
سر غلام حسين هدايت الله
سر غلام حسين هدايت ﷲ: سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ پهرئين گورنر سر غلام حسين هدايت الله، جنوري 1878ع تي شڪارپور شھر ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو هدايت ﷲ هو، جيڪو ڪشمير مان لڏي اچي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيو. سر غلام حسين پنھنجي ابتدائي تعليم مڪاني مدرسن ۽ بعد ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول مان ورتي. مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسي مان پاس ڪري پوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان گريجيوئشن جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ هن سنڌ گورنمينٽ لا اسڪول بمبئيءَ مان قانون جي ڊگري ورتي. 1905ع ڌاري حيدرآباد اچي وڪالت شروع ڪيائين. ٿوري ئي عرصي بعد هو ابتدا ۾ ميمبر ۽ پوءِ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو نائب صدر ۽ 1909ع ڌاري ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. هن 1912ع ڌاري پنھنجي عملي سياسي زندگيءَ جي شروعات؛ بمبئيءَ لئجسليٽو ڪائونسل جي حيدرآباد ضلعي جي لوڪل بورڊ جي تڪ تان چونڊ وڙهي ڪئي. هي 1921ع ڌاري بمبئي حڪومت ۾ لوڪل سيف گورنمينٽ کاتي جو وزير مقرر ٿيو. ان وقت هن لوڪل سيف گورنمينٽ ايڪٽ بمبئيءَ کي درست ڪري پاس ڪرايو، جنهن ۾ ڪيترائي سڌارا آندائين. سنڌ ۾ آدم شماريءَ جي لحاظ کان مسلمانن کي لوڪـلبـورڊ ۾ نمائـندگـي وٺي ڏنائين. 1923ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد ضلعي مان ميمبر چونڊيو ويو ۽ لاڳيتو وزير رهندو آيو. 1927ع ڌاري پي.ڊبليو.ڊي (PWD) جو وزير ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پهريان هن کي ’سر‘ جو خطاب ۽ پوءِ K.C جو لقب ڏنو ويو. 1928ع ۾ کيس بمبئي سرڪار ۾ اضافو ڏئي ايگزيڪيوٽوِ ڪائونسل جو ميمبر ڪري رکيو ويو، انهن ڏينهن ۾ حڪومت جو ڊائرڪي (Diarchy) سرشتو لاڳو هو، جنهن ۾ ڪي کاتا ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن کي ڏنا ويندا هئا، جن کي وزير سڏيو ويندو هو. مکيہ کاتا تجربيڪار سرڪاري آفيسرن يا تجربيڪار پراڻن وزيرن کي ترقيون ڏيئي ڏنا ويندا هئا، انهن کي ’ايگزيڪيوٽو ميمبر‘ سڏيو ويندو هو. 1932ع ۾ سر غلام حسين هدايت ﷲ کي بمبئي سرڪار جي مشھور خزانہ ميمبر ’سر گووندراءِ پرڌان‘ جي جاءِ تي خزانہ ميمبر جي ڪم جي چارج ڏني وئي. ٻئي سال 1933ع ڌاري برطانيا سرڪار طرفان کيس KCSI (نائيٽ ڪمانڊر اسٽار آف انڊيا) جو خطاب مليو. بمبئي سرڪار طرفان 1930ع واري گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ کيس موڪليو ويو، اتي هن بيمار هئڻ جي باوجود سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي فائدي ۾ پُرزور تقرير ڪئي. 1934ع ۾ زميندارن طرفان سنڌ جو عيوضي ٿي، وائسراءِ جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو. بمبئي سرڪار ۾ کيس 1933ع ۾ هڪ سال لاءِ وڌيڪ ايگزيڪيوٽو مـيمـبـر جي عـهـدي تي مـقـرر ڪيو ويو، جـتان 1934ع ۾ رٽائر ٿيو. 1934ع ۾ ئي سنڌ جي زميندارن پاران مرڪزي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ جدا ٿي تہ هن هڪ سال لاءِ ’ايڊمنسٽريٽو ڪائونسل‘ جو چيئرمئن ٿي ڪم ڪيو. 1937ع جي چونڊن ۾ هيءُ مسلم پوليٽڪيل پارٽيءَ طرفان سنڌ اسيمبليءَ تي زمـيـندارن طـرفان چـونڊجـي آيـو. اتحـاد پـارٽـيءَ جي مکيہ اڳواڻن سـر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون کي چونڊن ۾ شڪست ملڻ ڪري گورنر سنڌ هن کي تجربيڪار سياستدان ۽ مدبر سمجهي وزارت ٺـاهـڻ لاءِ گهـرايو. سندس ان پهرين وزارت ۾ مير خان ٽالپر'>بندہ علي خان ٽالپر ۽ مکـي گوبنـدرام وزيـر هئا. سـندس پارليامينٽري سيڪريٽرين ۾ ديوان بـهـادر هيـراننـد، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سـنـڌي ۽ سيد ميران محمد شاھہ هئا. ان وقت ديوان بھادر ڀوڄسنگهہ، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. ان پهرين سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽيءَ وارا مخالفت ۾ ويٺا، جن گڏجاڻيون ڪري عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کانپوءِ ڪجهہ وقت اڳتي هلي سر غلام حسين هدايت ﷲ جي وزارت کي ٻن ڳالهين جو مقابلو ڪرڻو پيو. هڪ تہ مسلمان نوجوان گروھہ جي راءِ هئي تہ جلد ڪي سنڌ جي ڀلي جا بل پاس ڪيا وڃن ۽ سڌارا آندا وڃن. ٻيو تہ سڄو بار سر غلام حسين جي سر تي هو، جنهن کانپوءِ ڪجهہ سياسي ناراضگيون ۽ غلط فهميون وڌي ويون ۽ سر غلام حسين پنھنجي پوئلڳن سان وڃي مخالفت ۾ ويٺو. سر غلام حسين ساري زندگي پارليامينٽري سياستدان ٿي رهيو هو. نئين طرز جي پارٽي پروپگينڊا وغيرہ سان مانوس نہ هو. 1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سر غلام حسين هدايت ﷲ سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو، ان کانپوءِ هو جلد ئي بيمار ٿي پيو ۽ 4 آڪٽوبر 1948ع تي وفات ڪيائين. کيس ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاھہ ۾ دفن ڪيو ويو.
سر غلام حسين هدايت ﷲ ٻہ شاديون ڪيون، پهرين گهرواريءَ مان کيس هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو ۽ ٻي زال بيگم صغرى هدايت ﷲ مان کيس چار پٽ ٿيا، جن مان سندس پٽ منور حسين، حُرن هٿان ’لاهور ميل‘ ڪيرائڻ واري حادثي ۾ مارجي ويو هو.
1948.10.04 عيسوي
سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ پهرئين گورنر سر غلام حسين هدايت الله، جنوري 1878ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. 4 آڪٽوبر 1948ع تي وفات ڪيائين. کيس ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاهه ۾ دفن ڪيو ويو.