
سرهه

سرهه
سرھہ Sindh Ibex/Capra Aegagrus: سنڌ ۾ ملندڙ سرھہ بابت حيوانات جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ ابتدا ۾ آئبيڪس، هماليه، ڪوھہ سليمان ۽ چلتن جبلن جي بلندين تي رهندا هئا. انهيءَ اصل آئبيڪس جو جڏهن جهنگلي ٻڪري سان ميلاپ ٿيو تہ هڪ نئون نسل پيدا ٿيو، جنهن کي سرھہ يا پهاڙي ٻڪرو Sindh Ibex/Capra Aegagrus سڏيو ويو. ان چوپائي ۾ آئبيڪس (Ibex) ۽ جهنگلي ٻڪري واريون ٻئي خاصيتون موجود هيون. ان نئين جاندار سليمان ۽ چلتن جبلن جي پيچرن کي لتاڙيندي اچي کيرٿر کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ڪن ماهرن جو وري خيال آهي تہ: ”ٿي سگهي ٿو تہ اسان جي سنڌ ۾ بہ قبل از تاريخ اصل سرھہ موجود هجن. ان اوائلي سرھہ ۽ جهنگلي ٻڪريءَ جو سنجوڳ بہ هن ڌرتيءَ تي ٿيو هجي.“ ممڪن آهي تہ اصل آئبيڪس گهڻو اڳ ختم ٿي ويو هجي. باقي هي موجودہ نسل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي پهاڙن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندو ٿو وتي. شاھہ لطيف ڀٽائي بہ سُر ديسي ۾ سرھہ کي ڳايو آهي:
جبل ۾ جانار، سرھہ گڏبئي سسئي،
ڀني پوءِ ڀورائين، ٻانڀڻ جي ٻاڪار،
هوتاڻي هيڪار. مولا مون ميڙئين.
سرھہ، خوراڪ ۽ پنھنجي حفاظت يا آبهوا جي خيال کان اوچائيءَ وارن هنڌن تي رهندو آهي. هن جو چراگاھہ زميني سطح کان گهٽ ۾ گهٽ 1200 فوٽن تي هوندو آهي.
هي جانور گولاڙن، کپ، کور، ڪونڀٽ ۽ روهيڙي جي گلن کان سواءِ لُنب، کيھہ، ڀتر، کيھہ، مريڙو ۽ ٻيا موسمي گاھہ کائيندو آهي.
سرھہ سھل پسند ۽ تمام نفيس جانور هئڻ ڪري ڪچڙن گاهن ۽ گونچن تي گذارو ڪندو آهي. خاص ڪري ٿوهر جا گونچ ۽ ان جي ڪچڙي گُري هن جي مرغوب غذا آهن.
هي ڄاڱري ٻير شوق سان کائيندو آهي ۽ ڄاڱرين ٻيرن ڄنگهن ۽ سڱن سان ڌوڻي کائيندو آهي. گگر، ولين جي گلن ۽ ميون تي گذارو ڪندو آهي. ساڳئي وقت هي اهڙو سخت جان چوپايو آهي، جيڪو ڏڪار وارين حالتن ۾ ڏڪار وارين حالتن ۾ گگر ۽ ڪونڀٽ وغيرہ جي ڇوڏن تي بہ گذارو ڪري ويندو آهي. سرھہ سخت ڪاڙهي ۾ ٽن چئن ڏينهن تائين پنجن ڇھن لٽرن پاڻيءَ تي جيئرو رهي سگهي ٿو.
سرھہ جي نر ۽ ماديءَ کي سڱن وسيلي آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو. نر جا سڱ تمام وڏا، ڊگها، ٿلها ۽ پوئتي 270 ڊگرين تائين تلوار جيان وريل هوندا آهن. ماديءَ جون شاخون سنهڙيون ۽ ننڍڙيون ٿين ٿيون. سرھہ جي بيضوي سڱن ۾ ڇلا (Rings) ٿيندا آهن، اهي ٽي انچ کن قطر وارا ڇلا سندس عمر کي ظاهر ڪن ٿا. سرھہ جي سڱ اندر چرٻيءَ سان ڀريل هڏيءَ مٿان مضبوط کوپو چڙهيل هوندو آهي، جيڪو ڪارائيءَ سان بہ ڪٽجي نہ سگهندو آهي. سرھہ جي مرڻ ۽ سڱ جي خراب ٿيڻ بعد اهو کوپو پاڻمرادو لھي ويندو آهي.
فقيرن وٽ وڄائڻ وارا ناد ۽ نفيلون سرھہ جي سڱ جون ٺهيلن هونديون آهن.
