهي.
ڪافي جدوجھد کانپوءِ هدايتڪار محبوب سريچند کي ’ساگر موويٽون‘ ۾ جڳھہ ڏني، جتان سندس مقبوليت ’وڪن ڪوئن‘ فلم کان ٿي، جنهن ۾ هن ادڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. نومبر 1938ع ۾ فلم ’گراموفون سنگر‘ رليز ٿي، جنهن ۾ هن هيرو جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن فلم ۾ مقبوليت ماڻڻ کانپوءِ کيس پنجاب حڪومت جي ان وقت جي وزيراعظم سر سڪندر حيات خان کيس سونو تمغو ڏنو.
سريچند ان کانپوءِ ’ساگر موويٽون‘ ۽ ’نيشنل اسٽوڊيو‘ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشھور فلمن ۾ آنسو، وڪن ڪوئين، من موهن، ڪامريڊ، علي بابا، جيون ساٿي، ليڊيز، اونلي، ڊائنامئٽ، گراموفون سنگر، جواني، غريب، پوجا، روشن ڪليان، چاند چڪوري، وشواس، ڀرتري، رتناولي، پنهاري، عورت، لال حويلي، انمول گهڙي، اعلان ۽ انوکي ادا وغيرہ اچي وڃن ٿيون.


لفظ سريندر ناٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.11.11  عيسوي

هن مشهور اداڪار ۽ فنڪار جو اصل نالو سريندر ناٿ ۽ فلمي نالو سريندر هو. هن 11 نومبر 1911ع تي پٽياله جي هڪ معزز گھراڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيتامبر سيوهاڻي
سڪندر آفتاب خضر
حاجي امام الدين راشدي
گلشن لغاري
خليفو غلام قادر
آري شينهائي
حافظ محمد 2
غلام سڪينه شيخ
شيخ عمر شھاب الدين سھروردي
آغا ثناالله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون