
سر سارنگ
سر سارنگ (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪ حميد سنڌيءَ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻہ ڀاڱا آهن، هن جي پهرئين ڀاڱي ۾ نامور ليکڪن جا شاھہ لطيف جي سر سارنگ تي لکيل 18 مقالا، جن ۾ ’سـارنگ سـاٺ ڪجــن‘ (محمد حسـيـن ڪـاشـف)، ’ڀٽائي گهوٽ جـو سُر سارنگ جو مطالعو‘، (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، ’سر سارنگ: درست پڙهڻيون ۽ سماجي ۽ فڪري پهلو’، (تاج جويو)، ’شاھہ عبداللطيف جي ڪلام ۾زندگيءَ جو فلسفو‘، (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ’سر سارنگ ۽ سنڌي عورت جا احساس‘، (رضيہ شيخ)، ’سر سارنگ جو اهڃاڻ ۽ سنڌ جي جاگرافي‘ (ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقي)، ’سر سارنگ هڪ مطالعو‘ (احسان عظيم صديقي)، ’شاھہ جي سُـر سـارنگ جو تصور‘ (شفيق حسين ميمڻ)، ’سر سارنگ جا رنگ‘ (نذير ناز) ۽ ’سارنگ سار لهيج ﷲ لڳ اڃين جي‘ (حافظ محمد بخش) جي عنوانن سان مقالا شامل آهن. هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ 6 متفرق مضمون شامل آهن، جنهن ۾ ’فرد امنڌ ڦٽي ڪئي‘، (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ’سامونڊيڪو سڱ‘ (ذاڪر کٽي)، ’سر سامونڊي سنڌ جي اقتصادي تاريخ جو ماخذ‘ (ذاڪر کٽي)، ’شاھہ جي ڪلام ۾ اقتصادي فلسفو‘ (ادل سومرو)، ’سر سامونڊيءَ جو پسمنظر ۽ شاھہ جا مقرر ڪيل ڪردار‘ (مخمور مهيري)، ’اڄ پڻ اتر پار ڏي‘ (نصرت حسين ابڙو) عنوانن سان مضمون شامل آهن. 293 صفحن تي مـشـتـمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، هن ڪتاب جو ملھہ ڪچي جلد سان 200 روپيا ڄاڻايو ويو آهي.