ڊاڪٽر مجيد چانڊيو ڪيترائي سال جارجيا ۽ ڪوھہ ڪاف ڏي رهيو آهي، ان جي چوڻ مطابق اتان جا ماڻهو ڪوھہ ڪاف جي سخت برف باريءَ ۾ رهندڙ آئبيڪس جي سڱن ۾ مڌ/ شراب ڀري پيئندا آهن. ٽالسٽاءِ جي ناول ’ائناناڪرينا‘ ۾ بہ هڪ اهڙي ڪردار جو ذڪر آهي، جيڪو سرھہ جي سڱ ۾ شراب پيئندو آهي.
دنيا ۾ ڊيگهه جي لحاظ کان سرھہ جو سڱ اڄ بہ رڪارڊ آهي. ٽي. جي رابرٽ پنھنجي ڪتاب The Mammals of Pakistan ۾ لکي ٿو تہ 1870ع ۾ جنرل اي. سي مارسٽن هڪ سرھہ ساڍا ٻاونجاھہ انچ سڱن وارو ماريو هو. ان کانپوءِ وري هتان ئي 1912ع ۾ هڪ سوا ٻاونجاھہ انچ سڱن وارو سرھہ شڪار ڪيو ويو. پوليس عملدار غلام سرور جماليءَ جي ذاتي مشاهدي مطابق کيرٿر ۾ پنجاھہ انچن وارا سڱ رکندڙ جـانـوربه ڏٺا ويا آهن.
سنڌ ۾ سالن کان خشڪساليءَ جي ڪري سرھہ ۽ ٻين جانورن جي نشو نما کي ڪافي ڌڪ لڳو آهي. سرھہ جي واڌ ويجهه جو دارومدار ماحول، آبهوا، کاڌ خوراڪ ۽ برسات تي آهي. مينگهه ملهار جي موسم ۾ نر ۽ ماد ويجها ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندن لڳ بہ بي اثر ٿيندو آهـي، ڇـاڪـاڻ جـو خـوراڪ جـي ڪميءَ جي ڪري نـر ميلاپ لاءِ تـيـار نہ ٿي سگهندو آهي ۽ مادي بہ گاھہ جي گهٽتائيءَ جي ڪري ٽُنبجي پوندي آهي يا ڪمزور ڦر ڏيندي آهي. نر ميلاپ بعد ايترو تہ ڪمزور ٿي پوي ٿو، جو ولر ڇڏي نالن ۽ نئين جي ترن ۾ وڃي پناھہ وٺي ٿو. جبل جي ڪڇ ۾ گهم، گاھہ ۽ ڇانورو گهڻو هئڻ ڪري، نر ڪجهه عرصو ان جـي واديـن ۾ رهـي، پنهنجـي جـسمانـي حالت بهتر ڪري، وري وڳ ۾ ايندو آهي.
سرھہ پنھنجي ولر ۾ پنھنجي وڏي يا بزرگ کي وڏو مان ۽ مرتبو ڏيندا آهن. ميلاپ جو حق بہ صرف وڏي سرھہ کي هوندو آهي. جيڪڏهن ڪوبه ننڍو سرھہ پنھنجي مکيءَ جو احترام نہ ڪندو آهي تہ ٻيا نوجوان ۽ واٺا بہ گڏجي پوڙهي سرھہ جي مدد لاءِ سڱ تيز ڪندا آهن. نيٺ مکي ۽ باغيءَ مان هڪ کي هار مڃي، ڌڻ کان ڌار ٿيڻو پوندو آهي. وڙهڻ مھل سرھہ جا سڱ ڪلهن تائين هيٺ اچي وڃن ٿا. اڪثر زخمي ٿيڻ بعد هنن جي ڦٽن ۾ جيت پئجيو وڃن. هي جانور ايترو تہ خوددار آهي، جو زخمي، مولهو يا ٺانٺو ٿيڻ بعد جوءِ ڇڏي، مرڻ لاءِ مٿي بلندين ڏي هليو ويندو آهي. هو اونداهين غارن ۾ لڪي، اهڙي جاءِ تي وڃي پنهنجو انت آڻيندو آهي، جو هن جا هڏا بہ اتي ئي سڙي کپي ويندا آهن. مطلب تہ مرڻ بعد هن جو مڙھہ هٿ نہ ٿو اچي.
سرھہ جي مادي ٽن سالن ۾ بلوغت ۾ پير پائي ٿي، هو سال ۾ هڪ دفعو لڳ ڪري، ڇھہ مهينا گرڀ هاري رهي ٿي، اڪثر جنوري يا فيبروريءَ ۾ ٻچو ڏيندي آهي. جيڪڏهن برسات ۽ گاھہ سٺو آهي تہ هر ماديءَ کي پويان ٻہ ٻچا نہ تہ عام طرح هڪ ٻچو ڏٺو ويو آهي. ڦر سال کن ماءُ سان گڏ رهي، پوءِ وڏا ٿي، نئون ولر ٺاهين يا ان ولر ۾ ئي پنھنجي جاءِ پيدا ڪندا آهن.
