سر وليم جونز: انگريز قانوندان ۽ لسانيات جو ماهر سر وليم جونز، جنهن کي برطانيه ۾ ايشين اسٽڊيز جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو، 1746ع ڌاري لنڊن ۾ پيدا ٿيو. هن ننڍي هوندي کان ئي مختلف ٻولين سکڻ ۾ دلچسپي ورتي. هن هڪ عرب شهريءَ کان عربي زبان ڳالهائڻ سکي. وليم جونز فارسي ۽ اطالوي ٻوليءَ ۾ به خوب مهارت حاصل ڪئي. هي هسپانوي، پرتگيزي، عبراني، ترڪي ۽ ٻين ڪيترين ئي زبانن جو علم ڄاڻندو هو. هن فارسي شاعر حافظ شيرازيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ڪيو ۽ فرانسيسي، انگريزي ۽ لاطيني شاعريءَ تي گھڻا مقالا شايع ڪيا. 1772ع ڌاري هي برطانوي اداري رائل سوسائٽيءَ جو فيلو منتخب ٿيو ۽ 1773ع ۾ سيموئل جانس جي لٽرري ڪلب جو رڪن بڻيو. وليم جونز 27 سالن جي عمر ۾ انگلنڊ ۾ وڏو ايشيائي محقق بڻجي ويو. هن 1778ع ۾ ڪلڪتي ۾ برطانوي هاءِ ڪورٽ ۾ جج جي عهدي لاءِ درخواست ڏني، پر اها درخواست ڪافي سال التوا جو شڪار رهي، جو هي آمريڪا ۾ نئين آبادي خلاف جنگ جو شديد مخالف هو، پر مارچ 1783ع ۾ هن کي جج جو عهدو ۽ نائٽ جي خطاب سان نوازيو ويو ۽ هي هندستان روانو ٿيو. جنوري 1784ع ۾ وليم جونز بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو ۽ ان جو تاحيات صدر رهيو. هن 1788ع ڌاري ’ايشياٽڪ ريسرچز‘ نالي رسالو شروع ڪيو ۽ پهرين چئن جلدن ۾ وڌ کان وڌ لکڻيون هن جون ئي هيون. 1785ع ڌاري هن سنسڪرت جو مطالعو شروع ڪيو ۽ اڳئين سال بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي صدارتي خطبي ۾ هن سنسڪرت کي يوناني ۽ لاطيني ٻولين جي وڌيڪ ويجھو ڄاڻائيندي انهن جي گڏيل ماخذ جو امڪان ظاهر ڪيو. هن اها راءِ به ڏني ته گوٿڪ، ڪيلٽڪ ۽ فارسي زبان هڪ ئي لساني خاندان سان تعلق رکنديون هيون، جن کي اڄ انڊو-يورپين ٻوليون چيو وڃي ٿو. وليم جونز 1789ع ۾ پهريون دفعو عظيم هندستاني شاعر ڪاليداس جي ناٽڪ ’شڪنتلا‘ جو انگريزي ترجمو ڪيو. هن ڪجھه ٻين سنسڪرت تحريرن جا ترجما به ڪيا، جنهن ۾ ’منو شاستر‘ به شامل آهي. وليم جونز 1794ع ۾ وفات ڪئي.