سر شاهنواز ڀٽو
سر شاهنواز ڀٽو
سر شاهنواز خان ڀٽو: سر شاهنواز خان ڀُٽي جو خاندان هڪ روايت موجب اصل ۾ جيسلمير جي راجپوت گھراڻي ” بالي خاندان “ جي شاخ آهي . جيڪي پهرين پنجاب پوءِ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا . سر شاهنواز خان ڀٽي جي ڏاڏي جو نالو خدا بخش خان ڀٽو هو ، جنهن پنهنجي نالي ” ڳڙهي خدا بخش خان “ ڳوٺ ، رتيديري تعلقي ۾ ٻڌايو . شاهنواز ڀٽو سندس فرزند غلام مرتضيٰ خان ، جو پهريون نمبر پٽ هو ۽ ڳوٺ ڳڙهيءَ خدا بخش خان ۾ 2 مارچ 1888ع تي ڄائو . ٿوري ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ وٺي ، پوءِ انگريزي تعليم لاءِ سنڌ مدرسي ۽ سينٽ پيٽرڪس اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويو . سندس ڏاڏي 1896ع ۾ وفات ڪئي . جنهن کان پوءِ سگھوئي سندس والد غلام مرتضيٰ خان به جوانيءَ ۾ 31 سالن جي عمر ۾ ، 1899ع ڌاري وفات ڪري ويو . ان ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي ، هو اباڻي زمينداري ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڳوٺ واپس آيو . کيس لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ زمين هئي . هن 22 سالن جي عمر ۾ ملڪي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي . اهو 1910ع جو زمانو هو . جڏهن پهرين ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو . انهن ڏينهن ۾ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ڪليڪٽر هوندا هئا . هن حڪومت جي آفيسرن سان سٺا لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا . ان کان سواءِ پنهنجي زمين به سڌارڻ طرف ڌيان ڏنو . لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو ڪالوني ٺهرايائين ، جنهن جي ڪيترن بنگلن ۾ سرڪاري عملدار مسواڙ تي رهندا هئا . هي لاڙڪاڻي جو پهريون زميندار هو ، جنهن جديد طرز جي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪئي . عام زميندارن وانگر سارو وقت ڪچهرين يا شڪارن ۾ نه گذاريندو هو . هر ڳالهه لاءِ وٽس وقت مقرر هوندو هو . وٽس ماڻهو اطلاع سان ايندا هئا ، عملدارن سان سٺن تعلقاتن ڪري ، کيس 1919ع ۾ او . پي . او جو خطاب مليو ۽ 1921ع ۾ کيس ” خانبهادر “ ۽ 1924ع ۾ ” قيصر هند “ جو خطاب مليو . 1925ع ۾ کيس ” سي . آءِ . اي “ جو لقب ۽ پهرين جنوري 1930ع تي ” سر “ جو خطاب مليو . سر شاهنواز خان ڀٽو 1919ع ۾ ، ” منٽو مارلي رفارمس “ هيٺ هڪ سال لاءِ زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان امپيريل ڪائونسل دهليءَ ۾ چونڊجي ويو ، جتي 1920ع تائين ميمبر هو . 1920ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ، جنهن عهدي تي هو مسلسل 1933ع تائين رهندو آيو . مانٽيگو چيمسفورڊ رفارمس بعد 1921ع جي شروعات ۾ ، هيءُ لاڙڪاڻي ضلعي مان بمبئي ڪائونسل تي چونڊجي ويو ، جنهن تي 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ تائين رهندو آيو . 1925ع ۾ ، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ چونڊيو ، ۽ ان جماعت ۾ انهيءَ حيثيت سان ، 1933ع ۾ بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ جي وزير ٿيڻ تائين ، رهندو آيو . هو سنڌ مان بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن جو 1925ع کان وٺي هو ليڊر چونڊيو ويو ، جنهن عهدي تي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ تائين رهيو . هن ڪوآپريٽو تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ، خانبهادر عظيم خان سان گڏجي ڪافي ڪوشش ورتي . ڪيتري وقت تائين هو لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽو بئنڪ جو چيئرمئن چونڊبو آيو . سرڪار طرفان کيس 1920ع ۾ ، فرسٽ ڪلاس آنرري اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو ، جنهن منصب تي 1930ع تائين ڪم ڪندو آيو . بمبئي علائقي پاران ” سائمن ڪميشن “ کي مدد ڪرڻ لاءِ ، جيڪا ڪميٽي مقرر ٿي هئي ، ان جو هن کي چيئرمئن مقرر ڪيو ويو هو . ان ۾ ” سنڌ جي جدائيءَ “ واري سوال تي ووٽ نه ڪرڻ تي سنڌ ۾ گھڻو چوٻول پيدا ٿيو ۽ مٿس نقطه چيني ڪئي وئي . پوءِ عام راءِ جو احترام ڪندي ، هن سگھوئي پنهنجو رخ بدلايو ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن طرفان ٺهراءُ پاس ڪرائي، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ اجلاس طلب ڪرايائين . نومبر 1930ع ۾ ، لنڊن ۾ ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس لاءِ کيس سرڪار طرفان سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو . اتي سنڌ جي سوال تي غور ڪرڻ لاءِ برطانيه سرڪار طرفان لارڊ رسل جي چيئرمئنيءَ هيٺ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي ، جنهن تي سنڌ مان سر غلام حسين هدايت الله ۽ شاهنواز خان ڀٽو'>سر شاهنواز خان ڀٽو ميمبر هئا . ان ڪميٽيءَ ۾ هن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ پرزور تقرير ڪئي . تڏهوڪي بمبئيءَ جي گورنر جي هڪ تقرير مان ايئن معلوم ٿئي ٿو ته سکر بئراج اسڪيم کي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل دهليءَ کان منظور ڪرائڻ ۾ به سر شاهنواز خان جو وڏو هٿ هو . 1932ع ۾ ، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ علامه يوسف عليءَ جي صدارت هيٺ ” سنڌ آزاد ڪانفرنس “ ڪٺي ٿي . ڀٽو صاحب ان جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن هو . اتي ” سنڌ آزاد ڪانفرنس “ نالي سان قائم ڪيل جماعت جو کيس صدر چونڊيو ويو ، جنهن جو سيڪريٽري سيد ميران محمد شاھه هو 1924ع ۾ شاهنواز خان ڀٽي کي بمبئي سرڪار جو وزير چونڊيو ويو ۽ کيس لوڪل سيلف گورنمنٽ جو کاتو ڏنو ويو . جنهن عهدي تي 1936ع جي مارچ تائين رهيو . ان کان پوءِ هڪ سال لاءِ سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار ٿي رهيو . سنڌ ۾ جڏهن سائين جي . ايم . سيد 1934ع ۾ ” سنڌ پيپلس پارٽي “ نالي جماعت برپا ڪئي ته ان جو ليڊر شاهنواز خان ڀٽي کي چونڊيو ويو . سنڌ ۾ سياسي جماعتن ٺاهڻ لاءِ اها پهرين ڪوشش هئي . ان کان اڳ سنڌ جي پارليامينٽري سياست لاءِ مسلمانن ۾ ڪا جماعت ڪانه هئي . ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ گھڻو ڪري گورنرن يا وائسراءِ کي تقريرن ذريعي شڪايتون پيش ڪرڻ ۽ ٺهرائن پاس ڪرائڻ جي ايجنسي ٿي ڪتب ايندي هئي . سنڌ آزاد ڪانفرنس جو مقصد ’سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ‘ لاءِ ڪوشش ڪرڻ هو . ان وقت تائين سنڌ ۾ ، ڪن خاص با اثر شخصي گروهن ذريعي ڪم هلندو هو . جن ۾ هڪ گروھه سر غلام حسين هدايت الله جو هو ۽ ٻيو سر شاھنواز خان ڀٽي جو . 