سـريچـند درٻار (ماڳ): بابا سريچند صاحـب گـرونانڪ جو پٽ هو، جنهن بابت روايت آهي تہ هن اڃا تائين چولو نہ مٽايو آهي، سريچند هتي تپسيا ڪئي هئي ۽ 130 ورهين جي ڄمار ۾ هتان هليو ويو هو. اداسي پنٿ جو پايو وجهندڙ هو. هو ٺٽي کان چار ميل ڏکڻ طرف ديھہ ٻائي پورن داس ۾ فقير جو ڳوٺ آهي، جتي بابا سريچند جي درٻار آهي. درٻار ۾ بابا سريچند جو سنگ مرمر مان ٺهيل مجسمو آهي، جيڪو ويٺل حالت ۾ اٽڪل چئن فوٽن جو آهي، سندس هٿ ۾ مالها آهي. هڪ هٿ گوڏي تـي اٿـس ۽ ٻئـي هـٿ سـان آشيـرواد پيو ڏئـي، اهو يـوگا آسـڻ آهي، اهـو گوتم ٻڌ جو نمونو آهي پر ٻڌ ۽ شو جون جٽائون مٿي تي ٻڌل هونديون آهن. بابا سريچند جي مجسمي تي چيلھہ جيترا ڊگها وار پٺي تي وريل ڏيکاريل آهن، مجسمي جي چهري جي خاص ڳالھہ سندس مرڪ آهي.
هتان جي ٻي خاص ڳالھہ سريچند درٻار جي ڌجا ۽ جهنڊو آهي، ڌجا وڻ جو 100 فوٽ ڊگهو ٿڙ آهي، ان ٿڙ کي چئني پاسن کان ڪپڙو ويڙهي ٿنڀي وانگر اڀو بيهاري ان ۾ مخصوص جهنڊو ٻڌو ويو آهي، جيڪو وڏي فاصلي کان نظر اچي ٿو. ڌجا سنسڪرت جو لفظ درج آهي، جنهن جي معنيٰ لڪڻ يا لٺ آهي، ان ڊگهي لڪڻ جي هڪ شڪل جيـڪا امام بارگاهن آڏو کـُتـل ڊگهي عـلـم جي آهـي. درٻـار جـي اولھہ ۾ هڪ گـنبـذ نـمـا هـال ۾ گـرن ۽ گـادي نشيـنـن جـون سـمـاڌيـون آهـن،
اوڀر ۾ اها ڌوڻي آهي، جتي روايت موجب سريچند پاڻ تپسيا ڪئي ۽ (سندن خيال ۾) اڄ بہ ايندو آهي، پوڄارين موجب تپسيا واري هنڌ تي موجود خاڪ مٿان روزانو پرھہ ڦٽيءَ مھل ۽ شام جو سج لھڻ مھل پنھنجي ليکي دونهين دکي پوندي آهي، دونهيءَ جي رک کي پوتر سمجهيو وڃي ٿو ۽ ياتري اها رک چپٽيءَ ۾ ڀري ڦڪين ٿا، بت کي ملين ٿا، جنهن سان روايت موجب دک دور ٿئي ٿو، اداس پنٿ برهمچاريت تي ٻڌل آهي، يعني اداس پنٿي نانگو يا غير شادي شدہ ٿي سگهي ٿو، جنهن بہ ماڻهو شادي ڪئي اهو نانگو، ڪن پٽ ڪاپڙي، ڀڀوتي يا اداس پنٿي وغيرہ ٿي نٿو سگهي.
هتي هر مهيني پهرئين چنڊ تي ميلو لڳي ٿو. وڏا ميلا بہ لڳن ٿا، هڪ چيٽي چنڊ جو ۽ ٻيو بڊي مهيني جي 23 يا 24 تاريخ تي لڳندو آهي، درٻار جو انتظام پنچائت جي هٿ ۾ آهي. هونئن هتي روزانو شام جو آڌوتي ڀڄن، ۽ پرساد جو سلسلو هلي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن ڀڄن ۾ ناغو بہ ٿيو وڃي، ياترين لاءِ هنڌ، بستري ۽ لنگر پاڻي جو هميشہ بندوبست آهي، جتي هندو مسلمان بنا فرق جي سهولت وٺي سگهن ٿا.