سري چند راگهائو

سري چند راگهائو: چند راگهائو'>سري چند راگهائو، 15 جولاءِ 1945ع تي ڄائو. پاڻ هڪ ئي وقت شاعر، ڳائڻو ۽ اداڪار هو.پاڻ شاعريءَ ۾ ‘جاني’ تخلص استمعال ڪيو اٿس. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ (1) ‘تنھنجي تند تنوار’، (2) ‘اوقات جو عڪس’ قابل ذڪر آهن. هن ‘سڪندر ۽ پورس’، ‘مڱڻو’، ‘قيدي نمبر 312’، ‘هريجن ٻالڪ جي پڪار ’ ۽ ‘نوڪريءَ جي تلاش’ ڊراما لکيا ۽ پاڻ انهن ۾ اداڪاري بہ ڪئي. هو بھترين ڳائڻو بہ هو.
سندس ڪيترائي ڳايل ڪلام آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيا. کيس مضمون ۽ گائڪيءَ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ سندس خدمتن تي انفرميشن اينڊ براڊڪاسٽنگ سروس انڊيا طرفان انعام ڏنو ويو. پاڻ سنڌي ساهت ۽ ڪلان ڪتين ايسوسيئيشن احمدآباد جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ سردار نگر، احمدآباد ۾ رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو