
سر عبدالرشيد جسٽس
سر عبدالرشيد، جسٽس: پاڪستان جي پهرين ۽ ناليواري چيف جسٽس سر عبدالرشيد 29 جون 1889ع تي لاهور ۾ جنم ورتو، هو لاهور جي هڪ معزز ميان خاندان سان تعلق رکندو هو. هن ابتدائي تعليم لاهور جي سينٽرل ماڊل اسڪول مان ورتي تنهن بعد،گريجوئيشن جي ڊگري فارمين ڪرسچن ڪاليج ڪئمبرج لنڊن مان حاصل ڪيائين. 1913ع ۾ وطن واپس اچي لاهور ۾ قانون جي پرئڪٽس شروع ڪئي. مارچ 1925ع ۾ هو اسسٽنٽ ليگل رميمبرنسر، 1931ع ڌاري پنجاب حڪومت جو سرڪاري وڪيل ۽ 1933ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيو. ان کانپوءِ 1946ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو ۽ کيس”سَر“ جو لقب پڻ مليو. 15 آگسٽ 1947ع تي محمد علي جناح جڏهن پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل مقرر ٿيو، ان وقت سر جسٽس عبدالرشيد سينئر مسلم جج جي حيثيت ۾ کانئس حلف کڻايو. 27 جون 1949ع تي هن کي ترقي ڏئي پاڪستان جو پهريون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. هن 1954ع تائين اهو عهدو سنڀاليو. 28 مئي 1948ع کان 29 جون 1954ع تائين کيس ’کهڙو انڪوائري ڪميشن‘ جو صدر مقرر ڪيو ويو، هي 9 مهينن جي لاءِ پاڪستان جو گورنر جنرل پڻ رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هو فيملي لاز ڪميشن جو چئيرمئن مقرر ڪيو ويو.
هن 6 نومبر 1981ع تي وفات ڪئي. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي شھري اعزاز ’هلال امتياز‘ سان نوازيو ويو. ان کانپوءِ 2005ع ۾ حڪومت پاڪستان اسلام آباد دارالحڪومت جو 7 ايونيو روڊ (7 Avenue road) سندس نالي سان منسوب ڪيو، جنهن کي هن وقت جسٽس ميان سر عبدالرشيد ايونيو سڏيو وڃي ٿو.
1889.06.29 عيسوي
پاڪستان جي پهرين ۽ ناليواري چيف جسٽس سر عبدالرشيد 29 جون 1889ع تي لاهور ۾ جنم ورتو.
1947.08.15 عيسوي
15 آگسٽ 1947ع تي محمد علي جناح جڏهن پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل مقرر ٿيو، ان وقت سر جسٽس عبدالرشيد سينئر مسلم جج جي حيثيت ۾ کانئس حلف کڻايو.
1949.06.27 عيسوي
27 جون 1949ع تي هن کي ترقي ڏئي پاڪستان جو پهريون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو.
1981.11.06 عيسوي
هن 6 نومبر 1981ع تي وفات ڪئي.