سر پرڀاتي

سر پرڀاتي

سر پرڀاتي

سر پرڀاتي (ڪتاب): هي ڪتاب 2009ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي شاھہ لطيف جي سر پرڀاتيءَ بابت پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ج. ع. منگهاڻي، سوز هالائي، جاويد شيخ، ارباب نيڪ محمد، ڊاڪـٽـر ام ڪلثوم شاھہ، پروفيسر موهن لال پريمي، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، گوهر سنڌي، زيب نظاماڻي، حافظ حبيب سنڌي، محمد ابراهيم سنڌي، ڊاڪٽر فيض جوڻيجي، حزب آءِ. سومري، رسول بخش تميمي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، جمن شاھہ ۽ سرمد چانڊيي، نظير ناز، اعجاز ممنائي، پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ، علي نواز ڀنڀري، مظهر علي، بشير احمد سومري، عنايت حسين لغاري، محمد سليم نظاماڻي، اعجاز احمد ميمڻ، ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، ثاقب سومري، عـبدالقـادر چاچـڙ، ڪريم عباسي، پرھہ جان راڄـپر، نياز احـمـد راڄـپـر، منٺار ملاح، محمد خان زرداري، نجمه شيخ، ممتاز علي ڪنڀر، محمد سلطان نعيمي ۽ محمد اياز قريشيءَ جا مضمون ۽ مقالا شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 320 صفحن تي مشتمل ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي 2010ع ۾ ڇپايل هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي.


لفظ سر پرڀاتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو