سرگس: سرگس شاديءَ جي هڪ رسم آهي، جنهن ۾ گھوٽ کي گهوڙي تي سوار ڪري يا ڪار ۾ ويهاري گشت ڪرائبو آهي. سرگس جي رسم نڪاح کانپوءِ ڪئي ويندي آهي، پر ڪٿي نڪاح کان اڳ به سرگس ڪڍبو آهي. سرگس ۾ اڳيان دهلاري دهل ۽ شرنائيون وڄائيندا هلندا آهن ۽ پويان گھوٽ گھوڙي تي سوار هوندو آهي، جنهن سان هڪ ننڍڙو ٻار به همسوار هوندو آهي، اهو هڪ سنؤڻ آهي ته جيئن الله پاڪ کيس پٽ وارو ڪري. گھوڙي جون واڳون چاچو، مامو يا ٻيو ڪو عزيز يا دوست جھلي هلندو آهي، ڄاڃي گھوٽ سان گڏ سرگس لاءِ اهڙو رستو وٺندا آهن، جيڪو ڪنهن مسجد وٽان گذرندو هجي. سرگس دوران گھوٽ جا مائٽ، دوست، چاچا ۽ ماما گھوٽ جي مٿان نوٽ گھوري مڱڻهارن ۽ نچندڙن کي ڏيندا آهن ۽ پتاشا يا کارڪون گھوري ڄاڃين/ خاص ڪري ٻارن مٿان اڇلائيندا آهن. جڏهن سرگس مسجد جي در وٽ پهچندو آهي، ته گھوٽ مسجد ۾ اندر وڃي، شڪراني طور ٻه رڪعتون نفل نماز ادا ڪندو آهي. ڪي گھوٽ قرآن پاڪ مان تلاوت ڪندا آهن. ان کانپوءِ دعا گھري ويندي آهي ۽ وري ساڳئيءَ ريت سرگس اچي ڪنوار جي درتي پهچندو آهي، گھوٽ کي ڪنواريتن ڏي اماڻي ڄاڃي موٽي اچي ڇني ۾ ويهندا آهن.
هر علائقي ۾ سرگس ڪرائڻ جي رسم الڳ طرح سان هوندي آهي. شهرن ۾ وري گھوٽ کي ڪار يا بگيءَ ۾ ويهاري سرگس ڪرائيندا آهن. ڪٿي ڪٿي سرگس ۾ عورتون به شامل هونديون آهن. گھوٽ جي ماءُ گھوٽ جي مٿان ڪچا چانور، کارڪون، مصري ۽ پتاشا وغيره گهوريندي هلندي آهي ۽ عورتون ڳيچ ڳائينديون هلنديون آهن. سرگس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪنوار جي در وٽ گھوٽ کي سندس ماءُ يا ڀيڻ پلئه ڏئي اندر وٺي ويندي آهي. ڪٿي وري گھوٽ ٻه نفل شڪراني جي نماز ڪنوار جي اڳيان پڙهندا آهن. سرگس ۾ مڱڻهار جي هٿ ۾ ٿالهي هوندي آهي، جنهن ۾ چانور پيل هوندا آهن، ڄاڃي ان ٿالهيءَ ۾ گھور وجھندا ويندا آهن. اهري طرح سرگس جڏهن ڪنواريتي گھر وٽ پهچندو آهي ته عورتون وڌي اچي در وٽ گھوٽ جو استقبال ڪنديون آهن ۽ سهرا ڳائي گھوٽ کي اندر وٺي وينديون آهن.
ٿرپارڪر ۾ جتي روڊ جي سهولت موجود نه آهي، اتي گھوٽ کي اٺ تي سرگس ڪرائيندا آهن. سرگس جي رسم سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن ۾ عام آهي.