سرھہ قد بت ۾ وچٿرو گابي جيترو ٿيندو آهي. هو شاخن سوڌو ماڻهوءَ جي قد کي ڇھي هلندو. هن جي ڊيگهه نڪ کان پڇ تائين سراسري ساڍا چار فٽ ٿيندي آهي، سرھہ جي نر جو وزن پنجيتاليهن کان نوي ڪلوگرام۽ مادي تور ۾ پنجويهن کان پنجونجاھہ ڪلوگرام ٿئي ٿي.
نر سرھہ جي چار انچ کن ڪاري ڏاڙهي ۽ هٿ جيترو ڪارسرو پڇ پري کان ئي پڌرو آهي. سرھہ جي مادي ميرانجهڙي ۽ نر جي خاڪي کل تي انچ کن بج چڙهيل هوندي اٿس. ملهار جي مند ۾، مستيءَ جي ڪيفيت ۾ نر پنھنجي ٽنگن تي پيشاب هڻندو آهي، ان ڪري ڪلهن کان وٺي سٿرن تائين ڪارا پٽا ٺھي پوندا اٿس.
ڪوهستاني ماڻهو پهاڙي ٻڪر کي ’ٺير‘ ۽ ماديءَ کي ٻڪري يا ‘آئي‘ سڏين ٿا. هن ڦڙتيلي ساهدار کي جبلن تي جهلڻ تمام مشڪل آهي. البت پٽ تي کيس ڪتا ۽ ٻيا جانور کنڀي وڃن ٿا. هن جي چيريل کرن ۾ ڄڻ چقمق لڳل آهي. هي اڀي ٽڪريءَ تي بہ ٽپو ڏئي، ڪرڙيءَ جيان چنبڙي پوندو آهي. هو هيٺاهينءَ طرف وڏو ٽپو ڏئي ٿو. سرھہ جڏهن بہ مٿانهين تي ڇلانگ ڏيندو آهي تہ هيٺ سڱن ڀر اچي ڦهڪو ڪندو آهي. ماهرن جو خيال آهي تہ سرھہ جي بل ڏيڻ مھل اها منشا هوندي آهي تہ هو اُٿي پيرن ڀر وڃي بيهندو، پر ڳورن سڱن ڪري توازن برقرار رکي نہ سگهندو آهي، ان ڪري پير کپڻ کان اڳ ئي سڱن ڀر اچي ڪِرندو آهي.
سرھہ ڌڻ جي صورت ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي. اڪثر ڌڻ ۾ ڏهن کان ستر جانور رهڻ پسند ڪندا آهن. هن جي ولر جي چرپر تمام منصوبابنديءَ سان هوندي آهي. سرھہ فجر جي هلڪي سهائيءَ ۾ چوڳو شروع ڪري ٿو، هو ان مھل هر شيءِ کي ماحول جو حصو سمجهندو آهي، ڀلي ڪو انسان بہ ساڻس هلندو رهي. هو تيستائين ان مان ڪو خطرو محسوس نہ ڪندو آهي، جيستائين کيس انساني بوءِ نہ اچي. سرھہ پرھہ ڦٽيءَ کان ڪچڙي منجهند تائين ٽي ڪلوميٽر کن چرندو آهي، پوءِ منجهند جو دير آرام ڪندو آهي. هو سياري ۾ بلنديءَ تي تڙڪي ۾ ۽ سانوڻ ۾ گوڇار ۾ ڪجهه دير آرام ڪري، وري چرڻ شروع ڪندو آهي. آخر شام تائين ٽي ڪلوميٽر ٻيا چرڻ بعد رات گذارڻ لاءِ ڪا محفوظ جڳھہ ڳولي وٺندو آهي. شڪاري اڪثر سرھہ جو شڪار ٻن طريقن سان ڪندا آهن. جوھہ واري طريقي ۾ خفتي لڪي ڇپي، سرھہ جي ڀرسان پهچي، کيس بندوق جو نشانو بڻائيندو آهي. سرھہ جو گوشت ايترو سوادي نہ آهي. سرھہ جو پتو پراڻي زڪام ۽ نظر جي ڪمزوريءَ لاءِ حڪيم استعمال ڪندا آهن. يرقان جي بيماريءَ لاءِ هن جي اوجهه جو ڇاڻيل پاڻي مفيد سمجهيو وڃي ٿو. ديسي علاج مطابق سرھہ جو رت، تلي وڌيل ٻار لاءِ ۽ حڪيم هن جو سڪل گوشت سنڌن جي سور لاءِ دوا ۾ ڪتب آڻيندا آهن.