سرڦُوڪو: هيءُ هڪ خودرو ٻوٽو آهي، جيڪو ميٽر کن ڊگهو ٿيندو آهي. هن ٻوٽي جا پن هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هوندا آهن ۽ گل ڳاڙها، واڱڻائي رنگ تي ٿيندا آهن. هن ۾ ٻج واريون ڦريون ٿينديون آهن، جيڪي ننڍيون، چپتريون ۽ ڪجهه قدر مڙيل ٿين. سرڦوڪا، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. سر جي معنيٰ تير ۽ ڦوڪو معنيٰ زهر، يعني تير جو زهر. هي ٻوٽو سنڌ ۾ جبلن جي لاهين ۽ ريگستان وارن علائقن ۾ پڻ پيدا ٿئي ٿو. هندستان ۽ برما ۾ گهڻو پيدا ٿئي ٿو. حڪيم هن ٻوٽي جو ڪيترين ئي بيمارين جي علاج لاءِ دوائن ۾ استعمال ڪن ٿا. هن ٻوٽي جي پنن توڙي ٻج مان ٺهندڙ دوائون رت جي خرابي، آتشڪ، جذام، خارش، ڦٽ ڦرڙين، ورم ۽ ٻين ڪيترين بيمارين ۾ کارايون وڃن ٿيون. حڪيم نجم الفني مطابق ته مشهور حڪيم اعظم خان جو معمول هو ته جنهن کي ڪشته جات مان نقصان ٿيندو هو ته ان کي سرڦوڪ گهوٽي پياريندو هو.