1936ع ۾ سنڌ جي جدا صوبي جي صورت اختيار ڪرڻ شرط وري سياسي پارٽين ٺاهڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿيون . هن دفعي سائين جي . ايم . سيد ، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي ، پنجاب جي يونينسٽ پارٽيءَ جي نموني تي ” سنڌ اتحاد پارٽي “ ٺاهي ، ۽ ٻنهي گروهن جي اڳواڻن کي ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست ڪئي . ٻنهي گروهن ان ۾ ان شرط تي شريڪ ٿيڻ قبوليو ته پارٽيءَ جو ليڊر سيٺ عبدالله هارون ٿيندو ، ۽ ڊپٽي ليڊر اهي ٻيئي ٿيندا . هي ٻيئي ڪنهن هڪ جي ليڊر شپ هيٺ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا . نيٺ 31 آڪٽوبر 1936ع تي ” اتحاد پارٽيءَ “ جو ڪنوينشن ٿيو ، جنهن ۾ آئين پاس ڪيو ويو . چونڊن مهل ، پارٽيءَ طرفان جڏهن ٻيو ڊپٽي ليڊر ، سيد ميران محمد شاھ مقرر ٿيو ، تڏهن سر غلام حسين وارو گروھ ڪنوينشن مان احتجاج طور اُٿي ويو ، ۽ وڃي ٻي جماعت بنايائون . اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر ڪجھه عرصو حاجي عبدالله هارون رهيو ، پر پوءِ ان استعيفيٰ ڏنائين ۽ ان جو ليڊر سر شاهنواز خان چونڊيو ويو ۽ حاجي عبدالله هارون ڊپٽي ليڊر طور ڪم ڪرڻ لڳو . اتحاد پارٽي غير جانبدار پارٽي هئي . سر غلام حسين واري مسلم ليگ سياسي پارٽي فرقيوار هئي . چونڊن ۾ شاهنواز خان ڀٽو'>سر شاهنواز خان ڀٽو ، ۽ حاجي عبدالله هارون ، ٻيئي ليڊر ، فرقيوار پروپگئنڊا جي زور سبب شڪست کائي ويا . پر چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا ، جن سر شاهنواز کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گورنر کي درخواست ڏني . کيس چونڊرائڻ لاءِ سائين جي . ايم . سيد پنهنجي استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو . ليڪن گورنر اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه جمهوريت جي روايتن جي خلاف هئي ته هڪ شڪست کاڌل ليڊر کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گھرائجي . نيٺ هن منٿ ڪري ، سر شاهنواز خان کي بمبئيءَ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبريءَ لاءِ رضامند ڪيو . سر شاهنواز خود دل شڪستو ٿي پيو هو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ سياست ۾ رهڻ نه ٿي گھريائين . 4 اپريل 1937ع تي ، سر شاهنواز ڀٽو پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو ، ۽ 1945ع تائين اُتي ڪم ڪندو رهيو . 1945ع کان جھوناڳڙهه اسٽيٽ ۾ ديوان مقرر ٿيو . جتي 1948ع تائين رهندو آيو . جڏهن جھونا ڳڙھه اسٽيٽ هندستان جي هٿ هيٺ آئي ۽ نواب آف جھونا ڳڙھه پاڪستان آيو ته هيءُ به ساڻس گڏجي هتي آيو . ڪجھه وقت تائين هتي به هو ديوان رهندو آيو ، پر پوءِ صحت جي خرابيءَ سبب ان منصب تان استعيفا ڏنائين . سر شاهنواز خان ڀٽي ٻه شاديون ڪيون هيون . پهرئين گهر مان امداد علي خان ۽ سڪندر علي خان فرزند ٿيس . اها گهرواري سندس حياتيءَ ۾ ئي اپريل 1950ع ۾ انتقال ڪري وئي . جڏهن ته سندس ٻي گهر واري 28 آڪٽوبر 1962ع تي وفات ڪئي ، جنهن مان کيس ذوالفقار علي خان ڀٽو 5 جنوري 1928ع تي ڄائو ، جيڪو انگلنڊ مان بئرسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري آيو . 1958ع کان جولاءِ 1966ع تائين پاڪستان حڪومت ۾ وزير جي عهدي تي رهيو . پوين سالن ۾ هو پاڪستان جو پرڏيهي وزير به رهيو ۽ پوءِ پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم ٿي رهيو . ( وڌيڪ ڏسو: ڀٽو ، ذوالفقار علي ) . سياسي مسلڪ: سر شاهنواز خان سنڌ جي ٻين سياستدانن وانگر عملي سياست جو مکيه رڪن هو ، جنهن ۾ اقتدار ذريعي ملڪي خدمت جي مقصد کي اڳيان رکيو وڃي ٿو . سندس سياسي پاليسي غير فرقيوارانه ۽ آبادگار طبقي جي حمايت واري هئي . هن 19-نومبر 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي ۽ ڳڙهي خدا بخش جي تاريخي قبرستان ۾ مدفون آهي .
1888.03.02 عيسوي
سر شاهنواز ڀٽو 2 مارچ 1888ع تي ڄائو
1957.11-19 عيسوي
سر شاهنواز ڀُٽي 19-نومبر 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي