سرينگر

سرينگر

سرينگر

سرينگر: سرينگر، مقبوضہ ڄمون ۽ ڪشمير جي گاديءَ جو هنڌ آهي، جيڪو جھلم نديءَ جي ڪناري، 5200 فوٽ بلنديءَ تي ڪشمير واديءَ ۾ واقع آهي. شفاف ڍنڍن ۽ بلند پهاڙن جي وچ ۾ آباد سرينگر، ڪيتري عرصي کان سياحتي مرڪز رهندو آيو آهي ۽ اتان جي معيشيت جو وڏو ذريعو آهي. شھر مان لنگهندڙ جھلم درياھہ تي ڪاٺ جون ست پُليون ۽ ان مان نڪرندڙ واھہ شھر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا. سرينگر جون خوبصورت مسجدون ۽ مندر شھر جي شھرت جو باعث آهن. هتي موجود درگاھہ حضرت بلرح ۾ نبي پاڪ صہ جو وار مبارڪ بہ رکيل آهي. هتي جي جامع مسجد، ڪشمير جي سڀ کان وڏي مسجد آهي، جيڪا پندرهين صديءَ ۾ ٺھي هئي. سرينگر جي ’ڊل‘ ڍنڍ پنھنجي خوبصورتيءَ ڪري سڄيءَ دنيا ۾ مشھور آهي. هتان جا شاليمار ۽ نشاط باغ بہ بيحد سھڻا آهن. هن شھر ۾ قالين سازي ۽ ريشم جون صنعتون قائم آهن. ان کانسواءِ چمڙي، ڪاٺ ۽ پتل مان ٺهيل مصنوعات دنيا ۾ پسند ڪيون وڃن ٿيون. هتي 1969ع ۾ ڪشمير يونيورسٽي قائم ٿي. هتان ڪشمير وادي ۽ نانگا پربت جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. ڀرپاسي ۾ موجودہ پهاڙن تي شاھہ بلوط، صنوبر ۽ ديودار جا وڏي تعداد ۾ وڻ موجود آهن. سرينگر جي آبادي 10 لکن جي لڳ ڀڳ آهي.


لفظ سرينگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو