سرگس: سرگس شاديءَ جي هڪ رسم آهي، جنهن ۾ گهوٽ کي گهوڙي تي سوار ڪري يا ڪار ۾ ويهاري گشت ڪرائبو آهي. سرگس جي رسم نڪاح کانپوءِ ڪئي ويندي آهي، پر ڪٿي نڪاح کان اڳ بہ سرگس ڪڍبو آهي. سرگس ۾ اڳيان دهلاري دهل ۽ شرنائيون وڄائيندا هلندا آهن ۽ پويان گهوٽ گهوڙي تي سوار هوندو آهي، جنهن سان هڪ ننڍڙو ٻار بہ همسوار هوندو آهي، اهو هڪ سنؤڻ آهي تہ جيئن ﷲ پاڪ کيس پٽ وارو ڪري. گهوڙي جون واڳون چاچو، مامو يا ٻيو ڪو عزيز يا دوست جهلي هلندو آهي، ڄاڃي گهوٽ سان گڏ سرگس لاءِ اهڙو رستو وٺندا آهن، جيڪو ڪنهن مسجد وٽان گذرندو هجي. سرگس دوران گهوٽ جا مائٽ، دوست، چاچا ۽ ماما گهوٽ جي مٿان نوٽ گهوري مڱڻهارن ۽ نچندڙن کي ڏيندا آهن ۽ پتاشا يا کارڪون گهوري ڄاڃين/ خاص ڪري ٻارن مٿان اڇلائيندا آهن. جڏهن سرگس مسجد جي در وٽ پهچندو آهي، تہ گهوٽ مسجد ۾ اندر وڃي، شڪراني طور ٻہ رڪعتون نفل نماز ادا ڪندو آهي. ڪي گهوٽ قرآن پاڪ مان تلاوت ڪندا آهن. ان کانپوءِ دعا گهري ويندي آهي ۽ وري ساڳئيءَ ريت سرگس اچي ڪنوار جي درتي پهچندو آهي، گهوٽ کي ڪنواريتن ڏي اماڻي ڄاڃي موٽي اچي ڇني ۾ ويهندا آهن.
هر علائقي ۾ سرگس ڪرائڻ جي رسم الڳ طرح سان هوندي آهي. شهرن ۾ وري گهوٽ کي ڪار يا بگيءَ ۾ ويهاري سرگس ڪرائيندا آهن. ڪٿي ڪٿي سرگس ۾ عورتون بہ شامل هونديون آهن. گهوٽ جي ماءُ گهوٽ جي مٿان ڪچا چانور، کارڪون، مصري ۽ پتاشا وغيرہ گهوريندي هلندي آهي ۽ عورتون ڳيچ ڳائينديون هلنديون آهن. سرگس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪنوار جي در وٽ گهوٽ کي سندس ماءُ يا ڀيڻ پلئہ ڏئي اندر وٺي ويندي آهي. ڪٿي وري گهوٽ ٻہ نفل شڪراني جي نماز ڪنوار جي اڳيان پڙهندا آهن. سرگس ۾ مڱڻهار جي هٿ ۾ ٿالهي هوندي آهي، جنهن ۾ چانور پيل هوندا آهن، ڄاڃي ان ٿالهيءَ ۾ گهور وجهندا ويندا آهن. اهري طرح سرگس جڏهن ڪنواريتي گهر وٽ پهچندو آهي تہ عورتون وڌي اچي در وٽ گهوٽ جو استقبال ڪنديون آهن ۽ سهرا ڳائي گهوٽ کي اندر وٺي وينديون آهن.
ٿرپارڪر ۾ جتي روڊ جي سهولت موجود نہ آهي، اتي گهوٽ کي اٺ تي سرگس ڪرائيندا آهن. سرگس جي رسم سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن ۾ عام آهي.