
سر رپ هڪ مطالعو
سر رپ: هڪ مطالعو (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سر رپ تي لکيل مقالن جو هي مجموعو تاج جويي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌ جي نامور ليکڪن جا 14 مقالا شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر عبدالجـبـار جوڻيجي جو مقالو ’غم جو فلسفو ۽ سر رپ‘، محمد حسين ڪاشف جو ’گوندر هٿ نہ پير‘، ڊاڪٽر هدايت پريم جو ’شاھہ جي ٻولي؛ سر رپ جو لسانياتي جائزو‘، ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقيءَ جو ’رپ جو راز‘، ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ جو مقالو ’سر رپ، صوفي ۽ نحوي ترڪيبون‘، مير محمد پيرزادي جو مقالو ’سر رپ ۾ تشبيهن جو استعمال‘، حافظ محمد بخش خاصخيلي جو ’لطيف سرڪار جو سر رپ‘، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي جو ’سر رپ جو مطالعو‘، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو ’سر رپ ۾ وڇوڙي ۽ ويراڳ جا ورلاپ‘، حاجي عنايت ﷲ زنگيجي جو ’اتر ڏني اوت‘، فقير امداد علي سرائيءَ جو ’سر رپ جو جائزو ۽ سماچار‘، نياز سرڪيءَ جو ’سر رپ ۾ اصطلاح ۽ چوڻيون‘، احسان عظيم جو ’سر رپ هڪ مطالعو‘، محمد ابراهيم سنڌيءَ جو مقالو ’سر رپ جو سماجي ۽ ثقافتي پهلو‘، عطاءُ ﷲ بخاريءَ جو مقالو ’شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سر رپ‘ ۽ رقيه غلام علي شاهاڻيءَ جو مقالو ’سر رپ جا راز ۽ رمزون‘ شامل آهي.
هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ حسن و جمال جي موضوع تي نَوَ مضمون شامل آهن، جن ۾ خاڪي جويي جو لکيل مضمون ’شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ تخليق ۽ حسنڪاري‘، انعام شيخ جو ’لطيف وٽ سونهن جو تصور‘، امداد حسيني جو ’پير پٽائين گج جئن‘ ۽ ٻيا مضمون شامل آهن.
هن ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾ ٽي مضمون شامل آهن، جيڪي شاھہ لطيف جي سير ۽ سفر تي لکيل آهن. هن ڪتاب جي شروعات ۾ تاج جويي جو لکيل مضمون ’ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ۽ ادبي ڪانفرنسن جو پس منظر‘ ۽ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ميمڻ جي لکيل صدارتي تقرير بہ شامل آهي.
323 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2002ع ۾ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت پڪي جلد سان 150 روپيا آهي.